جيئن ته توهان سنڌ سلامت فورم تي موجود آهيو۔ ڏاڍو ڀلو فورم آهي۔ پر اڄ آئون اوهان سان جيڪو فورم شيئر ڪري رهيو آهيان اهو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو بهترين فورم آهي۔ اهو فورم پاڪستان جي قومي ٻولي اردو ۾ آهي۔ ان فورم ۾ ڪمپيوٽر جا بهترين ڪورس موجود آهن جهڙوڪ ايڇ ٽي ايم ايل، سي ايس ايس، جاوا اسڪرپٽ، سي پلس پلس، مائڪروسافٽ ويوئل، ائڊوب فوٽو شاپ، ڪورل ڊرا وغيره وغيره۔ ان فورم جي اهم ڳالھ اها آهي ته اتي هر وقت 100 کان وڌيڪ يوزر آن لائن هوندا آهن۔ توهان جي هر مسئلي جو حل منٽن ۾ ملندوآهي۔ پر، هڪ ڳالھ جيڪا اتي موجود ناهي، جيڪا مون سنڌ سلامت فورم تي ڏٺي اها آهي، پنهنجائپ۔۔،۔ ليڪن پوء به ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شوقين دوستن لاء بهترين فورم آهي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري کوليو آئي ٽي دنيا فورم
جواب: ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جو بهترين فورم جان عالم صاحب اوهان جي فورم شيئر ڪرڻ جي مهرباني جواني جي ڏيهنهن ۾ اسان ان فورم تي ويندا هئيا سي شايد انهن کي ڏسي ڪري ئي اسان جي ذهن ۾ فورم ٺاهڻ جو ارادو آيو ۽ مون پهنجو آئي ٽي جهان فورم ٺاهيو اتي ادو رشيد مليو ۽ ان کان بعد اسان پهنيجا سڀ فورم بند ڪري اچي سنڌ سلامت وسائي سين اوهان جي ڳاله وانگر اتي سڀ شي اهي پر پهنجائپ ناهي بس ٻيو مڙئي خير
جواب: ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جو بهترين فورم سائين بلڪل صحيح پيا فرمايو انشاالله اھو ڏينھن پري ناھي جو سنڌ سلامت فورم به دنيا ۾ رھندڙ سنڌين سان ڀريو پيو ھوندو آمين
جواب: ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جو بهترين فورم هن فورم تي مان روز ڦيرو ڀريندو آهيان۔تمام سٺو فورم آهي
جتي پنهنجائپ يعني ، پيار محبت ، سڄڻائپ نه هجي اتي ڪيئن وڃجي ، ڀلي هر وقت اسانجي هن محبتي فورم تي 5 ميمبر به آن لائن نه هجن يا زياده تر مهمان طور به موجود نه هجن پر پوءِ به جيڪا انفارميشن ، دلي ۽ ذهني سڪون اسانکي هن اباڻي ٻولي واري فورم تي ملندو اهو سڪون دنيا جي ڪنهن ٻئي فورم تي هر گز ڪين ملي سگهندو!