پيار ۽ آزاديءَ جو شاعر سرڪش سنڌي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    يوسف سارنگ

    هن ملڪ جي ايڪهٺ سالا ڄمار خيرن سان سنڌ کي المين جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آهي. سياسي، معاشي، اقتصادي ۽ سماجي لحاظ کان ته سنڌ کي پنهنجي تاريخي محور کان ٿيڙي، خطرناڪ صورتحال جو شڪار بڻايو ويو آهي. ڳالهه رڳو اتي ئي نٿي کٽي، سنڌ جا اهي اديب، جيڪي پنهنجيءَ سڄيءَ ڄمار ۾ رڳو ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندا رهيا آهن، جن اديبن ۽ شاعرن جو قلم سنڌ وطن جي مٽيءَ کي بسجود رهيو آهي. انهن اديبن ۽ شاعرن کي به ننڌڻڪو ڪري، سنڌ جي شعور کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي ته، سچ کي اهميت ڏيڻ جي کين سزا ضرور ڀوڳڻي پوندي ۽ سنڌ جو سرڪش سنڌي به اهڙي ئي سزا جي پلصراط تان گذري رهيو آهي. سرڪش سنڌي بيماريءَ جي بستري تي پيل ناهي پر هو سرڪار جي بيحسيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي. هڪڙو اهڙو ٽياس، جيڪو پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ قلمڪارن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي آڏو اچڻو آهي.

    سرڪش سنڌي پنهنجيءَ سڄيءَ ڄمار ۾، سنڌ جي سونهن ۽ آزادگيءَ جا گيت سرجندو رهيو. هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي نه رڳو سنڌ جي اهنجن، سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جي عڪاسي ڪندو رهيو آهي پر، سنڌ جي هن سرڪش سنڌيءَ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي هٿن ۾ مزاحمت جي چيچ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته سرڪش ڄاتو ٿي ته، جڏهن جبر جو مانگر مڇ مڇرجي ڪمزورن کي ٿونا هڻڻ لڳي، تڏهن مظلومن ۽ محڪومن کي مورڙو بڻجي، جبر جي خونخوار مڇ جي ڪاڪڙي تائين مزاحمت جا سوئا هڻڻا پوندا آهن. جيڪڏهن اهو چئجي ته سرڪش سنڌ جي روايتي سونهن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر آهي، ته اهو غلط نه هوندو. هونئن به اڄوڪي دور ۾، يا اهڙي دور ۾، جڏهن سنڌ جي قلمڪارن جي گهڻائي پنهنجي قلم کي سرڪار جي حضور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل هجي، تڏهن سرڪش جهڙن ارڏن شاعرن جي اهميت ان ڪري به وڌي ويندي آهي، جو اهي پنهنجو قلم سنڌ جي ڪارڙن ۽ ڪوجهڙن ماروئڙن جي امانت سمجهيو، مٽيءَ جي محبت جا گيت سرجڻ لڳندا آهن. توهان ڏسو، هي جيڪي اڄوڪا سنڌ جا اديب آهن، انهن وٽ سنڌ ڳولئي ڪا نه لڀندي. انهن پنهنجي قلم کي سرڪار جي خوشنوديءَ لاءِ لگزري زندگي گذارڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. دراصل اهي اديب، جيڪي سنڌ جي سونهن جا انڪاري آهن، سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌي ماڻهن جي مشڪلاتن جي سببن تي پڙدا وجهي، سرڪار کي پيغام ڏئي رهيا آهن، ته اسان به ڪوڙ جي قلعي ۾ ڪڏون پيا ۽ توهان جو ڪم ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري اسان جي خالي جهوليءَ تي به نظرِ ڪرم ۽ نظرِ عنايت ڪيو.

