هندستان ۾ سنڌي پناهگير ورهاڱي جي سورن کان بحاليءَ جي محنتن تائين يو. ٽي. ٺڪر Share on Facebook آگسٽ 1947ع محتاجي ۽ آپيشاهي جي هڪ پڄاڻي، شروعات اڻ کُٽ جهڳڙن، ڏکن ۽ پڇتاءَ جي آزاديءَ جي اها خوشي ورهاڱي جي سورن کي مات ڏيڻ ۾ ڪڏهن ناڪام ٿي ڪافور ٿي وئي. هي وقت اهو هيو جڏهن ماڻهن کي اهو ڪجهه ڪرڻو پيو، جيڪو سندن دل وٽان نه هو. پنهنجيءَ ڌرتيءَ کان ڌاريو ٿي وڃڻ، هڪ اهڙي چونڊ، ڄڻ ته پنهنجي پاڙن کي پٽي اڇلائجي. هي اهو وقت هو جڏهن ماڻهو سورن جي سفر تي نڪتا، هڪ اهڙي علائقي جي ڳولا ۾ جتي زندگيون وڌيڪ قيمتي هيون ۽ مذهب نفرت نه ٿو پيدا ڪري. ورهاڱي سنڌي برادريءَ تي هڪ وڏي دهشت طاري ڪري ڇڏي. رياست پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پيارن کي الوداع ڪيو. سنڌي هندن کي خاص طور نئين رهائش جي تلاش ۾ پنهنجو بنياد منتقل ڪندي ورهاڱي جا خوف خطرا کڻڻا پيا. اهي سنڌي هٿين خالي هئا، برباد ۽ ويڳاڻا هئا، انهن لاءِ آئيندو ڪوبه آسرو نه ڏئي رهيو هو، مايوسي نانگڻ بنجي کين ڏنگڻ لاءِ اچي رهي هئي. 1947ع ۾ هندستان جي آزاديءَ واري يادگار ڏينهن پنجاب ۾ پاڻ سان وسيع پئماني تي قتل عام، لٽ ڦر ۽ برباديون آنديون ۽ باهيون ڏنيون ويون. جڏهن پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ تان پنجابين جون پاڙون پئي پٽيون ويون ۽ کين تڙي ڪڍيو پئي ويو، تڏهن سنڌ ۾ هندن ڊپ ۾ اچي سمجهيو ته پنهنجي وطن مان سندن لڏ پلاڻ جلد هڪ ضرورت بنجي ويندي. سرحدن جي آرپار اختيارين سنڌي هندن کي يقين ڏياريو ته کين ڪوبه هاڃو نه رسايو ويندو ۽ سندن حالت محفوظ رهندي. پر جيئن ئي نئين پنجاب جي آرپار لڏ پلاڻ بند ٿي ته جلد ئي سنڌ جي هندن پاڪستان مان نڪرڻ يعني پار پوڻ شروع ڪيو. ڀارت جي مسلمانن پاران وڏي تعداد ۾ پنهنجو وطن ڇڏي سنڌ اچڻ ۽ تشدد جي واقعن سنڌي هندن جي ڊپ کي ڄڻ ته جواز ڏنو. هندستاني حڪومت ماڻهن کي آرپار پهچائڻ لاءِ هڪ وڏي تعداد ۾ سامونڊي جهازن جو بندوبست ڪيو پر سرحدن جي ٻنهي پار ڪامورا شاهي جي رڪاوٽن سبب هڪ وقت رڳو 2000 ماڻهن کي ڇڏڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ پورٽ اختيارين به وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ئي وقت پهچائڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي. نومبر 1947ع جي شروعات تائين 2،46،000 کن ماڻهو سمنڊ پار ريل رستي سرحد پار ڪري چڪا هئا. بمبئي سان گڏ هڪ واڌو پناهگيرن جي خاص ٽرين روزانو هلائي وئي ۽ ڊسمبر 1947ع تائين وڌيڪ 1،40،000 پناهگير هندستان ڏانهن پهچايا ويا. دهلي ۽ ڪراچي وچ ۾ هوائي جهازن جون سروسز وڌايون ويون ۽ هندستاني حڪومت برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپنيءَ جي اڳيئي هلندڙ ريگيولر پرشن گلف لائين اسٽيمرز کان سواءِ 9 ٻين اسٽيمرز جو پڻ بندوبست ڪيو. وچ ڊسمبر تائين اٽڪل 1،3300 ماڻهو سنڌ مان هليا ويا ۽ بمبئي پريزيڊنسي (جنهن ۾ اڳي گجرات ۽ مهاراشٽر به شامل هئا) ۽ ڪاٺياواڙ پورٽن تي پهچايا ويا. مجموعي طور اندازو لڳايو ويو ته 4،47،000 پناهگير هندستان پهچي ويا. ڪراچيءَ ۾ رهندڙن هندن تي مسلمان پناهگيرن وڏي انگ ۾ حملا ڪيا، جنهن سبب لڏ پلاڻ تيز ٿي وئي. 1948ع جي جنوري ۽ فيبروري مهيني دوران وڌيڪ 1،80،000 ماڻهن سنڌ ڇڏي ڏني. ڊائريڪٽوريٽ جنرل رٿ ڏني ته هر هفتي سمنڊ رستي 15000 ماڻهو ۽ ريل ذريعي 3000 کان 4000 ماڻهو موڪليا وڃن. ان طرح 1948ع جي انهيءَ پهرئين ٽه ماهي ۾ ئي گهڻي تڻي لڏ پلاڻ ٿي. اندازو آهي ته سنڌ ۾ 7 لک هندو رهجي ويا جڏهن ته 10 کان 12 هزار سک پڻ صوبي جي مختلف حصن ۾ رُليل رهيا. اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ حڪومت پرمٽ سسٽم متعارف ڪرايو ۽ انڪم ٽيڪس اختيارين، تحصيلدارن، ميونسپالٽين ۽ ٻين اهڙين سول اختيارين کان اهڙا سرٽيفڪيٽ گهريا ته وٽن مسلمانن جا ڪي زيور گروي رکيل ناهن. هندو جڏهن بي گهر ٿيا ته مٿان مالي تنگيءَ به هنن لاءِ وڏيون مصيبتون آنديون. هر ڏينهن سراسري طور رڳو 3000 هندو نڪري سگهيا، انگ گهٽ هجڻ جو ڪارڻ اهو هيو ته هو پرمٽ سسٽم جي پيچيدگين سبب هڪ طرح ڦاسي پئي پيا ۽ فيبروري کان مارچ جي اڌ تائين 90،000 ماڻهو سمنڊ رستي ۽ ٻيا 4000 کن ريل رستي نڪتا. پوءِ وري پناهگيرن لاءِ خاص ٽرينون بند ڪيون ويون ته نڪرڻ وارن جو انگ وڌيڪ گهٽجي ويو. اپريل مهيني ۾ اهو انگ 3000 کان 1365 روزانو تائين اچي ويو. جون 1948ع جي وچ ۾ ٻيا 20،000 هندو انڊيا ويا، پوئتي لڳ ڀڳ 400،000 رهجي ويا. جولاءِ 1949ع تائين ڏاڪي به ڏاڪي پر لڳاتار اهو مرحلو هليو. آگسٽ 1949ع ۾ شڪارپور ۽ سکر ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا، سو لڏ پلاڻ ٻيهر تيز ٿي ۽ ساڳي سال سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ به عمل ۾ آئي. اندازن 1400،000 هندو 1947ع ۾ سنڌ اندر رهندا هئا، اٽڪل سوا ملين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري سُک جي ڳولا ۾ انڊيا جي علائقن ۾ ويا. جيڪي رهيا سي سنڌ جي مختلف علائقن خاص طور ٿرپارڪر ضلعي ۽ ٻين شهري علائقن ۾ رهيا. پناهگير جڏهن هندستان پهتا تڏهن مختلف هنڌن تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ايويڪيوئيشن آف دي گورنمنٽ آف انڊيا پاران قائم ڪيل ڪئمپن ۾ ترسايا ويا. اهي بمبئي، ڪاٺياواڙ، راجسٿان ۽ مرڪزي صوبن ۾ هيون