تاريخ جو تارا مسيح دور

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    تاريخ جو تارا مسيح دور
    هدايت بلوچ

    [​IMG]

    [JUSTIFY]تاريخ جا ٽي دور رهيا آهن، قبل مسيح دور، بعد مسيح دور ۽ ٽيون تارا مسيح دور. هن وقت اسين تارا مسيح دور مان گذري رهيا آهيون. اهو ٽيون ۽ آخري تارا مسيح دور آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي سڀ کان ذهين، عالمي طور تي مڃيل ۽ چونڊيل عوامي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي. هي تاريخ جو تارا مسيح دور آهي، جنهن ۾ شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي ٻن نوجوان پٽن شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. هي تاريخ جو تارا مسيح دور آهي، جنهن ۾ شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي نياڻي، مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزير اعظم، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. هي تاريخ جو تارا مسيح دور آهي، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو کي لاهور جي قذافي اسٽيديم ۾ رتوڇاڻ ڪيو ويو. جنهن عورت جو ور وزير اعظم ۽ ڌيءَ ٻه ڀيرا وزير اعظم رهي هجي، تنهن جي زندگيءَ ۾ تنهن جي عظيم ور ۽ ٻن نوجوان پٽن کي شهيد ڪيو ويو هجي. سندس عظيم ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هجي. تصور ڪريو ته ان عورت جي زندگي ڇا رهي هوندي! جنهن کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو جو حافظو به ختم ٿي ويو ۽ کيس اها به سرت ڪانه هئي ته سندس پياري ڌيءَ بينظير ڀٽو شهيد ٿي چڪي آهي. ڳڙهي خدا بخش هينئر جمهوريت جي شهيدن جي عظيم زيارت گاھ بڻجي چڪو آهي. تاريخ جي هن تارا مسيح دور ۾ نه فقط تاريخ جا عظيم انسان شهيد ٿيا پر ٻيا ڊڄڻا ڪردار، گھر جو سامان کڻي، بيگون ڀري، سنگت ساٿ کي سورن ۾ ڇڏي، آمرن ۽ غاصبن کان منٿون ميڙون ڪري معافيون وٺي، ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا ۽ سالن کان پوءِ وري معافيون وٺي موٽي آيا. تاريخ جي تارا مسيح دور ۾ انسانن سان گڏ جمهوريتون به ڦاسي تي چڙهي ويون، جنهن ۾ هڪ ڀيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻه ڀيرا شهيد محترمه بينظير جي حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويو پر ”شريفن جون شرافتون“ اڃا به هلن پيون. تاريخ جي تارا مسيح دور ۾ جن اعليٰ عدالتن، ضيائي انڌارن سان ڳٺ جوڙ ڪري، اسلامي سربراھ ڪانفرنس ڪوٺائيندڙ، دنيا جي مڃيل ليڊر ۽ پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، اهڙا فيصلا ڪندڙن جو تسلسل اڃا برقرار آهي ته ضيائي باقيات به موجود آهي، جيڪي جمهوريت خلاف وري تارا مسيح وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ستم ظريفي اها آهي جو اهي تاريخ جا تارا مسيح جڏهن سنڌ جو رخ ڪن ٿا ته ڪي مالي ۽ اخلاقي طور تي مجبور ماڻهو انهن جو آڌرڀاءُ به ڪن ٿا. هڪ تارا مسيح وري سنڌ اچي پيو. وري مالي ۽ اخلاقي طور تي مجبور ماڻهو سندس آڌرڀاءُ ڪندا.

    روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو