سنڌو ڪماري
سينيئر رڪن
آئون سنڌو ڪماري ڪراچي ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد آهيان ، ۽ منهنجي سياسي وابستگي سنڌ جي سورمين جي انقلابي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ سان آهي۔ مون کي شروع کان ئي اهڙن سنڌي گروپن ۾ميمبر ٿيڻ جو شوق هو ۔هڪ ڏينهن ادا رسول بخش جوڻيجوفيس بڪ تي آن لائن هو سو ادا کان پچا ڪيم ته توهان جنهن گروپ ۾ ڪهاڻي هئي اهو گروپ مان جوائن ڪري سگهان ٿي ۔ ۽ اهو گروپ ڪيئن آهي۔ سو ادا چيو ادي توهان اگر سنڏسلامت گروپ جوائن ڪندا ته توهان جي فيس بڪ تان به دل هٽي ويندي ، ۽ ٻيو اهو چيائين ته هن گروپ ۾ ٻيوڪوبه ڌاريوڪونهي سڀ سنڌي ڀائر آهن ۽ ڪجهه ڀينرون آهن۔ سو ادا جون مهربانيون جوهن گروپ بابت ٻڌايو۔