سنڌ سلامت سٿ پاران فورم جي سونهن ۽ ڪنهن وقت ۾ گهڻو سرگرم رهندڙ دوست محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
ممتاز انهن دوستن مان آهي جنهن علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪيترائي قيمتي ليک سنڌ سلامت تي شيئر ڪيا ۽ سندس محنت ئي آهي جو هو سنڌ سلامت تي 1000 موضوع ڪندڙ پهريون ميمبر پڻ آهي۔ سندس علم ۽ ادب دوستي ئي آهي جو هو هميشه بهترين ليک لکڻ سان گڏ تفصيلي جواب ۽ رايا پڻ ڏيندو رهندو آيو آهي۔
خبر ناهي ڇو اسان جي سنڌ سلامت جو چمڪندڙ ستارو اسان جي اوطاق کان غائب آهي۔ اسان روز سندس راهون تڪيندا آهيون پر هو ڀلجي به ڪو نئون ليک شيئر ڪونه پيو ڪري۔ ٿي سگهي ٿو اسان مان ڪنهن دوست جي چيل ڪنهن جملي يا ڪنهن ڳالهه تي رٺل هي دوست اسان کان ايترو پرڀرو هليو ويندو جو اسان کيس پرچائڻ ۾ به ناڪام وينداسون، مان ان تي سوچيندو ئي رهيو آهيان۔
اسان اڄوڪي ڏينهن تي کيس ياد ڪرڻ سان گڏ کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته اسان جو هي دوست جتي به هجي، شال سدائين خوش هجي ۽ مرڪندو رهي۔