سنڌ جي تاريخي شهر هاله ۾ تيار ٿيندڙ ڪاشيءَ جي سرن سان سنواريل ، لطيف سرڪار جي ٻاهران اڱڻ تي هڪ شاهڪار، دوستو! مونکي ڏک تڏهن ٿيو جڌهن ڪراچيءَ جي ماڊل ڪالونيءَ ۽ هوائي اڏي جي وچ مان گذرندڙ رستي تان گذرندي، هڪ وڏي گند پيٽي ڏٺم جنهن کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريو ويو هو. افسوس جو انجي تصوير ڪڍڻ وسري وئي ۔۔۔۔ سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين جي ذهنيت ۽ سنڌ جي ثقافت سان هٿ چراند ۽ اڻڄاڻائي ته ڏسو؛ 1. جيڪي سرون اسين سنڌي ولين پيرن ۽ پاڪ گهرن ۽ پنهنجن يادگارن جي سنوارڻ ۾ استعمال ڪندا آهيون ڌارين اهي سرون گند پيٽين تي لڳايون آهن۔ 2. سنڌ جو مال کين هٿ آيو ته بجاءِ غريبن جي تعليم يا سنڌين جي خوشحاليءَ تي استعمال ڪرڻ جي، ان مال سان ڌارين ڪاشيءَ جي سرن سان وڏيون گند پيٽيون ٺهرايون آهن. انکي چوندا آهن ”الله مهربان، گڏهه جي منهن ۾ پان“ ٻيو حيرت ٿئي ٿي سنڌين جي اک ٻوٽ تي ته سندن سموري سنڌ غربت جو ڏيک پئي ڏي ۽ ڪراچيءَ جون گند پيٽيون ڪاشيءَ جي سرن سان سنواريون پيون وڃن ... انکي ڇا چئجي ...؟؟؟؟ لفظ ڪون ٿا ملن، اوهانکي لفظ ملن ته ونڊ ڪجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪاشيءَ جو ڪم سنڌ جي ثقافت ڪراچيءَ جي انهن علائقن ۾ جت مهاجر گهڻا آهن، انهن علائقن ۾ گند پيٽيون به ڪاشيءَ سان جڙيل آهن، پر سنڌي ويچارا مسڪين، ڪراچي شهر جي وچ ۾ ننڍڙي سنڌ سچل ڳوٺ جي ٻاهران هڪ مکيه دروازو ٺهرايو ويو آهي، جنهن کي لڳ ڀڳ 3 سال گذري ويا پر سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ سنڌين جي هزارين گهرن وٽ ايترو پئسو ناهي جو ان دروازي تي ڪاشيءَ جون سرون هڻائي سگهن ... اهو دروازو هاڻ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي ... نه حڪومت کي ڪو خيال ۽ نه سنڌين ۾ ڪو اهڙو شعور ۽ ترقي وٺرائڻ جو ڪو چاهه جو پنهنجي همٿ تي ئي سهي اهو ڪم پورو ڪري سگهن .... مٿان وري سڀ سنڌي سنڌ سان محبت جون ڳالهيون اهڙيون ڪندا جو ڄڻ سنڌ جا سچا عاشق هجن ... واڳ ڌڻيءَ وس
جواب: ڪاشيءَ جو ڪم سنڌ جي ثقافت سائين نثار ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو ۔۔۔۔۔ سچل ڳوٺ جي ٻنهي پاسن ڏانهن ٻه مک گيٽ ٺهرائڻ جي منصوبي وقت ماڻهن کان راء ورتي هئي۔ هي ٻئي دروازا سچ ته پنهنجي نموني جا شاهڪار آهن، جن تي ڪم هلي رهيو هو ۽ ماڻهو به مدد ڪري رهيا هئا پر ٻه سال اڳ آيل ٻوڏ وقت جڏهن ٻو_ ستايل ماڻهو سچ ڳوٺ آيا ۽ هتي هزارين ماڻهون ڪئمپن ۾ پهتا ته اهو ڪم عارضي طور روڪيوسين۔ اڃان هن سال ان تي ڪم ڪري ماڻهن وٽ مدد لاء پهتاسون ته وري لاڙ ۾ آيل مينهن ۽ ٻوڏن بگاڙ وڌو۔ ٻيو ته اسان ماڻهون اجتمائي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ وڏو ٻرو ٿا سمجهون۔ هوٽلن ۽ شو شا ڪرڻ ۾ هزارين لکين رپيا لٽائيندڙ هتي ڪا به مدد ڪانه ٿا ڪن۔ مان پاڻ وفد وٺي خبر ناهي ڪيترن دوستن وٽ مدد لاء ويو آهيان ته جيئن دروازن جو ڪم مڪمل ٿي سگهي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ ڇا لکان۔ اسان کوکلا نعرا ۽ ذاتي انائون نڀائڻ خوب ڄاڻون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به همت ناهي هاري، تازو ان پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاء جيئن ئي مهم هلائي آهي ته اسان جي ڪميٽي ۽ خير خواهه دوستن سميت نون ماڻهن تي ايف آء آر ڪٽرائڻ سان گڏ انهن تي حملو به ڪيو ويو آهي۔ جيڪا ڳالهه مون اوهان کي ٻڌائڻ ڪانه پي چاهي۔ ڇو ته اها به پنهنجي سنڌي ڳوٺ جي بدنامي آهي۔ ڪرڻ وارا ڪي ڌاريا نه پر پنهنجا سنڌي آهن۔ انشاء الله جلد ان ڪم کي ٻيهر کڻبو صرف ڪورٽن ۽ ٿانن جي چڪرن مان جان ڇڏايون۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي سنڌ زاهد لکيو آهي ته اڙي يار زاهد ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي پاڻ ۾ وڙهڻ کان فرصت ملندي ته ڌارين لاء سوچينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪاشيءَ جو ڪم سنڌ جي ثقافت دوست سليمان جي هڪ ڳالهه تمام گهڻي وڻندي آهي ته هو سنڌين جي اندورني خلفشار، براين ۽ سنڌين جي ناچاڪائي تي هميشه ڪڙهندو رهندو آهي ۽ سندس اها ڳالهه به دل سان لڳندي آهي ته جيستائين اسين پنهنجي اخلاقي، قومي ۽ ايڪي واري سگهه نه وڌائينداسون تيستائين آزادي يا خوشحالي جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي ۔۔۔ دوست سليمان جڏهن سنڌين جي براين تي ڳالهائيندو آهي ته مونکان کل نڪري ويندي آهي جو سليمان جو چهرو تپي باهه ٿي ويندو آهي، جنهن مان سندس سنڌين سان محبت جو اظهار ٿيندو آهي ۔۔۔ بيشڪ اسان سنڌي پنهنجا دشمن پاڻ آهيون، ڳالهيون وڏيون ڪندا آهيون پر قومي ڪمن، سماجي ڪمن ۽ قرباني ڏيڻ ۾ هميشه پوئتي رهندا آهيون، حق سچ چوڻ کان ڪيٻائيندا آهيون ۽ پنهنجن ذاتي حقن جي ڳالهه ته ضرور ڪنداسون پر ٻين جي حقن جو خيال ڪون رکنداسون ۔۔۔ ۽ جڏهن ڪو ٻيو سچائي سان هلڻ لڳندو آهي ته سندس ٽنگون ڇڪي وٺندا آهيون ۔۔۔مطلب ته سنڌي قوم ايترين ته بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي جو جيڪڏهن ترت ڪنهن شفا خاني تائين نه پهچائي وئي ته اهو موذي مرض ختم ڪري ڇڏيندو ۔۔۔ ادا سليمان! اوهان جڏهن ان دروازي وارو ڪم شروع ڪرايو يا سچل ڳوٺ جي بابت ڪهڙو به ڪم ٿيندو هجي ته منهنجي پاران مناسب ونڊ ڪري ڇڏيندا ڪيو، هميشه جيئان حساب پيو ٿيندو ۔۔۔؟ ۽ نيڪ تمنائون گڏ آهن، اميد ته اوهان دوست همٿ ۽ ڏاهپ سان ننڍڙي سنڌ سچل ڳوٺ کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندا رهندا ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار، ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار، ڏنا جي ڏاتار، مون جهولي پائي جهليا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دل جاءِ ڪيو ادا اڃان به سنڌ جا پٽ حياتي آهن ڌارين کان آزادي نيٺ ته ملندي اسان جي ڪوشش جاري آ اتر واءُ ٿو لڳي اڀريو لاڙ ٿو اچي گھر گھر مچ ٿو مچي اڃان دڙ ۾ دم آ جيئي سنڌ جيئي
واقعي ڏک ٿو ٿئي اسان جا سنڌي وزير پنھنجون ڪرسيون بچائڻ خاطر پنھنجن مائروڙن سان سڀ ڪجھ ڪري رھيا آھن۔ ادا۔
هيءَ آهي اها گند پيٽي ۔۔۔ پاڻ ڏسو!!! الله جي شان گڏهه جي منهن ۾ پان دوستو! هن تصوير کي غور سان ڏسندا ته سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ گند پيٽي ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل آهي ... جي نه سوچجي ته ڪجهه به ناهي پر جي سوچجي ته ڪاشي سنڌ جي ثقافتي سر آهي، جيڪا گهرن، مزارن ۽ پاڪ جاين تي لڳائي وڃي ٿي ... ڪاشي سر مهانگي ۽ سهڻي سر آهي ... ان سر کي اسين سنڌي پنهنجي گهرن کي سنوارڻ لاءِ، پيرن فقيرن جي آستانن کي ثقافتي ڪرڻ خاطر ۽ مسجدن ۽ ٻين سٺين جاين تي استعمال ڪريون ٿا ... پر هي ڇا ڪراچي شهر ۾ گندپيٽي ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل .... سنڌ ۾ اسڪولن جي کوٽ، سنڌ ۾ اسپتالن جو فقدان، سنڌ ۾ روڊ رستا موئن جي دڙي جو ڏيک ڏين ۽ ڪراچيءَ ۾ گند پيٽي مهانگي، ثقافتي ۽ سنڌين جي پاڪ پوتر آستانن جي سرن سان ٺهيل ....؟؟؟؟ ڪراچيءِ ۾ رهندر ڌاريا ماڻهون حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ پاڻ کي مظلوم پيش ڪري پوري سنڌ جو پئسو کائي وڃن ٿا ۽ اسين سنڌي اهو سڀ ڪجهه اکين سان ويٺا ڏسون ... ڇا اها سنڌين جي ڪمزوري، سنڌين جا ڪا ڀاڙيائپ يا سنڌي قوم جي مجموعي غلطين جو ڏيک ناهي ...؟؟؟؟؟ واڪا ڪرڻ مون وس ... ٻڌڻ ڪم اوهانجو.... سوچيو، سمجهو ۽ قومي حق ادا ڪريو
اها اسان جي بدقسمتي آهي يا پنهنجي پاڻ تي هنيل ڪهاڙي جو ڪمال آهي۔ اسان نه اڳ اهو سوچيو هو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوء اسان ڪٿي هونداسين ۽ نه ئي وري اڄ متحد آهيون ۔۔۔۔ اهوئي سبب آهي جو سنڌ پنهنجي هٿن مان نڪرندي وڃي۔
ايڪتا جو ڏهاڙو اچڻ وارو آهي اميد آهي ته هن دفعي به جوش ء جذبي سان ملهايو ويندو ء هر سال ائين هي ملهائڻ گهرجي اگر اهڙا ثقافتي ڌيهاڙا ملهائبا ته ايندڙ قوم جي ٻارن ۾ جوش ء جذبو پيدا ٿيندو هر قوم کي پنهنجي پنهنجي ثقافت هوندي آهي پر منهنجي نظر ۾ سنڏ جي ثقافت هر ثقافت کان بهتر آهي
آهي دنيا ۾ جي رهڻ واجب،سور تنهن جا آهن سهڻ واجب،اهل نظرن کي جا اچي مرغوب،چال اهڙي آهي چلڻ واجب۔توڙي درياءُ يا سمنڊ هجي،ٿيو طلن يار ۾ ترڻ واجب، شيرين خاصخيلي
ايتري پڪي ۽ پختي ڳالهه ۔۔۔ ايترا سهڻا ۽ سيبتا لفظ استعمال ٿيل جو ڇهه ڇڄي پون ۔۔۔ واه واه ۔۔۔ انکي چئبو آ ۔۔۔ گودڙين ۾ لعل لڪائي رکڻ ۔۔۔ تمام سهڻو ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن۔
لفظ طلن آهي يا طلب اهو سمجهائيندا ۔؟؟؟؟۔ ڇاڪاڻ طلن ڪو لفظ سجهي ڪون ٿو ۔۔۔ ۽ بيت جي مناسبت سان طلب سونهين ٿو ۔۔۔ لک قرب ٿيو طلب يار ۾ ترڻ واجب۔
هڪ ٻي ڳالهه ته ڀيڻ شيرين خاصخيلي صاحبه، جيڪڏهن مناسب سمجهو ته اوهان پنهنجا ليک يا ڪا شاعري ،،، هن فورم تي شاعريءَ واري ڪنڊ _ڪارنر يا پنهنجي پسند جي ڪهڙي به خاني ۾ وڃي نئون موضوع ڪري موڪليو ته جيئن سڀني دوستن کي اوهانجي شاعري يا موضوع پڙهڻ لئه ملي وڃن۔ نئون موضوع موڪلڻ سولو آهي، بس پنهنجي پسند جي خاني ۾ وڃي اتي نئون موضوع تي ڪلڪ ڪندا ته بلڪل جيئن ڪنهن موضوع جو جواب ڏيڻ وقت هڪ ٽيڪسٽ باڪس هجي ٿو تيئن باڪس کلندو ۔۔۔ بس پوءِ اوهان نئون موضوع موڪلي سگهندا ۔۔۔ لک قرب
سائين ڪاشي جو ڪم سيوهڻ ۾ به تمام گهڻي مقدار ۾ ٿيندو هو، مون ياد آهي ته سيوهڻ ۾ 60 پرسنٽ دڪان ڪاشي جا هوندا هئا ۽ ڪافي بٺا پڻ هئا پر هاڻي سڄي سيوهڻ شريف ۾ 5 دڪان مَس آهن ۽ هڪ بٺو رهجي ويو آهي۔۔۔!!