گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2011۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين نثار ابڙي ڪجه دير پهريان ٻلي ۽ چوزي واري ڳاله ڪئي ته هاڻي شهزور ۽ ان چوزي جي ياري ٿيندي پئي وڃي ان تي مون کي هي ڳاله ياد اآئي سوچيو ته دوستن سان ونڊ ڪجي

    واڳون ۽ گدڙ جي پاڻ ياري هوندي هئي واڳون گدڙي کي روز پهنجي ڪلهن تي سوار ڪري دريا جي ٻي ڪپ جي سير ڪرائيندو هو هڪ ڏينهن گدڙ کي ڪٿان ماکي جو مانارو هٿ آيو سوچيان اڄ ڇو نه پاڻ واري يار واڳون کي وات مٺو ڪرايان سڌو اها ماکي کڻي واڳون وٽ پهتو واڳون کي ماکي ڏاڍي وڻي اصل گدڙ تي ڏاڍو خوش ٿيو واڳون گدڙ کان پڇو يار اها ڪٿان اندئي گدڙ (ڊاڙ هڻڻدي ) چيو يار اها ته مهنجي روز جي خوراڪ آهي مان روزکائيندو اهيان تنهن تي واڳون کي به لالچ جاڳي ان سوچيو ته جي گدڙ روز ماکي کائيندو آهي ته ان جا آنڊا ته ڏاڍا مٺا هوندا واڳون رات تي فيصلو ڪيو ته سڀاڻي گدڙ کي وچ دريا ۾ وٺي وڃي اتي کائيندو مانس نيٺ صبح ٿي گدڙ آيو واڳون گدڙ کي پهنجي ڪلهن تي سوار ڪري جنهن مهل وچ دريا ۾ پهتو ته گدڙ کي چيائين گدڙ ڳالهه ٻڌي ٿي گدڙ چيو جي ماما ٻڌاء واڳون وراڻيو يار تون روز ماکي کائيندو آهين تهنجا آنڊا ته ڏاڍا مٺا هوندا ان ڪري مان تهنجا آنڊا کائڻ ٿو چاهيان ۔۔۔هههههههههههه گدڙ جو واڇون ئي ٽڙي ويون خير گدڙ به سياڻپ جو مظاهرو ڪندي واڳون کي جواب ڏنو ماما بس اها ڳالهه آهي ؟يار پهريان ته ٻڌائين ها مامي جي لاء جان به حاضر آهي پر يار پهريان ته ڏسين ها مان آنڊآ ته اس تي سڪڻ لاء رکي آيو آهيان جي پهريان ٻڌائين ها ته مان کنيون اچان ها ۔۔۔هاڻي واپس ڪناري کڻي هل ته مان اهي آنڊا کڻي اچان واڳون چيو جلدي ڪر هل سو واڳون واپس اچي گدڙ کي دريا جي ڪپ تي لاٿو گدڙ ڪناري لهي واڳون کي چيو اڙي بيوقوف ڪنهن آنڊا به سڪڻا رکيا ؟؟ اڃ تهنجي ياري جي خبر پئجي ويئي ته خونخوار سان ياري سٺي ناهي رهندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سبق۔
    1 ياري هميشه پاڻ جهڙي سان رکجي زهريلي نانگن سان ياريون سٺيون ناهين هونديون
    2ڊاڙي ماڻهون کي معاشري ۾ سٺو ناهي سمجهيو ويندو ڊاڙ هڻڻ سٺي شي نه آهي ڊاڙ هڻي ڪري پهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ به وجهي سگهون ٿا
    3مصبيت وقت ان جي جلد عقلمندي سان تدبير سوچڻ لازمي هوندي آهي همٿ هارڻ ڀاڙين جو ڪم آهي ڪم از ڪم گدڙ جيتر همٿ هجڻ ضروري آهي ههههههههههههههه
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

    ڳالهه ته سٺي ۽ سبق آموز آهي ۽ هيٺيان نتيجا به سون جهڙا ۔۔۔ حق سچ آهي سهڻا سائين

    1 ياري هميشه پاڻ جهڙي سان رکجي زهريلي نانگن سان ياريون سٺيون ناهين هونديون
    2 ڊاڙي ماڻهون کي معاشري ۾ سٺو ناهي سمجهيو ويندو ڊاڙ هڻڻ سٺي شي نه آهي ڊاڙ هڻي ڪري پهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ به وجهي سگهون ٿا
    3 مصبيت وقت ان جي جلد عقلمندي سان تدبير سوچڻ لازمي هوندي آهي همٿ هارڻ ڀاڙين جو ڪم آهي ڪم از ڪم گدڙ جيتري همٿ هجڻ ضروري آهي۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

    1 ياري هميشه پاڻ جهڙي سان رکجي زهريلي نانگن سان ياريون سٺيون ناهين هونديون


    واھ جھونا واھ زبردست سبق آميز آکاڻي۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

    ڳالهه وڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ ئي دوستن جي لسٽ تي ٻيهر نظر ثاني ٿا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏسون ته ڪير ان پرک تي پورو ٿو لهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر ٿورو رڪجان ۔۔۔ يار علي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سان پنهنجي ياري قائم رهندي ۔۔۔۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

    ابا سيلمان يار ڌمڪي نه ڏيندو ڪر يا هڪ هڪ جهونا ٻيو دل جا وال به ڪمزور ۽ مٿان سردي جي سختي ابا هونئن قبر جي ڪنڌي تي آهيون ابا وري جي ڌمڪيون اهڙيون ڏيندين ته ابا اسان ته وقت کان اڳي ئي رڙهي پوندا سي ههههههههههههههههههه الله خوش رکيو جاني
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گدڙ ۽ واڳون جي دوستي

    هل ڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جهونا ۽ ڊڄ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه ابا

    اسان وري ڪهڙي ڌمڪي ڏني ۔۔۔ مڙئي ڳالهه ٿي ڪئيسون سنڌ سلامت جي دوستن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو