مٺي شهر جي مٺڙي دوست آصف بجير کي دلي ڀليڪار ۔۔۔۔ سنڌ جي ٿر جي خوشبو، سنڌ جي سونهن ۽ نج پج سنڌيت جي مهنداري جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته ٿري دوستن کان ڪو سکي ۔۔۔۔
”جان عالم جان ڏني پر جانان نه مليو “ جي ڪتبي سان سنواريل جان عالم سنڌ سلامت سان سڄڻائپ ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۽ سهڻن دوستن کي هن اوطاق جي دوستن سان دوستيون رکرائي سنڌيت جي واڌ جو فرض پوري ڪري رهيو آهي ۔۔۔
دوست بجير اميد ته اوهان به سنڌ دوستيءَ جي پانڌيئڙن سان گڏجي، دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندا ۽ سنڌي زبان کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔
”جان عالم جان ڏني پر جانان نه مليو “ جي ڪتبي سان سنواريل جان عالم سنڌ سلامت سان سڄڻائپ ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۽ سهڻن دوستن کي هن اوطاق جي دوستن سان دوستيون رکرائي سنڌيت جي واڌ جو فرض پوري ڪري رهيو آهي ۔۔۔
مٺي شهر جي دوست محترم آصف بجير کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون
تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔
اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