رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
هن صدارتي تقرير پئي اوڳاڇي ”۔۔۔۔۔سنڌي اديب کي ادب ۽ ٻولي لا قربانيون ڏيڻيون پونديون۔۔۔ پيٽ تي پٿر ٻڌڻا پوندا ۔۔۔۔“
تاڙين جي ڦهڪي ۾ هن تقرير پوري ڪئي ۽ هال مان ٿيندو، تسبيح جا داڻا ڳڻيندو، ائر ڪنڊيشن ڪار ۾ وڃي ويٺو، ۽ ڪار ان فائيو اسٽار هوٽل ڏانهن ڊوڙڻ لڳي، جتي هن جي مان ۾ ڊنر ڏنل هئي ۔
(منصور احمد)
ورتل مهراڻ مارچ 1978