منهنجي ڪمپيوٽر ۾ جڏهن انٽرنيٽ هلائيندو آهيان ته پيج ان ريسپانسو ٿي ويندو آهي۔ ان ڪري ٻه پروگرام به هلائي نه سگهندو آهيان۔ اگر سنڌ سلامت فورم هلايان ته فيس بڪ يا ٻيو ڪو پروگرام ٻي ٽيب ۾ هلائڻ سان پيج ان ريسپانسو ٿي ويندو آهي۔ انٽرنيٽ جي اسپيڊ به تمام سٺي آهي۔۔۔۔ ان مسئلي جو ڪو حل ٻڌايو۔۔۔
جواب: مسئلي جو حل گهرجي؟ ادا توهان اسڪرين شاٽ موڪليو ها ته مسئلو بهتر طريقي سان سمجهجي ها۔۔ بحرحال پنهنجي انداز مطابق سوچجي ته ڇا توهان وٽ هي ايرر ٿو اچي۔۔۔ جيڪڏهن ايرر اهو ئي آهي ته توهان کي ڪجهه اضافي سافٽويئر ڊس ايبل ڪرڻا پوندا۔۔ جيئن IDM پر ان کي مڪمل ڊس ايبل ڪرڻ بجاءِ ان جي جنرل آپشن ۾ وڃي ۔۔ Advanced browser integration ڊس ايبل ڪريو۔۔ ان کانسواءِ اسٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو۔۔ Start > Run هتي system32 لکي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔ کلندڙ ونڊوز مان userlib.dll, tcpipdog0.dll, tcpipdog1.dll, and tcpipdog3.dll ۽ userinit32.exe فائيلون ڳوليو ۔۔ جي موجود ملن ته ڊليٽ ڪري ڇڏيو۔۔ جي ڊيليٽ نه ٿين ته هي سافٽويئر استعمال ڪريو۔۔۔ ۽ جيڪڏهن توهان وٽ هيٺين اسڪرين شاٽ جهڙو ايرر آهي ته ۔۔۔ ته هي ايرر گوگل ڪروم ۾ موجود بلٽ ان فليش پليئر بابت ٿي سگهي ٿو۔۔۔ توهان موجوده ورجن کي ريموو ڪري گوگل ڪروم جو تازو ورجن انسٽال ڪريو۔۔۔
جواب: مسئلي جو حل گهرجي؟ سائين رن ُ۾ سسٽم 32 لکيو ليڪن اتي توهان جا ٻڌايل هي لفظ موجود نه هئا۔ ۽ Advansed Browseer Intigration ڪٿي هوندو۔
جواب: مسئلي جو حل گهرجي؟ ادا جان عالم توهان جو فليش پليئر جو ورجن پراڻو آهي ان ڪري توهان ان مسعلي کي منهن ڏئي رهيا آهي۔ منهنجي توهان کي اهائي صلاح آهي ته گوگل ڪروم کي ريمو Uninstall ڪري ٻيو نئون ورجن ڊائون لوڊ ڪري ان کي انسٽال ڪريو۔ نئون ورجن ڊائون لوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت