سنڌ جا رهجي ويل منظر قدرتي آفتون گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏينديون آهن، انهن اوچتو آيل آفتن جي ڪري نه رڳو ماڻهن جو معاشي نقصان ٿئي ٿو، پر اهي اثر زمانن تائين ذهنن تي اثر انداز ٿيندا رهن ٿا. هيلوڪي آيل ٻوڏ به اهڙو اثر ڏيکاريو جو ڪافي دوستن کان لکڻ پڙهڻ به وسري ويو. ڪتابن ۽ قلم سان دوستيون ختم ٿي ويون، سڄي سنڌ ۾ هزارين دردن جا داستادن هئا پر لکي ڪير؟ ٻوڏ کي ٻه مهينا گذري ويا پر ذهن تي ساڳيون ڪيفيتون سوار آهن. اڃا تائين نه ٻنين مان پاڻي سڪو آهي، نه اکين مان! شهر خالي ۽ ڳوٺ سنسان آهن. ”ٻُري نه ٻڪر دانهن، ڀوڻ ڀڻڪو نه سڻان“ واري صورتحال آهي. خالي رستا ۽ اداس گليون ڪنهن جا پنڌ پڇائين پيون. هيل نه ڪو واهوندن ۾ وريو ۽ نه ئي لابارن جي مند ۾ لوڪ ستي لڙي آيو. بس نيڻ نير وهائي رهجي ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ ڏياري به خاموشيءَ سان گذري ويئي ۽ قربانيءَ واري عيد اچڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن وڃي بچيو آهي. ماڻهن کان خوشي ۽ خريد به وسري ويئي آهي. خبر نه آهي ڪير ڪٿي آهي؟ پڇائون مري ويون ته پتا به ٻڏي ويا! اوچتو آيل ٻوڏ ۾ ڪو حيدرآباد حوالي ٿيو ته ڪو پارڪر جي پٽن تي پهتو. ڪنهن ڪراچيءَ جي ڪيمپ جهلي ته ڪنهن وڃي ٿر جا وڻ وسايا. انهيءَ مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪئين دوستيون ۽ سڳيون مائٽيون به ڪم نه آيون. خبر نه آهي ته هوءَ ڊگهي قد ۽ اداس اکين واري ڇوڪري حيدرآباد جي ڪئمپ خالي ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ڪٿي آهي؟ کيس پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب ملي ٿو يا پنهنجي ڳوٺ کان ڏاڍو ڏور ماضيءَ جي يادن سهاري پنهنجو وقت گذاري پئي. ”بارش ڇا ٿي سوچي“ جو خالق ننگر پارڪر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پهچڻ کانپوءِ هن وقت ڪهڙي صورتحال ۾ هوندو! ڪا شاعري سرجيندو هوندو يا ٿوهرن سان ياري رکي ڇڏي اٿس؟! لتا منگيشڪر جهڙو درد ڀريو آواز رکندڙ هوءَ ڪهڙي رڻ پٽ ۾ رلي ويئي، جيڪا 3 ڏينهن بکئي پيٽ پيرين پيادل پنڌ ڪري ٿر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پهتي هئي. جڏهن ته سندس سڄو ڳوٺ پندرهن فوٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو هو. هجومن ۾ رهندڙ انهيءَ ڪاليجي استاد جو به ڪو پتو ناهي، جيڪو عيد ڪرڻ ڳوٺ ويو هو پر اڃا تائين واپس نه وريو آهي. ٽيچرس روم ۾ سندس ٽهڪن جا پڙاڏا اڄ به موجود آهن پر ڪاليج جو ڪاريڊور ۽ ڪلاس روم جون ڪرسيون ان کانسواءِ اداس آهن. اهڙا ڪيترائي ڪردار گم آهن، زنده ماڻهو ته موٽي ملندا پر پاڻيءَ جي بي رحم ڇولين جي ور چڙهي ويلن جو ته ڪو پتو ناهي. انهن جو انتظار ته سالن تائين رهندو، جن جي خبر نه آهي ته زنده آهن يا هميشه لاءِ هليا ويا؟ ائين ڏياريءَ کانپوءِ ايندڙ عيد تي به ڪيترائي انتظار، انتظار ئي رهجي ويندا. ڪنهن جي من مندر ۾ اميدن جا ڏيئا اڃا به ٻرندا، ته ڪي آسرا پليندا ۽ دلين جو درد وڌندو ويندو. هيل ٻنين ڀيلاڙ ٿيڻ جي مند ۾ دليون ڀيلاڙ ٿينديون. سياري رت ۾ سهرا ٻڌڻ وارا سپنا ساڀيان نه ماڻي سگهندا، جنهن ڪري ڪٿي به ڪو ڪجليو لاڏو ۽ لوڪ گيت نه گونجندو! سياري جون سرد ۽ ڊگهيون راتيون سر هيٺان ٻانهن ڏيئي اڪيليون گذارڻيون پونديون ۽ هن سان هيل ملڻ واريون حسرتون، حسرتون ئي رهجي وينديون. کليل آسمان ۽ جهريل جهوپڙين ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرين جي سورن ۾ سيارو وڌيڪ اضافو ڪندو. اتر واءُ جي سٽ نه سهي ڪيترائي ابهم ٻارڙا ۽ پيرسن موت جي منهن ۾ هليا ويندا. لکين بي گهر بنيل ماڻهن جي موٽ اباڻن اجهن ڏانهن ٿيڻ ۾ اڃا به ڪيترائي مهينا لڳندا. واپس ورڻ مهل سندن ڊٺل گهر وري ٺاهڻ ۾ به ڪيترو ئي وقت لڳندو. سڄي زندگي پورهيو ڪري گڏ ڪيل سرمايو تباهه ٿيڻ کانپوءِ هاڻي وري ايتري ٻي زندگي ته نه ملندي ۽ نه ئي منجهن پورهيو ڪرڻ جي ڪا طاقت هوندي. پر هاڻي هو ڪئمپن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ کانپوءِ وطن ورڻ لاءِ آتا آهن، رڳو پاڻي کين وڃڻ لاءِ رستو ڏي. هاڻ ته هنن وٽ کائڻ لاءِ صرف پوليس جون لٺيون ۽ پيئڻ لاءِ ڳوڙها بچيا آهن. سندن سار لهڻ يا دم دلاسو ڏيڻ وارو ڪو به نه آهي. امدادي سامان به سفارشن جي ور چڙهيل آهي. جيڪو سامان با اثر ماڻهو گاڏيون ڀرائي پنهنجن گهرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. غريب ماڻهن جو نالو نه سرڪاري نه غير سرڪاري ادارن جي لسٽ ۾ داخل آهي. سندن شناختي ڪارڊن تي ووٽن وانگر وڏيرا آيل امداد به کائي ويا آهن. هو ماروئڙا فقيرن ڪنهن به در دانهن نٿا ڏين، بس ايترو چون ٿا ”ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان“. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌ جون سموريون سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ دل ۾ درد رکندڙ ماڻهو گڏجي هن انتهائي اهم مسئلي جو ڪو مستقل حل ڳولين. بدحال بنيل مظلوم متاثرن جو سهارو بنجي کين هن بدترين صورتحال مان ٻاهر ڪڍي اجڙيل سنڌ کي وري آباد ڪن.۔
جواب: سنڌ جا رهجي ويل منظر۔۔۔۔ بهترين ليک سنڌ جي حالت تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاء ڪا پلاننگ نظر ڪانه پئي اچي۔ واقعي ڪي منظر اڌورا اڌورا رهجي ويا آهن ۔۔۔
جواب: سنڌ جا رهجي ويل منظر۔۔۔۔ بهترين ليک سنڌ جي حالت تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاء ڪا پلاننگ نظر ڪانه پئي اچي۔ واقعي ڪي منظر اڌورا اڌورا رهجي ويا آهن ۔۔۔