    جيتوڻيڪ سنڌ جي اديبن جو ڪردار هڪڙو ڌار بحث آهي ۽ اهو بحث ٿيڻ به گهرجي. اديبن جي ڪردار تي بحث ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي موجوده حالتن ۾ سنڌي اديبن جي گهڻائيءَ جو، جيڪو ڪٽيءَ کائڻ جهڙن مجنن جو ڪردار آهي، انهن کي عوام جي عدالت ۾ آڻي بيهارڻ کپي. عوام کي ڄاڻڻ گهرجي هي جيڪي ڳاڙهن ڳلڙن جا اسير اديب آهن، اهي شاعريءَ کي ذهني عياشيءَ جو ذريعو بڻائي، ترقي پسنديءَ جي نالي تي رجعت پسنديءَ کي هٿي پيا وٺرائين. بدقسمتيءَ سان سنڌي ادبي سنگت، جيڪا ترقي پسند اديبن جي تحريڪ هئي، اها به اڄڪلهه سرڪار جي خوشنوديءَ ۾ جُتيون گسائيندڙ اديبن جي هٿ چڙهي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت جي موجوده قيادت سنڌ سان محبت جي سزا ڀوڳيندڙ سرڪش سنڌيءَ کي به وساري ويٺي آهي. جيتوڻيڪ سرڪش سنڌيءَ جي علاج لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو. سنڌ جي ثقافت کاتي تي پريشر وجهڻ لاءِ ادبي سنگت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته جيئن سرڪش سنڌيءَ جو بهتر علاج ٿي سگهي پر ائين نه پيو ڪيو وڃي. دراصل سنڌي ادبي سنگت پنهنجي عمل ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته هاڻي اها ادبي سنگت ناهي رهي، جيڪا سنڌ جي مسئلن تي مزاحمت جو ميدان بڻجي ويندي هئي. اڄوڪي ادبي سنگت ته اهڙن ڪردارن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي ادبيات اڪيڊمي کي يادداشت نامو پيش ڪندي چون ٿا ته پارليامينٽ جي قرارداد تحت اڙدو ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو واعدو پاڙي، چئني صوبائي ٻولين کي به لاڳاپيل صوبن جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. اها ادبي سنگت آهي، جيڪا اڄڪلهه پنهنجو =سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ - وارو الئه ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پئي.

    بهرحال پنهنجو اڄوڪو موضوع اهي اديب ناهن ۽ نه ئي موجوده حالتن ۾ اديبن جو ڪردار آهي، تنهنڪري ڪنهن ٻئي مضمون ۾ سنڌ جي اديبن جي معاشرتي ذميوارين ۽ هاڻوڪي سندن ڪردار تي ضرور لکبو ۽ لکڻ به کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي هن وقت سرڪش سنڌيءَ جهڙن اديبن جي ضرورت آهي. سنڌ کي شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي ۽ نياز همايونيءَ جهڙا شاعر کپن. اهڙا شاعر کپن، جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي چئي سگهن ته:

    هن آپگهات کان بهتر آ،
    هو توکي ڦاهيءَ چاڙهن ها.
    ڪنهن گهاڻي ۾ پيڙهن ها،
    ۽ تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهن ها.

    سنڌ، جيڪا پنهنجي وجود جي بقا جي آخري جنگ وڙهي پئي. هڪڙي پاسي سياسي اقتدار جو مسئلو آهي، ته ٻئي پاسي ڌاري آبادڪاريءَ سنڌي ماڻهن جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. نسوار خورن ۽ پان کائوئن کان سنڌي ماڻهن جي عزت نفس محفوظ ناهي رهي. اهڙيءَ حالت ۾ ظاهر آهي، اديبن جو ڪردار رات لڙيءَ جو چُڪي چاڙهي، ڳاڙهن ڳٽول ڳلڙن ۽ واسينگ وارن جو اسير ٿيڻ بجاءِ، سنڌي عوام کي مزاحمت جو درس ڏيڻ وارو هئڻ کپي. سنڌ جو ارڏو شاعر سرڪش سنڌي دراصل سنڌ جي انهن شاعر جي لڙيءَ جو حصو آهي، جن جي ڏات وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ سان مهڪيل رهي آهي. جن جون ڪوتائون سونهن کان مزاحمت تائين جو سفر ڪنديون رهيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي، سرڪش سنڌيءَ کي بيماريءَ جي بستري تي اڪيلو ڇڏي، کيس سنڌ سان عشق جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪمال آهي، اهي ڪردار، جيڪي سمجهن ٿا ته سچ، سونهن ۽ سنڌ جي عاشق شعور کي اڪيلائيءَ جا ڏنڀ ڏيئي، کين پاسيرو ڪيو وڃي، اهي ڪيڏا نه اياڻا آهن. کين رڳو ايتري سمجهه به ڪانهي ته سنڌ جو حقيقي شعور، جنهن کي توهان سرڪش سنڌيءَ جو نالو ڏيو يا ڪو ٻيو، اهي ته لطيف سائينءَ جي فڪر تي عمل پيرا آهن. لطيف سائين، جنهن چيو ته:

    ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي

    هي جيڪو ڪجهه سرڪش سان ڪيو پيو وڃي، يا کيس جيڪي اڪيلائيءَ جا ڏنڀ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اها دراصل سنڌ سان سندس عشق جي سزا آهي. سرڪش سنڌي اهڙن ڪردار سان شيخ اياز جي سٽن ذريعي مخاطب آهي:

    تون چئه نه ڪڇان، تون چئه نه لڇان پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان

    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو

    اڄ تائين نه سچ تي پهرا پئجي سگهيا آهن ۽ نه ئي سونهن ۽ عشق کي ڪو هڪ ٻئي کان ڌار ڪري سگهيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ سرڪش سنڌيءَ کي ڀلا سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪهڙا نتيجا ڏيندي. سرڪش کي ته سنڌ جي عشق امر ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي امر هوندا آهن، انهن کي جڙتو قسم جي همدرديءَ جي ضرورت ناهي هوندي. سنڌ هر وقت انهن سان گڏ آهي. سرڪش سان سنڌ ڪچهريون ڪري ٿي، سنڌ سرڪش جو اتساهه به آهي ته ڏات به آهي. ثقافت کاتو سرڪش جو علاج ڪرائي سرڪش تي ٿورو نه ڪندي، پر ثقافت کاتي وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سنڌ جو آهي ۽ سنڌ سرڪش جي ۽ سرڪش سنڌ جو آهي. تنهنڪري ثقافت کاتي کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سرڪش کي نظرانداز ڪري، دراصل سندس حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان پنهنجي فورم سي آر ايل ايس طرفان به ثقافت کاتي کي چئي چڪا آهيون ته سرڪش سنڌيءَ جو ترت علاج ڪرايو. جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو سرڪش سنڌيءَ جو علاج ڪرائيندو، ته اهو سرڪش تي سسئي پليجو جو ٿورو ڪو نه هوندو، پر اهو مٿس فرض آهي ته هوءَ سنڌ جي هن ارڏي ۽ هٺيلي شاعر جي سار لهي، ڇاڪاڻ ته وٽس جيڪي وسيلا آهن، اهي سنڌ جا آهن ۽ آئون پهرين ئي چئي چڪو آهيان ته سنڌ سرڪش جي ۽ سرڪش سنڌ جو آهي. تنهنڪري ثقافت کاتي وٽ جيڪي وسيلا آهن، اهي به سرڪش سنڌيءَ جا پنهنجا آهن. خير، سنڌ سان هڪڙو ٻيو الميو ته اهي عقل کان وانجهيل صحافي به آهن، جيڪي سرڪش سنڌيءَ بابت خبر کي فلمي باڪس ۾ ڇاپي، سنڌ کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته، هن ڌرتيءَ جي حقيقي شعور جي اهميت انهن وٽ ميڊونا، انجلينا جولي ۽ بپاشا باسو جيتري مس آهي. مطلب ته انهن صحافين وٽ شاهه لطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ فلمي اداڪارائن ۾ ڪو به فرق ناهي. ڪيڏو نه الميو آهي. اهي ماڻهو يا ته سرڪش سنڌيءَ جهڙن ڏات ڌڻين جي ڪردار کان واقف ناهن ۽ ڄاڻي واڻي سنڌ جي حقيقي شعور کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. خير سرڪش ته تاريخ جي هر دور ۾ سرڪش ئي رهڻو آهي، پر اهي ڪردار، جيڪي سرڪش سنڌيءَ جهڙن سنڌ دوستن کي روين جا ڏنڀ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن، تاريخ ۾ اهي ڪهڙي هنڌ بيهندا، ان جو انتظار لطيف جي ديس کي ضرور رهندو.

    روزاني سنڌ تان ورتل
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، سرڪش سنڌي هڪ تمام سٺو ۽ ديش سان محبت ڪندڙِ شاعر آهي، ۽ منهنجو پسنديده شاعر آهي، مان جڏهن ستون ڪلاس پڙهندو هئس تڏهن کان مان هن جي شاعري کي پڙهڻ شروع ڪيو آهي،

    سڀني سنڌ واسين ماروئڙن کي گذارش ٿي ڪجي ته سنڌ امڙ جي هن عظيم شاعر جي صيحتيابي لاءِ دعا گهرن، ته الله رب العزت هن کي جلد کان جلد صيحتياب ڪري، آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ادا سلطان توهان جي مهرباني جو توهان اسان کي سرڪش سنڌي جي باري ۾ گهڻو ڪجھ شيئر ڪيو۔ ۔ ۔ ۔ ۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا اهڙي معلومات ڏيڻ لا۽ مهرباني
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سنڌ اسان جي آهي، انهي جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. اچو ته پنهنجي سنڌ لاءِ گڏجي ڪجهه ڪريون.
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مٺڙا سلطان شال جڙيو هجين ادا........

    اوهان جي طرفان موڪليل تحرير، ادا يوسف سارنگ جو لکيل ڪالم ”پيار ۽ آزاديءَ جو شاعر سرڪش سنڌي“ کي مڪمل گهرائي سان پڙهيو.. انهي ۾ محترم يوسف سارنگ، سنڌ جي اهڙن اديبن، شاعرن، کي واکاڻيو آهي جو سچ پڇو ته جڏهن انهن جا اسم مبارڪ پنهنجي زبان تي ايندا آهن ته، انهن جي لاءِ دلين مان دعائون نڪرنديون.... جن پنهنجي قوم ۽ قومي ٻولي جي لاءِ ايتروئي نه پر سنڌ ۾ رهندڙن انهن سنڌين جي جذبن کي به اجاگر رکيو.. پنهنجي ٻولي جي بقاء جي لاءِ پاڻ پتوڙيو اٿن.. واقعي سچ ٿا چئو اوهان ته سنڌ کي شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي ، نياز همايونيءَ ۽ سرڪش سنڌي جهڙا شاعر کپن.....

    ڌڻي در اها دعا آهي ته الله رب الڪريم محترم سرڪش سنڌي کي صحتِ ڪاملا ۽ خضري حياتي عطا فرمائي آمين... سائين جون دعائون سائين جي لاءِ هميشهه هميشهه رهنديون... اڄ بعد ازا نماز جمعه جي به بلخصوصن سائين جي حق ۾ دعا گهرنداسين ته شال رب ڪريم انهن تي پنهنجي ٻاجهه ۽ رحمت فرمائي.............. آمين...

    باقي سائين اڄڪلهه واران انهن اديبن جو ذڪر به ٿيل آهي جي پنهنجي سنڌ جي حقيقتن تي پردي پوشي ڪري رهيا آهن.. انهن جي سوچ ۾ فرق آ.... اهي صرف پئسي خاطر پيا ڪن، جيڪي ڪري ويا.. سي سنڌ خاطر ڪري ويا...


    سائين اوهان جي تحرير مان گهڻي ڄاڻ رسائي ٿي.. الله اوهان کي خوش ۽ آباد رکي آمين...

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو