• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“خِزان جي خُو شبو”

Moazam Ali

سينيئر رڪن
آزاد نظم

“خِزان جي خُو شبو”

تو کي ياد ڪرڻ لاءِ مون کي ذهن تي زور ڏيڻ جي ضرورت ناهي
مون دنيا جي هر منظر ۾ توکي محسوس ڪيوآ........
خزان ۽ بهار جي تصديق تون ئي ڪري سگهين ٿي
مان صحرا ۾ پنهنجي وجود کي وڃا ئي چُڪو آهيان........
بِرهه جي باهه کي ڪنهن سمنڊ جي تلاش نه هئي
نه ئي نيڻن ڪو دلڪش نظارو ٿي گهريو
بس تون خوش رهين انهي تمنا ۾
خوابن کي خودڪشي ڪرڻ کان نه روڪي سگهيس..........
مان اڪثر ماڻهن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان
تون ناهين ته ڪير به ناهي
اڻپورين خواهشن جا روح پنهنجي چوءَ ڏس ڀٽڪندي ڏسان ٿو
منهنجا خواب به مون وانگر آهن......
دنيا جي حقيقت کي ڏسي مون خوابن کي ڦاهي ڏني.
زخمن جي جوڙ ڪٽ لاءِ ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ناهي
تو کي هارائي مون سڀ سکي ورتو......
اُن کان پهرين جو خيال به خودڪشي ڪن.
مون ڪاغذ ۽ قلم کان ناراضگي ختم ڪري ڇڏي آ..
سرد موسم ۾ وکريل زرد پتن کي ڏسي
خزان جي خوشبو جو احساس ٿيو
مونکي ڪنهن بهار جو اوسيئڙو ناهي................


وفا شيراز نظاماڻي
ٽنڊوسومرو
 
جواب: “خِزان جي خُو شبو”

خوابن کي خودڪشي ڪرڻ کان نه روڪي سگهيس..........
مان اڪثر ماڻهن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان
تون ناهين ته ڪير به ناهي
اڻپورين خواهشن جا روح پنهنجي چوءَ ڏس ڀٽڪندي ڏسان ٿو
منهنجا خواب به مون وانگر آهن......



تمام بهترين ادا زبردست مون وانگي خوابن ۾ زنده آهيون۔ شايد
 
جواب: “خِزان جي خُو شبو”

نه ئي نيڻن ڪو دلڪش نظارو ٿي گهريو
بس تون خوش رهين انهي تمنا ۾
خوابن کي خودڪشي ڪرڻ کان نه روڪي سگهيس..........


لاجواب چونڊ ۔۔۔۔ بهترين نظم
 
Back
Top