ريل رستي جيڪي پناهگير اتي پهتا تن کي مارواڙ ۽ پالي مان راجسٿان ۽ احمد آباد رتلام ۽ کاندوا جي مختلف ڪئمپن ۾ رهايو ويو. اتان پوءِ کين بمبئي جي مختلف ڪئمپن ڏانهن نيو ويو. مارچ 1948ع جي وچ تائين 12 ڪئمپون ڪاٺياواڙ ۾ ٺاهيون ويون، اتي 32،000 سنڌي رهايا ويا. ساڳي قسم جون ڪئمپون بيڪانير، ڪوتاهه، اُدي پور، جوڌپور ۽ راجسٿان جي ٻين شهرن ۾ قائم ڪيون ويون. ساڳي عرصي ۾ بمبئي 1،29،000 پناهگيرن جو گهر هئي، اتي ان سلسلي ۾ مختلف ڪئمپون قائم هيون، جتان اهي مرڪزي حڪومت ورتا. ڪلياڻ جي 5 فوجي ڪئمپن کي پناهگيرن لاءِ وقف ڪيو ويو، آخرڪار هڪ سنڌي شهر قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. بمبئي واريون ڪئمپون ستن ضلعن ۾ پکڙيل هيون، جن ۾ هڪ لک 50،000 ماڻهن جي گنجائش هئي ۽ اتي ئي سنڌ کان ويل گهڻا سنڌي رهايا ويا. پناهگيرن کي کاڌي، ڪپڙي لٽي ۽ طبي اسٽاف ۽ ٻين شين جي رسد ڪرڻي هئي پر اها گهڻي وقت تائين نه پئي ٿي سگهي، حڪومت 31 آڪٽوبر 1949ع تائين رليف جي ان ڪم کي مڪمل ڪري زندگيءَ کي معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو، ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ديولي جي ڪئمپ کي بند ڪري اتي ترسيل 12 هزار 2 سئو ماڻهن کي ڀوپال نيو ويو. باقي 200 ڪٽنبن کي الوله ۽ ڀرتپور موڪليو ويو. آگسٽ 1949ع جي آخر ۾ بمبئي ۾ 25 رليف ڪئمپن ۾ ڪل 2.1 لک ماڻهو هئا جن مان 1.55 لکن کي رقمون ملي رهيون هيون. الهاس نگر کي هڪ الڳ ۽ ڀرپور شهر بنايو ويو، جتي لکين ماڻهن جي نئين آبادي ٿي، جڏهن ته ڪڇ جي گانڌي ڌام کي الڳ سنڌي شهر بنايو ويو ۽ ان لاءِ ڪنڊلا پورٽ کي ترقي ڏني وئي. مڌيا ڀرت ۾ ڪيرا ڪئمپ نومبر 1949ع ۾ بند ڪيو ويو. اتان ڪن ماڻهن کي گواليار موڪليو ويو جيئن اهي فيڪٽرين ۾ پورهيتن طور کپي وڃن ۽ ٻيا گرڊ ضلعي ۾ رهايا ويا. آگسٽ 1949ع جي پڄاڻيءَ تائين اهڙا 54 هزار پناهگير هئا، جيڪي مڌيا پرديش جي مختلف هنڌن ڏانهن موڪليا ويا. سال جي پڄاڻيءَ تي ٽلڊا، مانا ۽ چڪرا ڀٽا جي ٽن ڪئمپن کي الڳ شهر بنايو ويو. 15000 پناهگير راجسٿان پاڻ وٽ رهايا. سوراشٽرا ۾ باقاعدي ڪئمپون نه هيون پر اتي جي خالي ٿيل جڳهن، ڌرمشالائن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پناهگير رهيا جن جو انگ 28 هزارن جي لڳ ڀڳ هو. نومبر کان وٺي پناهگيرن جون رقمون ۽ رسد بند ٿي، پر لاوارث عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن لاءِ ضروري شين جي فراهمي جاري رکي وئي. 1949ع جي پڄاڻيءَ تائين پناهگير ڪل 4 هزار وڃي رهيا جن مان 75 سيڪڙو کي رسد رقمون ملي رهيون هيون. مڌيا پرديش ۾ به پناهگير ويا ۽ اتي پکڙجي