اسلام عليڪم آءُ حضرت علامه عبد الواحد سيوستاني المعروف نعمان ثاني جي ڪتاب رش الانوار حاشية در المختار تي تحقيق ۽ تخريج جو ڪم ڪري رهيو آهيان. مون وٽ اِن ڪتاب جو هڪ جلد قلمي صورت ۾ آهي جڏهن ته اِن ڪتاب جي ٻي جلد جي تلاش آهي. باقي جنهن به ڀاءُ وٽ مذڪوره ڪتاب آهي ته مون کي اطلاع ڏي. ته مهرباني. رشيد سمون صاحب ! مهرباني ڪري پنهنجو نمبر موڪليندا ه توهان جي مهرباني ٿيندي. عبد الله السندي 03313415380
جواب: رش الانوار سائين عبدالله السندي صاحب اسلام عليڪم۔۔ سائين منهنجا سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔ مهرباني فرمائي هتي ڪلڪ ڪري نئين موضوع ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته جيئن رڪنن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي سگهي ۔۔۔ جيتري قدر توهان جي مطلوبا ڪتاب جوتعلق آهي ته ان سلسلي ۾ مون ڪوشش ڪئي ته نتيجا نه مليا ها البته جناب علامه غلام مصطفى صاحب جن جي ڪتاب مقالات قاسمي جون ڪجهه سٽون ان سلسلي ۾ مليون جن ۾ اهو واضح لکيل آهي ته توهان جو مطلوبا ڪتاب تقريبن اڻ لڀ آهي۔۔ سائين جن لکن ٿا۔۔۔ بياض واحدي کان سواءِ مخدوم عبدالواحد صاحب جي ٻي تصنيف به گهڻي آهي، جهڙوڪ حاشيہ اشباهه و نظائر، رش الانوار حاشية الدر المختار. نوٽ: الوحيد آزاد نمبر ۾ ”رش الانوار“ کي رد المحتار جو حاشيه سڏيو ويو آهي، جو صحيح نه آهي، رد المحتار جو مصنف علامہ ابن عابدين شامي، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ کان پويون عالم آهي، تڏهن ان جي ڪتاب جو اهو ڪيئن حاشيہ ٿي سگهندو؟ رش الانوار جي هن راقم حقير طرفان گهڻي ڳولا ڪئي وئي، پر ڪٿي به نه مليو. هن سلسلي ۾ منهنجو سيوهڻ پڻ وڃڻ ٿيو ۽ مخدوم صاحب رحه جي پوين عزيزن مان مخدوم حڪيم محمد مراد صديقي صاحب جي علمي لائبريري کي ڏسندي اتي در مختار جو جلد اول قلمي نظر آيو، جنهن تي حلبي ۽ رش الانوار جي تلخيص حاشيہ جي چڙهيل هئي، ان کي غنيمت ڄاڻي مخدوم محمد مراد صاحب کان اهو ڪتاب وٺي آيس ۽ ان وقت آئون ”المتانة في مرمة الخزانة“ تاليف مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ تي ڪم ڪري رهيو هوس، انهن نادر جواهر پارن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ المتانة ۾ مناسب جاين تي حاشيي ۾ انهن کي لکي ڇڏيم. سندن هن ڪتاب کي توهان ادبي بورڊ جي هن لنڪ تان پڙهي سگهو ٿا۔۔ باقي منهنجي ڪال کان پوءِ يقينن توهان وٽ منهنجو نمبر اچي چڪو هوندو۔۔