مان سنڌ جي ڌيء نه آهيان؟
سنڌي نور
بابا چيو پٽ هاڻ تون وڏي ٿي وئي آهين ٻاهر نه نڪرندي ڪر، پر جي وڃي ته ڪنهن سان گڏ ويندي ڪر ۽ وڏي چادر ۾ ويندي ڪر۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پر هاڻ نه بابا ساڻ آهي نه گھر جي چار ديواري ۽ نه چادر
بابا هي سڀ ماڻهو مون ڏي ائين ٿا نهارين !!!!!
ڄڻ مان هن دنيا جي ڪا مخلوق ئي نه هجا ؟
منهنجا ڪپڙا فاٽل ڏسي ڪير ان جي لاء سوئي سڳو ته نٿو ڏئي،
پر امداد ڏيڻ جي بهاني سان هي وڏيرا ۽ ملڪ جا ڪامورا
منهنجي جسم ۾ پنهنجي کائيندڙ نظرن سان هزارين سويون چڀائي وڃن ٿا۔
هنن کي اسان جي بک نظر نه ٿي اچي پر هنن جون بکيون اکيون اسان کي کائن ٿيو۔
شايد صرف مان بابا جي ڌيء آهيان سنڌ جي ڌيء نه
مان سنڌ جي ڌيء نه آهيان؟؟؟
هي ننڍڙي ڪهاڻي مون ٻوڏ متاثر نياڻين تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي هڪ پردي دار ماحول کان پوء سڌو رستن تي ڪئمپن ۾ وقت ڪيئن پيو گذارين۔
اگر هن ۾ ڪا غلطي يا ڪجھ غلط لکيو هجي ته آگاھ ڪندا ته توهان جي ٿوراتي رهندم۔