جواب: سلام ڀائرو ۽ ڀينرو سنڌ جي دل ۽ سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد کان آيل ڀيڻ نجمه کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ڀينرون تمام گهٽ آهن، انڪري جڏهن ڪا اهڙي ڀيڻ جيڪا سنڌ ۽ سنڌيت سان پيار ڪرڻ واري نظر ايندي آهي ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو آهي ته اسانجون ڀينرون به پاڻ ملهائي رهيون آهن ۔۔۔ ڀيڻ اوهان سنڌ سلامت جي هن عمارت جي هر ڪمري ۾ گهمي ڏسندا ته اوهانکي کوڙ ساترو مواد ملندو، جنهن ۾ ادب کان وٺي ڪمپيوٽر جي بابت سمجهاڻيون ۽ سنڌ سلامت جي سکيا پڻ نظر اچي ويندي ۔۔۔ سنڌ سلامت جو نعرو سنڌ ۽ سنڌيت آهي ۽ سنڌي ٻولي کي نيٽ تي وڌائڻ جو وچن ٿيل آهي ۔۔۔ انڪري اميد ته اوهان سنڌي ڀينرون پڻ ان عمل ۾ اسانجو ساٿ نڀائينديون ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ پاڻ ڀريون ٿينديون ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ ڀيرو ڀڃڻ نه وساريندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام ڀائرو ۽ ڀينرو ادي سنڌ سلامت ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته کوڙ ساريون ڳالهيون ٿينديون۔
جواب: سلام ڀائرو ۽ ڀينرو نجمه توهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي قربائتا قدم رکڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا۔۔۔۔۔ عرفان ديشي
جواب: سلام ڀائرو ۽ ڀينرو ادي نجمه اسلام عليڪم۔اسان دل جي گهرائين سان توهان کي هن محبتي ۽ معلوماتي(هر موضوع تي) فورم جي ميمبر(ميزبان) ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔اسان کي يقين آهي ته اوهان کي هت جيڪي معلومات ۽ سکيا ملندي اها گهٽ فورمن تي ملندي آهي۔هن اڳڻ جا ميزبان پنهنجي لکڻين جي ذريعي هڪ مثالي ڪٽنب وانگر پاڻ ۾ جڙيل آهن۔هت عزت ڏيڻ ۽ عزت وٺڻ جو رواج آهي۔توهان کي هن فورم تي ڪافي ڏاها ملندا جن جون لکڻيون مشعل راه نئوان ميمبرن لاء هونديون آهن۔اميد ته هت اوهان کي پهنجائپ جو احساس ٿيندو۔توهان جي ليکن ۽ ڪمينٽس جو انتظار رهندو۔الله پاڪ اوهان جو حامي ۽ ناصر رهندو۔آمين۔آ
جواب: سلام ڀائرو ۽ ڀينرو اسان پنهنجي ڀيڻ محترمه نجمه صاحبه کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جون ميمبر ٿيون آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت