زندگي هڪ ڪالمي سرخي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حسين جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2011۔

  1. حسين جوڻيجو

    حسين جوڻيجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زندگي هڪ ڪالمي سرخي!

    ڪڏهن ڪڏهن زندگي کي اخبارن ۾ ڏسي سندس عام زندگي ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڇا زندگي جي قيمت صرف هڪ ڪالمي سرخي آهي.

    اها زندگي جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته اها املهه آهي ڪائنات آهي، روشني ۽ وجود جي زندهه هجڻ جي نشاني آهي پوءِ ايتري بي قيمتي ۽ بي دريافتي ڇو آهي. انهي جو قدر ڇو نه ٿي رهيو آهي؟

    جواب اهو آهي ته محبتون ۽ جذبا ختم ٿي چڪا آهن انهن جي جاءِ تي صرف حرص، حوس ۽ منافقتون جنم وٺي چڪيون آهن موت سستو ۽ عام ٿي پيو آهي ۽ ان جي ڪل قيمت هاڻي هڪ ڪالمي سرخي وڃي رهي آهي. انسانن جي ڪل متاع حيات هاڻي اخبارن جي چند سيٽن جو ڪل آهي. ڪڏهن ڪڏهن اخبار وارن تي ڪاوڙ ايندي اٿم جيڪي جوا جي اگھه کي پنج ڪالمي ۽ ڪنهن ماءُ جي آخري آس کي هڪ ڪالمي ۽ پري ساڳئين ٻئي پاسي ڌاڙيلن کي باڪس ۽ مک سرخيون ٺاهي پيش ڪندا آهن. ائين ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اسان جو معاشرو هاڻي ذهني طور تي يا ته انهي ڳالهه کي قبول ڪري چڪو آهي ته انفرادي فرد جو موت معاشري تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو وجھي يا وري هو ان جي ڪابه حيثيت قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. معاشري ۾ ان بي حسي رشتن ۾ منافقتن ۽ هڪ ٻئي کان پري ڌار واريون سوچون يا ته صرف ان ڪري وجود ۾ آيون آهن جو اسان مغربي تقليد ۾ ايترو ته اڳيان نڪري ويا آهيون، جو هاڻي اسان وٽ رشتن جي ڪابه اهيمت ناهي. ڪڏهن اسان وٽ رشتن ۽ پنهنجائپ جو مان هو. نياڻي ميڙ اسان وٽ ايتري ته اهميت رکندو هو جو اها نياڻي پنهنجن نياڻين کان وڌيڪ ڪري ڄاتي ويندي هئي جو خون ۽ پلاند به ان کي اهميت ڏيندي معاف ڪيا ويندا هئا. پر اڄ ويندڙ نياڻين کي عزت ڏيئڻ بجاءِ سندس سنڱ جي گھر ڪئي ويندي آهي. اڄ پوتي اوڍائڻ بدران اٽلو منافقتن جي پوتي لهرائڻ کي ترجيع ڏني وڃي ٿي. اڄ مقدس قرآن مٿي تي کڻي ويندڙ نياڻين کي دڙڪا ۽ ٿاٻا ڏيئي پيرين ۽ مٿي اگھاڙو ڪري ڪڍيو وڃي پيو. جنهن جو مثال روزاني جي اخبارن ۾ آيل خبرن مان ظاهر ٿي پيو آهي ته ڳوٺ حمزو ڀٽي جي معصوم نياڻين مٿي تي قرآن پاڪ رکي وڏيري ابراهيم ڪلهوڙي جي گھر ويون پر وڏيري انهن جي مٿي تي پوتيون اوڍائڻ بجاءِ جوش ۽ مڪروهه ذهن واري سوچ ۽ اصليت ڏيکاريندي انهن ابهم نياڻين کي ٿڏا هڻي گارگند ڪندي گھر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو، سنڌ جي هڪ عظيم روايت کي پڻ ٺڪرائي ڇڏيو.

    اڄ سمنڊ ساڳيو آهي پر شور ۽ سانت هر لهر جي موت کي ٻي لهر جي خبر نٿا وٺڻ ڏين. اڄ بي حسي ايتري ته وڌي چڪي آهي جو اعلانيه زندگي جي آڇ ڪندڙ به پنهنجي رت جي سجائي يا اجائي وڃڻ بابت غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. شهداد ڪوٽ جي به هڪ نوجوان عبدالجبار کوسي نوڪري نه ملڻ تي مفلسي کان تنگ اعلانيه زندگي ڏيئڻ جو فيصلو ڪيوهو ۽ پنهنجي املهه زندگي جنهن ۾ هن سان تعلق رکندڙ ماءُ، پيءُ، وني ۽ ڀينرن ڪئين خواب ڏٺا هوندا. جن جي تعبير محترمه بي نظير ڀٽو ڪرايو هو، ان خواب کي رات جو خواب سمجھي صبح ٿيئڻ تي اک کولي پرزا پرزا ڪرڻ لاءِ اُسريو هو پنهنجي وجود جي خاتمي لاءِ ۽ پنهنجي نجات لاءِ.