ويا، انهن مان ڪن کي رسد ۽ رقمون ملي رهيون هيون. پر ڪئمپن ۾ ڳاڻ ڳڻيا پناهگير رهجي ويا ۽ انهن کي رسد ڏني پئي وئي. هندستان ۾ سنڌين جي آبادي پوءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ مشهور الهاس نگر ٿي وئي. اهو بمبئي کان 34 ميل پري آهي ۽ 3 هزار ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڊزائن ڪيو ويو، جيئن ان ۾ 3 لک ماڻهو آباد ٿين. ورهاڱي کان پوءِ وارن انهن شروعاتي ڏينهن دوران اڪثريت آبادي هڪ ڪمري وارن گهرن ۾ رهندي هئي. اهڙن گهرن ۾ 6 کان 20 ڀاتي رهي پئي سگهيا. ان طرح هر هڪ خاندان لاءِ زندگي ڏاڍي ڏک رهي. الهاس نگر انهن سنڌين تي ٻڌل آهي، جيڪي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر علائقي بلڪه هر ڳوٺ يا ننڍي شهر مان آيل هئا. سنڌي شهر گانڌي ڌامُ گهڻي حد تائين ڪاروباري مرڪز هو. بمبئي جي هڪ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني سنڌو ريسيٽلمنٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ هن شهر کي 17،500 ايڪڙن تي تعمير ڪيو ۽ اها ايراضي ڪمپني کي ليز تي ڏني وئي هئي، خاص طور ان لاءِ ته اتي پناهگير آباد ٿين. الهاس نگر ۽ گانڌي ڌامُ شهرن کان سواءِ ڪٻير نگر (احمد آباد) ۽ بيرا ڳڙهه (ڀوپال) ۾ پناهگير ڪالونين طور وڏن شهرن جي ڀرپاسي ننڍا شهر بنجي ويون ۽ اهو ڪجهه حڪومت جي رٿ تحت ٿيو. اصل ۾ بيرا ڳڙهه ٻي عالمي جنگ جي قيدين لاءِ ٺاهيو ويو هو پر پوءِ اتي سنڌين کي رهايو ويو. 30،000 ٻين پناهگيرن کي احمد آباد کان 4.5 ميل پري ٻيو شهر ڪٻير نگر ٺاهيو ويو، جيڪو احمد آباد ميونسپالٽيءَ جي ئي حدن ۾ آيو پئي. احمد آباد 1951ع ۾ 41،675 ماڻهن کي سهارو ڏنو، جن مان گهڻا ڪپڙي جي ڪاروبار سان سلهاڙجي ويا. اتي ويل سنڌين جي هڪ وڏي انگ پاڻ کي آباد ڪيو. هندستان مان سنڌ آيل مسلمانن ۽ هتان ويل سنڌين ۾ تمام ڏو فرق هو، ڇو ته هندستان مان آيلن جو وڌ ۾ وڌ تعداد اهو هو جيڪو شهرن جي هيٺين وچولي طبقي منجهان هيو. ان ڪري اتي ويل سنڌين لاءِ اتان کان سنڌ آيل مهاجرن جو ڇڏيل ڪجهه به نه هو. هتان ويل سنڌين وڏين محنتن سان مقامي ڪلاٿ مارڪيٽ هٿ ڪيو ۽ ڪجهه ٻين ڪاروبارن ۾ لڳي ويا، اتي سنڌين جي شهرت ئي اها آهي ته اهي وڏا جفاڪش ۽ اڻ ٿڪ ماڻهو آهن. نئين وطن ۾ کين تمام وڏا مسئلا ۽ مشڪلاتون نصيب ٿيون پر هنن دل نه لاٿي ۽ مصروف رهيا ۽ کين ڦل به مليو. ساڳئي وقت هو ثقافتي طور به اتي مشهور آهن ۽ ڀرپور سڻڀي زندگي گذارن ٿا. شروعات ۾ انهن لاءِ مشهور ڪيو ويو ته هو بک کان ڀڄي آيا آهن پر پوءِ انهن لاءِ تاثر بدلجي بهتر ٿيو. (اڄ سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي)