ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي! ( شيخ اياز )

'شيخ اياز' فورم ۾ حسين جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2011۔

  1. حسين جوڻيجو

    حسين جوڻيجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي!
    هيءَ ڪا ته سُريلي آگ هئي، هيءَ ڪا ته ڀَري برسات هُئي!

    هي آڌيءَ آيل سپنا ها، جي جاڳَ ـ جَلايل سپنا ها،
    ڇا رِم جھِم رِم جھِم رُوپ هُيا! ڇا برکا رُت جي رات هُئي!

    ڇا چڻنگون چڻنگون چنگَ هُيا! ڇا تِن ۾ آگَ ــ اُمنگَ هُيا!
    ٿي ڇا ڇا جَرڪا جيءَ ڏنا، ڇا تو کي پنهنجي تات هُئي!

    ڪنهن ڪونه سُڃاتو ڳاتي کي، هِن ڌرتيءَ جي مڌماتي کي،
    هُو ڪير هُيو! ڪيڏانهن ويو! ڪا ڀيد ڀري هيءَ بات هُئي!

    جي دل جا داوَ سُڃاڻين ها، تُون ڄاڻين ها، تُون ڄاڻين ها!
    جا مات هئي سا جِيت هئي، جا جيت هُئي سا ماتِ هئي!

    تون هونءَ ته جھُونا ساز ڏنا، پر ڇا نه نوان آواز ڏنا!
    تو ڇا ڇا گيت ”اياز“ ڏنا، ڇا ڏاتر تنهنجي ڏات هُئي!
     
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي! ( شيخ اياز )

    واه واه ادا بهترين چونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو