منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم!
مان منصور ميراڻي اڄ اوهان سان سنڌي سلامت جي ميدان تي گڏ آهيان، جيئن ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته جيڪو ڪم مون پاڻ ڪرڻ پئي چاهيو اهو اڳئي سنڌي سلامت وارن ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالھ جو هميشه مونکي انتظار هيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن اسان جا انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ سنڌي ڀائر هڪ ٻئي ڏانهن سنڌي ۾ پيغام موڪلي سًگهندا۔
جي شاعر هجان ها ته پنهنجي خوشي جو اظهار ضرور شاعراڻي انداز ۾ ڪريان ها، سچ پڇو هي هڪ وڏو قدم آهي اسان جي هي قديمي ٻولي جيڪا اسڪولن ۾ بنيادي غلط پرهائي ٿي وڃي، جيڪڏهن اڳتي اهڙا قدم کنيا وڃن ۽ سنڌي ٻولي جي درست مطالعي لا آواز اٿارجي ته يقناً تمام گهڻي درستگي اچي وڃندي۔
منهنجي من ۾ ًگهڻا خيال تري رهيا آهن جن کي عملي صورت ڏيئڻي آهي جيڪا شايد مان يونيورسٽي مان پڙهي نڪرندس تڏهن ممڪن ٿيندي ڇو ته هن وقت مون وًٽ دولت ڪونهي جيڪا مونکي يونيورسٽي مان ملندي۔ ٿورو تعليمي نطام تي غور ڪريون جنهن کي زنگ لڳي چڪو آهي پراڻا نصاب جيڪي ويھ سال اڳ ۾ پڙهايا ويا هئا اڄ به اسان جي استادن اهي ئي پڙهائڻ لا ڏنا وڃن ٿا ڪابه نئين دريافت، معلومات، جديد ٽيڪنالاجي ڪانه ٿي پڙهائي وڃي جيڪا نئين نسل کي دنيا جي موجوده صورت حٍال کان واقف ڪري۔ برحال اهي سڀ ڳالهيون عمل ڪرڻ جون آهن۔
منهنجي اوهان سڀني سنڌي ڀائرن کي عرض آهي ته جيترو ٿي
سًگهيو تعليم تي ڌيان ڏيو، پنهنجي ڀائرن، ڀينرين، پٽن، ڌيئرن ۽ ٻين سڀني مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تعليم پرائڻ جي تلقين ڪندا رهو ڇو ته تعليم يافته قومون هميشه ڪاميابين جون بلنديون ڇهنديون آهن۔
اوهان جو خير خواھ، سنڌ جو خير خواھ!