پنجاب حڪومت جي هن مصوبي مطابق اهڙن شاگردن جن گذريل سال جي امتحانن ۾ 60 سيڪڙو يا سيميسٽر ۾ 70 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون آهن مفت ۾ ليپٽاپ حاصل ڪرڻ جا اهل هوندا۔۔ اهڙن شاگردن ۾ ايم ايس سي، بي ڪام، بي بي اي، بي ايس ۽ ايل ايل بي شاگرد شامل آهن۔۔ ان کانسواءِ اهي شاگرد به جن ايم ايس، ايل ايل بي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا وٺي ڇڏي آهي پڻ هن پيڪيج جا اهل هوندا۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر گذريل سال ميٽرڪ جا 100 پوزيشن هولڊر پڻ هن پيڪيج جا اهل هوندا۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ ويب سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔ افسوس جو سنڌ حڪومت شاگردن جي تعليم جي بهتري ۽ کين پٺي ٺپڻ طور اهڙي ڪنهن به پيڪيج جو اعلان ڪڏهن ڪيو ئي ناهي ۔۔ ۽ جي پنجاب سان ڀيٽ ڪجي ته مٿي ٻڌايل تعليمي پروگرام به سنڌ جو ڪو امير ماڻهون ئي ڪري سگهي ٿو جو فيس جي مد ۾ سنڌ حڪومت پنجاب جي مقابلي ۾ ٻيڻي رقم شاگردن کان حاصل ڪري ٿي۔۔
جواب: پنجاب حڪومت طرفان شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان۔۔۔ هاڻ آ ڇا چوان ۔۔۔؟؟؟؟ ٻين قومن جي ترقي تي ڳالهائجي يا وري پنهنجن نالائق ۽ ڦورو رياستي حڪمرانن تي ڳالهائجي يا وري ٻين قومن جي پنهنجي قوم لئه تڙپ ۽ لوچ تي ڳالهائجي يا وري سنڌي قوم جي ڦورو ۽ جاهلانه نظام تي ڳالهائجي ۔۔۔ انڪري آ ڪجهه نه ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ چوندا ته ڳالهائي ٿو ۔۔۔ فرق صاف ظاهر آهي ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، انهن آکيرن تي، ويٺا چٻ چڙهي، وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: پنجاب حڪومت طرفان شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان۔۔۔ سنڌ حکومت ته پئسا کائڻ ۾ پوري آهي۔جيڪڏهن سنڌ ۾ به اهڙو پروگرام رٿن ته سنڌ وارن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي
جواب: پنجاب حڪومت طرفان شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان۔۔۔ واعدي مطابق ڪالهه 30 جنوري تي پنجاب جي وزيرِ اعلى ميان شهباز شريف ليپ ٽاپ اسڪيم لانچ ڪري ڇڏي۔۔۔ جنهن تحت 2 فيبروري 2012 کان سڀ کان پهريان ضلع رحيم يار خان ۾ ۽ پوءِ ضلع وائيز هر ضلعي ۾ صوبي جي قابل ترين شاگردن کي پنجاب حڪومت طرفان ليپ ٽاپ ڏنو ويندو۔۔۔ هن اسڪيم تحت هن سال هڪ لک 10 هزار ليپٽاپ ورهايا ويندا۔۔۔ جڏهن ته ايندڙ سال 3 لک ليپٽاپ شاگردن ۾ ورهايا ويندا۔۔۔ ياد رهي ته هي ليپٽاپ ڊيل ڪمپني جي ماڊل Dell Inspiron N5050 تحت آهن جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪافي مهانگا تصور ڪيا پيا وڃن۔۔۔ جڏهن ته وزيرِ اعلى جي هدايتن مطابق جلد ئي جن شاگردن کي ليپٽاپ ڏنا ويندا انهن کي انٽرنيٽ جا وائي فائي ڪنيڪشن پڻ جاري ڪيا ويندا۔۔۔ تيسين هر يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميا کي شاگردن کي وائي فائي نيٽ مهيا ڪرڻ جو حڪم نامو ڏنو ويو آهي۔۔۔ افسوس ۽ حيف آ۔۔ سنڌ جي حڪومت تي۔۔۔
جواب: پنجاب حڪومت طرفان شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان۔۔۔ خوشنصيب آهن اهي شاگرد جن کي هي ليپٽاپ مليا آهن يا ملندا۔ پنجاب گورنمينٽجي ان فيصلي جي ساراهه ڪجي ٿي ۽ سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان به اهو مطالبو آهي ته سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙي پاليسي لاڳو ڪري مفت ليپٽاپ مهيا ڪن۔