جواب: هڪ تنهنجو مٺو ڀڻڪو، (بخاري)
ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔استاد بخاري جي بهترين ۽ نازڪ احساسن تي مشتمل شاعري هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي توهان هڪ شاباس وارو عمل ڪيو آهي۔توهان جي نظر شاه عبدالطيف سائين جون هيئي رمز ڀريون چند لائينون۔
سڄڻ تون نه ڇهڏيج۔۔۔۔۔۔ آئون جيان تو آسري،
سڀئي پاڙون سور جون۔۔۔ هڪ لحظي منجھ لڻيج۔
هڪ تو نه منهن مٽيج۔۔۔۔۔ ٻيو لوڪ مٽيو ته گهوريو۔
دنيا سڀ درياه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪو ڪو تارون تنهن ۾۔
هڪڙي لهر لوڀ جي۔۔۔۔ٻيو آتش جو آڙاھ،
ٍجن ريجهايو الله۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سي تري ويا هن تار مان۔
هميشه خوش رهو ۽ سٺن سٺن ليکن سان هن محبتي فورم تي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندا رهو۔