حسين جوڻيجو
سينيئر رڪن
تو جو رت ساڻ مون کي آ وهنجاريو
(شاعر؛ آفتاب ڪلوئي)
سو وساري ڇڏيان ڪيئن او رهزن،
تو جو رت ساڻ مون کي آ وهنجاريو.
ناهين منهنجو ۽ منهنجو نٿو ٿي سگهين،
ڪيئن رهزن مان رهبر ٿو بڻجي سگهين.
خون جا داغ منهن تان نه ڌوتا اٿئي،
تنهنجي چهري کي آ وقت ٿوڪاريو.
تنهنجي دهشتگردي ڪانه وسري اٿم،
تنهنجي محسن ڪشي ڪانه وسري اٿم.
ڪالهه تحفا ڪري لاش مون ڏي مڪئي،
تو ئي ڇاتين کي ڇاپن سان وهنجاريو.
قوم پنهنجي جي قاتل کي بخشي ڇڏيان،
تنهن کي پنهنجو چئي تنهن جي پويان هلان.
ڇونه تنهن کان اڳي زهر کائي مران،
جي مران ته پوءِ توکي نه ڇو ماريان.
منهنجون بستيون لٽي آڳ لاٿي اجهن،
بک بندوقن بنايا تو ڪيئي بدن.
ڪالهه منهنجي ڳچي ۾ تو چنبا وجهي ،
آڻي مونکي اڏي تي آ بيهاريو.
سو وساري ڇڏيان ڪيئن او رهزن ،
تو جو رت ساڻ مونکي آوهنجاريو.
(شاعر؛ آفتاب ڪلوئي)
سو وساري ڇڏيان ڪيئن او رهزن،
تو جو رت ساڻ مون کي آ وهنجاريو.
ناهين منهنجو ۽ منهنجو نٿو ٿي سگهين،
ڪيئن رهزن مان رهبر ٿو بڻجي سگهين.
خون جا داغ منهن تان نه ڌوتا اٿئي،
تنهنجي چهري کي آ وقت ٿوڪاريو.
تنهنجي دهشتگردي ڪانه وسري اٿم،
تنهنجي محسن ڪشي ڪانه وسري اٿم.
ڪالهه تحفا ڪري لاش مون ڏي مڪئي،
تو ئي ڇاتين کي ڇاپن سان وهنجاريو.
قوم پنهنجي جي قاتل کي بخشي ڇڏيان،
تنهن کي پنهنجو چئي تنهن جي پويان هلان.
ڇونه تنهن کان اڳي زهر کائي مران،
جي مران ته پوءِ توکي نه ڇو ماريان.
منهنجون بستيون لٽي آڳ لاٿي اجهن،
بک بندوقن بنايا تو ڪيئي بدن.
ڪالهه منهنجي ڳچي ۾ تو چنبا وجهي ،
آڻي مونکي اڏي تي آ بيهاريو.
سو وساري ڇڏيان ڪيئن او رهزن ،
تو جو رت ساڻ مونکي آوهنجاريو.