منهنجو نالو ظهيرجان لنجو آهي۔مون ڪنهن دوست کي چيو ته مونکي ڪو اهڙو فورم ٻڌاءِ جنهن مان مونکي سٺي معلومات ملي سگهي ته شاڪرالرحمان لنجو مونکي سنڌ سلامت فورم بابت ٻڌايو ۽ مون شاڪرالرحمان لنجو جي معرفت سنڌ سلامت ۾ رجستريشن ڪرائي آهي۔ اميد ته مونکي سنڌ سلامت فورم مان سٺي ڄاڻ ملندي۔
جواب: اسلام عليڪم سنڌسلامت فورم مڪمل درسگاھ ۽ سيکارڻ جو ھڪ وڏو پليٽ فارم آھي، دوست ھتي اچڻ تي مان اوھان کي ڀليڪار چوان ٿو۔
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي جان، ظهيرجان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سهڻا دوست! اميد ته اوهانجون اميدون پوريون ٿينديون ۽ اوهانکي مطلوبه ڄاڻ ضرور ملي ويندي، پر اوهان کي ڪهڙي ڄاڻ جي کوج آهي انجي ڄاڻ نه پئي ۔۔۔ هونءَ ته سنڌ سلامت تي ڪافي سارو مواد موجود آهي، ۽ هر عنوان ۽ موضوع تي ليک موجود آهن ۽ هر روز نوان عنوان ۽ موضوع شامل ٿين پيا ۔۔۔ اوهان مهرباني ڪري سنڌ سلامت جي هر سيڪشن ۾ وڃي پنهنجي مطلب جا ليک پڙهي سگهو ٿا ۔۔۔ ٻيو عرض ته اوهان پنهنجو نالو به ٻڌايو ۽ ان دوست جو نالو به ٻڌايو جنهن اوهانکي سنڌ سلامت جو ڏس ڏنو پر اوهان پنهنجو تعرف تفصيل سان نه ڪرايو ۔۔۔ ڪهڙو شهر، ڪهڙي ڪرت ۽ ڪهڙا شوق وغيره ۔۔۔ ڇا آهي ته تفصيلي تعرف سان دوستي رکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجو تعرف پڻ ڪرائيندا ۔۔۔ سهڻا دوست سنڌ سلامت جو مقصد سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي آهي ۔۔۔ انڪري اوهان دوست جيڪي سنڌ سان چاهه رکو ٿا انهن لئه هيءَ هڪ سهڻي اوطاق آهي ۔۔۔ اميد ته اوهان پڻ هن اوطاق جي دوستن سان گڏجي سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ڪندا لک ٿورا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم ظهير لنجو صاحب ڀليڪار اها اسان ٿرين لا فخر جوڳي ڳالهه آهي جو ٿر جا دوست سنڌ سلامت فورم ۾ شامل ٿي رهيا آهن
جواب: اسلام عليڪم محترم ظهير جان لنجو اسلام عليڪم۔توهان کي اسان هن محبتي ۽ معلومات سان ڀريل اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔ هت توهان کي هر موضوع تي تمام سٺي ڄاڻ ملندي۔ هي فورم سڀني دوستن جو آهي ۽ هت سٺين ۽ معلوماتي ليکن کي تمام گهڻو ساهرايو ويندا آهي۔ان جو اندازو اوهان کي تمام جلدي ٿي ويندو جڏهن توهان جي سٺن ليکن تي محترم ميمبرس جا ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيندا۔توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: اسلام عليڪم پياري دوست محترم ظهير جان لنجو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم محترم ظهير جان لنجو صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تهي ساٿ سلامت رهندو [/CENTER][/IMG]