• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

احسان دانش نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي۔ سندس شاعري ۾ لفظن جي سهڻي ترتيب سان گڏ هڪ پيغام ۽ ڪا ڳالهه هوندي آهي جيڪا هو احساسن کي لفظن جا روپ ڏئي ٻڌائيندو آهي۔ سندس هڪ غزل پيش آهي جنهن جي ڊزائن به سندس ئي ڪيل آهي۔

غزل

چيم درشن جي لئه هي ديد مدت کان سوالي آ
چيائين ڳول صحرا ۾، جو منهنجي اک غزالي آ

چيم هي سوز ڇاجو آ، چيم هي تڙپ ڪهڙي آ؟
چيائين عشق جي بي چيني تو اندر ۾ پالي آ

چيم ڇا لاءِ هي دل جو ڏيئو پل پل اجھامي ٿو
چيائين بي يقينيءَ جي نميءَ سان وٽ آلي آ

چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پسان ٿو پيو
چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

چيم هي اڃ جنهن مدت کان مونکي اڌ مئو ڪيو آ؟!
چيائين ڪيفيت سا انتظاريءَ جي نرالي آ

چيم ڇو مانگ ٿي پوري نه ٿي منهنجي اڃا تائين
چيائين ڇيد آجھوليءَ ۾ تنهنجي تڏهن خالي آ

2r5ta2v.jpg

جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

تمام بهترين سائين۔۔۔!
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

سڀني دوستن جي مهرباني جن احسان دانش جي شاعري ۽ منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

يار سليمان! واه واه

احسان دانش جي پختگي ۽ فڪر سان ڀريل غزل، ٿورڙن لفظن ۾ وڏن ڪتابن جون ڳالهيون هوند انهن جملن جي ڪٿا ڪجي ته ڪيترائي ڪتاب ڪارا ڪرڻا پون ۔۔۔ مثال

چيم هي سوز ڇاجو آ، چيم هي تڙپ ڪهڙي آ؟
چيائين عشق جي بي چيني تو اندر ۾ پالي آ

هن مٿي ڏنل بيت ۾ دل جي بيماريءَ جا اصول واضح ٿيل آهن ۔۔۔ بي چيني ۽ عشق جي اڻ تڻ وارا ماڻهون اڪثر دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ڊاڪٽر وٽ ويندا آهن ته کين اها ئي صلاح ملندي آهي ته علاج پنهنجي جاءِ تي پنهنجي ذهن جا فڪرات ڪڍندي ته شفا ٿيندي ۔۔۔۔

ائين هر بند جو ڇيد ڪندا ته توهانکي سماجي، ديني ۽ طبيعاتي اصولن جي ڪٿا ملندي ۔۔۔ واه

سلامت هجو، انکي چئبي آهي پڪي پختي ۽ ڪارائتي شاعري ۔۔۔

سهڻو ونڊ ۔۔۔
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

بهترين شاعر بهترين سبق بهترين الفاظن سان بهترين احساسن جي ترجماني سائين وساڻ صاحب ۔
وسلام
 
سائين نثار مهربانيون

احسان دانش گهڻو ميچوئر شاعر آهي۔ ان سان گڏ پاڻ سٺو نثر نويس ۽ سٺي اخلاق وارو نوجوان آهي۔ رضوان گُل جو ڀاء ۽ مشهور اديب ۽ مفڪر سائين بشير احمد شاد جو فرزند آهي۔

تنهنڪري سندس شاعريء ۾ پڻ اهڙي ئي پختگي ۽ پيغام ملي ٿو۔

يقينن اوهان جي ڏنل راء احسان دانش لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻبي۔
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

بهترين شاعر بهترين سبق بهترين الفاظن سان بهترين احساسن جي ترجماني سائين وساڻ صاحب ۔
وسلام

مهرباني ڏاڏل سائين هن ونڊ کي پسند ڪرڻ جي
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

چيم هي سوز ڇاجو آ، چيم هي تڙپ ڪهڙي آ؟
چيائين عشق جي بي چيني تو اندر ۾ پالي آ

احسان دانش واقعي ھڪ سٺو شاعري آھي سندن جي شاعري مونکي سٺي لڳندي آھي۔۔۔۔سائين جن پاڻ چترڪاري به تمام سھڻي لاجواب ڪندا آھن پر اڄ ڪلھ سائين جن نظر ڪجھ گھٽ ٿا اچن؟ سائين سليمان اوھان جي چونڊ مان ائين ٿو لڳي ڄڻ اوھانکي به ھاڻي ھاڻي ڪنھن سان عشق ٿيو ھجي :chilli: (مذاق)
 
جواب: چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ

احسان دانش واقعي ھڪ سٺو شاعري آھي سندن جي شاعري مونکي سٺي لڳندي آھي۔۔۔۔سائين جن پاڻ چترڪاري به تمام سھڻي لاجواب ڪندا آھن پر اڄ ڪلھ سائين جن نظر ڪجھ گھٽ ٿا اچن؟ سائين سليمان اوھان جي چونڊ مان ائين ٿو لڳي ڄڻ اوھانکي به ھاڻي ھاڻي ڪنھن سان عشق ٿيو ھجي :chilli: (مذاق)

هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشق اهڙي ڳالهه ناهي

عشق ته اسان کي آهي، ڪڏهن ڪنهن موچاري ڇوڪري سان، ڪڏهن سنڌ سلامت سان، ڪڏهن فيسبوڪ سان ته ڪڏهن وري ڪنهن سان پر اهو عشق مڙئي عشق آهي۔

احسان دانش واقعي هڪ بهترين ۽ پختو شاعري آهي، ان ۾ ڪوبه شق ناهي۔
 
Back
Top