ابو واصف
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت واسيو! هاڻي باقي رمضان المبارڪ جا ڪجهه ڏينهن باقي بچيا آهن، اسان کي وڌ کان وڌ عبادت ڪرڻ گهرجي. ڪهڙي خبر اسان مان ڪنهن ساٿيءَ کي ٻيهر رمضان المبارڪ جي سعادت نصيب ٿئي يا نه؟ منهنجي سمورن دوستن کان دعا آهي ته هن حقير کي به پنهنجين دعائن ۾ ضرور ياد رکجو، خاص طور تي ڀلاري رات منهنجي دين ۽ ايمان جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرجو.
دوستؤ! اوهان لاءِ هڪڙو عيدڪارڊ ڊزائن ڪيو آهي۔
هن ڪارڊ ۾ عيد جي خوشين سان گڏوگڏ هڪ ويچار، هڪ فڪر ۽ هڪ پيغام سمايل آهي. اهو هي آهي ته اسين عيد جي خريدارين ۾ ته ڀلي شريڪ رهون، پر اسان کي اهو پڻ ڏسڻ گهرجي ته اسان جي مٽن مائٽن ۾ يا اسان جي پاڙي ۾ ڪو اهڙو نادار، مسڪين شخص ته ناهي، جنهن وٽ عيد لاءِ لاءِ ڪپڙا به نه هجن، يا اسان ۾ ڪو اهڙو فرد ته موجود ناهي، جنهن جي گهر ۾ لنگهڻ ڪاٽجي رهيو هجي. جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ اسان پنهنجي خوشين ۾ اهڙن نادار ۽ مسڪين شخصن کي پڻ ڀاڱي ڀائيوار ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته اصل ۾ ”عيد“ ان جو نالو آهي.