• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪرين ريڪارڊنگ جا مختلف سافٽويئر

ابو زين

سينيئر رڪن
جناب! مان ڪيم ٽيشيا(ڪيم اسٽوڊيو) جو يوزر آهيان واه جو سافٽ ويئر آهي. پر ان ۾ اسڪرين ڪيپچرنگ جي ڪوالٽي ٿوري گهٽ آهي. مطلب اگر مان پنهنجي اسڪرين ڪيپچرنگ ڪري پريميئر ۾ لڳائيندس ته رينڊرنگ کان پوءِ ان جو فريم شيڪ ٿيندو هو. ان پرابلم تي مان گهٽ ۾ گهٽ 5 ايڊيٽنگ جا سافٽ ويئر ڪتب آندا پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. نيٺ سنڌي جڳاڙ ڪري مان ان جي ايڊيٽنگ ونڊور مووي ميڪر ۾ ڪري ان کي ڊاريڪٽ ڊي ويءَ تي ٽرانسفر ڪندو آهيان.
اهو آهي پنهنجو سنڌي دماغ..... هتان وارو اسان جو ايڊيٽر ته صفا پريشان ٿي پيو هو....... پر مان سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو.
 
فاڪس وڊيو اسٽوڊيو۔۔۔۔۔

تمام بهترين سلسلو شروع ڪيو اٿوَ ادا ابوزين۔۔۔۔۔
هتي هڪ سافٽويئر جو مان به ذڪر ڪندس۔۔۔۔۔ هي آهي فاڪس وڊيو اسٽوڊيو۔۔۔

6l2ed80.jpg

هي پروگرام ڊجيٽل ميڊيا جون سموريون ڳالهيون پوريون ڪري ٿو۔۔۔۔ هن جي ذريعي توهان وڊيو ڪيپچرنگ ۽ ڪنورٽنگ کان سواءِ وڊيو جي سپلٽنگ ۽ برننگ پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ هي هڪ طاقتور ٽول آهي جنهن جي ذريعي سڪرين ريڪارڊنگ سان گڏو گڏ آواز کي پڻ شامل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هن جي ذريعي سي ڊي يا ڊي وي ڊي پنهنجي لڳايل مينوز سان رائيٽ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
پنهني پسند جي ويب سائيٽ تي لڳائڻ جي لاءِ ڪهڙي به وڊيو کي ڪهڙي به فارميٽ ۾ 4 طريقن سان آرام سان ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
هي پروگرام هيٺين فارميٽس کي تسليم ڪري ٿو۔۔۔۔۔

AVI (Divx, Xvid, Etc), MPEG 1,2 And 4, Quicktime, Real Video, WMV, DVD, SVCD And VCD
 
CaptureWizPro v4.30

نيٽ گردي ڪندي ڪندي اڄ هڪ نئين سافٽويئر تي نظر پئي سٺو لڳو ته سوچيم سنگت کي به ٻڌايان.... هي آهي CaptureWizPro v4.30....

2510fcapturewizpro.jpg

هي هڪ زبردست قسم جو سافٽويئر آهي جنهن جي ذريعي توهان سڪرين تي موجود سمورين شين جي تصوير وٺي سگهو ٿا.... ايسيتائين جون ننڍڙا ننڍڙا آئيٽم ، سڪرولنگ بار، ڊراپ ڊائون لسٽس، مائوس پوائينٽر ۽ سڪرين سيورز جي پڻ تصوير ڪشي ڪري سگهو ٿا.... ان کانسواءِ بهترين پرفارمنس ڏيکاريندڙ وڊيو سٽريمنگ ريڪارڊر پڻ هن جو زبردست ٽول آهي.... جنهنجي آئوٽ پٽ رزلٽ توهان WMV, AVI ۽ Gif ۾ پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا...

ته پوءِ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ هاڻي ئي آزمائي ڏسو....
 
Back
Top