هن جو مطلب ۽ حل ٻڌايو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ مصور عالم طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2011۔

  1. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    منهنجو ڪمپيوٽر تمام سلو آهي ۽ ڪيترائي پروگرام صحيح کلندا به ناهن۔ هي اکر لکجي ايندا آهن ته:

    ونڊوز ورچوئل ميموري از لو۔ سو پروگرام از ڊنائيڊ۔۔۔۔
    Windows Vertual memory is low So Programme is Denied..

    مون کي اهو به بڌايو ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ ان جو حل به ٻڌايو۔۔۔۔
    ته ڪيئن اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هن جو مطلب ۽ حل ٻڌايو

    جيتوڻيڪ توهان اهو ڪونه ڏسيو آهي ته توهان ڪهڙي ماڊل جو ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيا آهيو، نه وري اهو ته توهان جي مشين ۾ ڪيتري هارڊ ڊسڪ ۽ ريم آهي۔۔۔ توهان اهو به نه ٻڌايو آهي ته توهان ڪهڙو آپريٽنگ سسٽم انسٽال ڪيو آهي۔۔۔ ان باوجود توهان جي ڏسيل ايرر مان اندازو ٿو لڳي ته توهان ونڊوز ايڪس پي استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ ۽ توهان وٽ ايرر ڪجهه هن تصوير وانگر نظر ايندو هوندو۔۔۔

    [​IMG]

    اصل ۾ فزيڪل ميموري وڌائڻ لاءِ ورچوئيل ميموري توهان جي سسٽم جو هارڊ ڊسڪ اسپيس وٺندي آهي۔۔ هاڻي ٿيندو ائين آهي ته ڪمپيوٽر توهان پنهنجي اندر موجود ريم چپس سان گڏو گڏ اضافي ميموري توهان جي هارڊ ڊسڪ کان کڻندو آهي۔۔

    هاڻي توهان اڳيان ايندڙ ان ايرر جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا۔۔۔ جن ۾ هڪ ته يا ته توهان جي هارڊ ڊسڪ ڊيٽا سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ وڊيوز يا فلمن جهڙا ڀاري ڀرڪم فائيل پڻ آهي ۽ ان کي ڊيفارگمينٽ جهڙي ٽول مان توهان ڪڏهن گذاريو ئي ناهي يا وري توهان نيٽ سرفنگ سان گڏو گڏ ڪو ڀاري ڀرڪم سافٽويئر به هلائي رهيا آهيو جنهن کي گهرج مطابق ميموري نه ٿي ملي۔۔۔

    منهنجي نظر ۾ ان جا حل هي آهن۔۔۔
    يا ته توهان پنهنجي پي سي جي ريم (ميموري) وڌايو۔۔۔ جي اهو ممڪن نه هجي۔۔ته
    هارڊ ڊسڪ ۾ موجود غير ضروري ڊيٽا ختم ڪريو۔۔۔ ۽ ان کي ڊيفارگمينٽ جهڙي ٽول مان گذاريو۔۔۔ يا وري۔۔
    ان سافٽويئر کي ريموو ڪريو جيڪو توهان جي مشين مان وڌيڪ ميموري کڻي ٿو۔۔۔

    انهن سمورن عملن باوجود مون وٽ هڪ ٻيو به حل آهي ۔۔ هوئن ته ان سان ڪو خاص نقصان ٿيڻ جو امڪان نه آهي پر پوءِ به هي عمل توهان پنهنجي رسڪ تي ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    اصل ۾ ونڊوز ايڪس پي ورچوئل ميموري وڌائڻ لاءِ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود هارڊ ڊسڪ کي جانچي پنهنجي اندازي طور ڪجهه اسپيس ورچوئل ميموري جي لاءِ رکندي آهي۔۔۔ پر جڏهن ميموري کي ونڊوز ايڪس پي طرفان مقرر ڪيل گهرج کان وڌيڪ ميموري گهربل هوندي آهي ته اهڙو ايرر سامهون ايندو آهي۔۔ هاڻي اسان کي ڪرڻو اهو آهي ته ونڊوز ايڪس پي طرفان مقرر ڪيل ميموري کي ڪجهه وڌائجي۔۔۔
    ان لاءِ سڀ کان پهريون My Computer تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Properties ۾ وڃو۔۔ جنهن کان پوءِ Advanced ٽيب کولي Performance سيڪشن منجهان Settings بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ نئين کلندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان هڪ دفعو وري Advanced ٽيب چونڊيو ۔۔ جتي virtual memory سيڪشن منجهان Change بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هتي توهان اڳيان ٻه خانه هوندا جن مان هڪ خانو initial size جو هوندو جنهن ۾ ونڊوز ايڪس پي طرفان هارڊ ڊسڪ مان ڏنل ميموري جي سائيز مقرر ڪيل هوندي ۔۔ جڏهن ته ٻيو خانو۔۔۔ maximum سائيز جو هوندو جنهن ۾ ڏنل تعداد دراصل هارڊ ڊسڪ مان ڏنل ميموري جي لمٽ هوندو ته ان کان وڌيڪ ميموري هارڊ ڊسڪ مان نه وڃين۔۔۔
    هاڻي توهان پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي سائيز کي نظر ۾ رکندي maximum سائيز کي ڪجهه وڌايو۔۔ (منهنجي صلاح آهي ته جيتري توهان جي فزيڪل ميموري چپ جي سائيز آهي ان کان ٻيڻي سائيز لکو ۽ ڀرسان موجود بٽڻ ”سيٽ“ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    هن ساڳئي عمل کي هن تصوير سان به ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    اميد ته توهان کي وضاحت سان گڏ مسئلي جو حل به ملي ويو هوندو۔۔ وڌيڪ توهان جي جواب مان ئي خبر پوندي۔۔۔
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: هن جو مطلب ۽ حل ٻڌايو

    جي ها سائين ان تصوير وانگر ئي ارر ايندو آ۔ ڊيفارگمينٽ ٽول ڪٿان ملي سگهندو اهو ٻڌايو ها ته بهتر هو۔ منهنجي هارڊ ڊسڪ صرف 20 جي بي جي آهي۔ 456 ايم بي ورچوئل ميموري سيٽ ڪئي آهي۔
    ان کان سواء اوپيرا برائوزر کي به انسٽال ڪيو آهي۔ ان بعد اڄ اڃان تائين ڪو اهڙو پرابلم نه ٿيو آهي۔ هاڻي ڏسجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو