• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چـيم گھر ۾ لانگھا ۽ فـاقا رهن ٿا۔۔۔۔۔۔

حسين جوڻيجو

سينيئر رڪن
چـيم گھر ۾ لانگھا ۽ فـاقا رهن ٿا
وڏا گھر جـا ڀاتي ته اڪـثر پڇن ٿا
نه ٿا ٻار نـنـڍڙا سـڻـائن ســا سـمجھن
نڪو ئي پرين جي ڳالهين تي پـرچن
سڄيون راتون تارن جون ڳالهيون ٻڌائي
ڀلا ڪيسين تائين ڪو بک کي ڀڄائي
ٻچا مــاني مـانــي ڪــري مــري ويــا
۽ مــاني جي اڊڪي ۾ ويلا ٽري ويا
وڏا ســـامــراجـــي وڏي پـــيــــٽ وارا
ڪـــڙائـن فــرائـن تـي تــن جـا گـذارا
هــو ڌاريـن جا ڪتا اهـو کاڄ کائـن
اســان جـا تــه ٻچا ٿا جنهن لئــه واجـھائن
چـيـم ائـيــن ڇــو آ ڀـلا شــاھ ڀٽـائي
ڌرتـــي تـــي اکــيـون کُـپـــائي چــيائين
دنـيــا جــو دسـتـــور هــي آهي باغـي
 
جواب: چـيم گھر ۾ لانگھا ۽ فـاقا رهن ٿا۔۔۔۔۔۔

سهڻا دوست حسين جوڻيجا صاحب، حب الوطنيءَ سان ٽمٽار ۽ سنڌ جي ڪيترن گهرن جي ترجماني ڪري اوهان انتهائي اتساهيندڙ ڪم ڪيو آهي، جس هجي اوهانکي جو قوم جي بکن ۽ ڏکن جي ترجماني ڪيو ٿا ۔۔۔

پر اي دوست اوهانجي هن نظم جي آخر مصرع تي منهنجي ذهن ۾ ڪجهه هيٺيان خيال اڀرن ٿا؛

چـيـم ائـيــن ڇــو آ ڀـلا شــاھ ڀٽـائي
ڌرتـــي تـــي اکــيـون کُـپـــائي چــيائين
دنـيــا جــو دسـتـــور هــي آهي باغـي

سهڻا دوست! ۔۔۔۔ لطيف سرڪار ته تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ جو سبق ڏنو آهي، زماني جي فرسوده دستورن جي مخالفت ڪئي آهي، سوڀ لئه سڀ آسرا وڃائڻ جو سبق ڏنو آهي ۔۔۔ عمر بادشاه سان مارئيءَ جي قيد تي جهيڙيو اٿس، ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙن تي گد گد ٿيندي نظر اچي ٿو، ۔۔۔۔ لوڀ ۽ ڏاڍ تي همٿ نه هارڻ جو سبق ڏنو اٿس، درياهه جي قهري ڪنن ۾ به گهڙڻ جو درس ڏنو اٿس پر پوءِ اوهانکي اهو جواب ڪيئن ڏنو اٿس ۔۔؟؟؟

 
Back
Top