    پر ڇا سندس مسئلا حل ٿي ويا؟ اهڙا سڄي سنڌ ۾ تعليم يافته نوجوان اهڙن ساڳي مونجھارن واري زندگي پيا گذارين ڇا هو به اهڙي واٽ اختيار ڪن جنهن جي پويان هر ايندڙ پانڌيئڙي جو گناهه به سندن سر تي هجي. ڇا جو ظّاهري طور تي مشڪلن مان نڪري رهيا آهن ۽ قرباني کي قبول ڪندا منهنجي خيال ۾ ڪڏهن به نه!!!

    خودڪشي ڪندڙ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ان فيصلي تي مرڪوز ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي تمام ڏاهو محسوس ڪرڻ هلڪو ڦلڪو محسوس ڪندي به هڪ لذت محسوس ڪندو آهي منهنجي خيال ۾ خودڪشي ڏانهن مائل ماڻهو کي جيڪڏهن ان ذهني صليب مان صرف هڪ دفعو ڪڍيو وڃي ته شايد هو ٻيهر ان سوچ ڏانهن لاڙو نه ڪري. زندگي هزارين تڪليفن هوندي به ڏاڍي مٺي ۽ وڻندڙ ۽ موتيي جو گل آهي، سندس خوشبو ئي اسان کي اوهان کي سڀني کي اهڙن نوجوانن سان ويجھو ڪري ڇڏيو آهي.

    مان اهڙن ڪئين گمنام نوجوانن کي ائين مجبور ڪندڙ صرف ان ڏوهه جو ڏوهاري ڪوٺيندي نه صرف فرد جرم عائد ٿو ڪريان پر ان پيڙا جي آگاهي ڏيان ٿو جنهن مان هو هڪ ڏينهن ضرور گذرندا. ۽ اهو ڏينهن سندن حساب ڪتاب جو هوندو لفظ زندگي جي حاصلات جي سوچ ته ڏيئن ٿا پر پيٽ جي دوزخ لاءِ ڪارآمد ناهن. آئون اهڙن نوجوانن جي انت آڻڻ وارين هڪ ڪالمي سرخين کي ڏسي روئيندو آهيان. مان بزدل ناهيان پر جئين ته اڄ جا نوجوان صحافي پنهنجي صلاحتين سان ڏونگر جھڙين نام نهاد ملڪ دشمن وڏيرن ۽ مسڪينن کي لتاڙيندڙ جابر سرمائيدارن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندي انهن جي ڪارنامن کي اخبارن ۾ شهه سرخين ۽ باڪس ۾ شايع ڪرائيندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن حادثي يا طبعي موت ذريعي ڪو صحافي مري ٿو ته انهي جي نيوز فقط هڪ ڪالمي سرخي ۾ شايع ٿئي ٿي. عام طرح اهو رڳو سنڌي صحافين سان ٿئي ٿو ۽ ٿي رهيو آهي ائين ڇو؟

    هاڻ ائين نه ٿيئڻ گھرجي سنڌي صحافين سان گڏ تمام انساني متاع ۽ بقا جي قيمت اسان کي وڌائڻي پوندي هاڻي هڪ ڪالمي سرخي اعلانيه خودۡڪشيون صحافين ۽ نوجوانن ۽ معاشري تي نفاقن جو شڪار ماڻهن کي اهميت اسان کي ڏيڻي پوندي هاڻي اسان کي ڪارو ڪاري پلاند ۽ قبيلائي جھيڙن جي منافقتن ۽ پنهنجن کي پنهنجي هٿن سان مارڻ لوڌڻ ۽ لٽڻ ڦرڻ جو رواج ختم ڪري پنهنجي اهميت اجاگر ڪرڻي پوندي نه ته ڪٿي ايندڙ وقت ۾ اسين ان هڪ ڪالمي خبر بدران شايد روزمرهه جي واقعن وانگر عام ٿي اها خبر واري اهميت به وڃائي ويهون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو