سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان جنهن کي به پهنجي ڌرتي سان پيار آهي ان کي اهو ڪلام ضرور پسند ايندو مون کي ته اصل جهومائي ڇڏيائين
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان. هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان. هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ، ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ، هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ، اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان، تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان، شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان، کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان. هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ، هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ، هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ، ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان. ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان، مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان، تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي، اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي، جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ، اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان محترم مرحوم تاجل بيوس جو حب الوطني سان ڇوليون هڻندڙ لازوال گيت ۔۔۔ جيڪو نه فقط علي علي کي جهومائي ٿو پر اسانکي به جهومائي ڇڏيندو آهي ۔۔۔ لک ٿورا سهڻا علي علي ۔۔۔ اوهانجو ونڊ ۽ اوهانجي موجدگي باعث سعادت ۔۔۔ خوش هجو پنهنجي خرچ تي ۔۔۔
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ها سائين جنهن به شخص کي ڌرتي سان پيار هوندو ان جي لاء هي سونگ ضرور جهومائيندڙ آهي مهرباني اسائين اسان جي هن ڪاوش کي پسند ڪرڻ جي لاء
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان، تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان، شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان، کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان. ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين علي ظفر بهترين شاعري سان ميڊم عابده جو من موهيندڙ آواز اندر ۾ هڪ عجيب احساس جاڳائي ٿو۔ انسان جتي به رهي پر ان کي پنهنجي ڌرتي جي مٽي کي ڪڏهن به نه وسارڻ ًگهرجي۔
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان اوهان جي پسند ڪرڻ جون تمام گهڻيون مهربانيون جي ها بلڪل انسان کي پهنجي ڌرتي ۽ ماء نه وسارڻ گهرجي پر ان سان گڏ مان هڪڙو ٻيو جملو به اضافو ڪندو اآهيان ته انسان کي پهنجي سڃاڻ به نه وسارڻ گهرجي جيڪا شي انسان جي سڃاڻ هجي ان کي به ياد ڪرڻ ۽ ان جي حب به عبادت آهي ۔۔۔۔مطلب ڌرتي۽ مٽي ماء سان محبت حلالي پٽ هجڻ جي نشاني آهي ۽ پهنجي سڃاڻ ۽ شناخت جي محبت نمڪ حلال هجڻ جي نشاني آهي
جواب: سنڌ مهنجي امان سونهن تهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي، اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي، جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ، اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان. تاجل بيوس جو مشهور گيت جنهن ۾ صرف سنڌ ئي سنڌ ڳايل آهي۔ علي جون مهربانيون جو هن ڪافي ڏينهن کانپوء قومي گيت جي صورت ۾ سٺي شيئرنگ ڪئي آهي۔ ڊسمبر ئي آهي جنهن ۾ هن گيت جو خالق تاجل اسان کان وڇڙيو۔ هن گيت جي هر سٽ، هر لفظ مان سنڌ دوستي ۽ حب الوطني نمايان آهي، هي اهو گيت آهي جنهن تي جهومڻ سان گڏ خوشيء جي ڪيفيت ۾ اکين مان ڳوڙها پڻ وهي ايندا آهن۔ جيئي سنڌ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت