پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    قدرت پنهنجي نعمتن مان هڪ نعمت خوبصورت رنگ برنگي ماحول جي شڪل ۾ فراهم ڪري انسان تي مهربان رهي آهي۔ اهڙين رنگ برنگي نعمتن ۽ خوبصورتين مان پوپٽ به آهن۔

    هميشه وانگر هن سال به ڪيليفورنيا ۽ آمريڪا جي مختلف رياستن مان ڪيترائي رنگ برنگي پوپٽ هجرت ڪري ايڏو وڏو مفاصلو طئي ڪري ميڪسيڪو پهچي ويا آهن۔ هر سال اهي پوپٽ 3000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ مفاصلو طعي ڪري ٿڌ جي موسم گذارڻ لاء ميڪسيڪو پهچن ٿا۔ ميڪسيڪو جا ماڻهو انهن رنگي برنگي جيون جو شدت سان انتظار ڪندا آهن۔

    هن سال ميڪسيڪو جي ماڻهن ۾ ٿوري مايوسي به ڇانيل آهي ، ڇو ته پوپٽن جي تعداد ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ گهٽتائي آئي آهي۔
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]






     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    واهه سائين واهه! اوهان جي هي ونڊ رنگ وکيريندڙ آهي ۽ اوهان جي ذوق جو به ڏيک ڏي ٿي۔

    بلڪل ادا پکين توڙي پوپٽن جيان هر جيوت پنهنجي سُک لاءِ سفر ڪيو آهي۔ جيئن هي پوپٽ ميڪسيڪ ڏي اُسهن ٿا تيئن سائبيريا جا پکي سياري جي شدت کان بچي هتي سنڌ ايندا آهن۔ هاڻي انهن جي تعداد به گهٽجي پئي جنهن جو وڏو ڪارڻ آهي ماحولي آلودگي جنهن سبب ويچارا پکي ۽ هي ننڍي جيوت رستا ۽ ڏِس ڀُلجي وڃن ٿا۔ ماحولي آلودگي جي جيوت جي حس تي خراب اثرن تي ويجهڙ ۾ عبدلقادر جوڻيجو جا ڪاوش ۾ لکيل آرٽيڪل پڙهڻ جهڙا آهن۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    ادا سليمان وساڻ صاحب ۔هميشه وانگر هڪ منفرد موضوع جيڪو معلومات سان لبريز آهي هن فورم جي ڪينئوس تي چٽيو اٿئو۔اهو سڀ توهان جي ذهن جي پختگي جو احساس ڏيارين ٿيون۔توهان جي قلم مان نڪتل مختلف رنگن سان جيڪا انڊلٺ هن اڳڻ جي آسمان تي نڪري نروار ٿيندي آهي ان جو مثال ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔ادا نثار ابڙو وانگر توهان جا ليک به هر موضوع تي پڙهڻ لاء هن فورم تي موجود آهن۔جن مان گهڻو ڪجه پرائي سگهجي ٿو۔توهان جا لک لائق۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    مهرباني ادا حفيظ

    اوهان اهو سچ لکيو آهي ته اسان جي علائقن ۾ ايندڙ پرڏيهي پکين جي اڏام ۽ هجرت ۾ واقعي ئي گهڻي گهٽتائي آئي آهي۔

    ميڪسيڪو ايندڙ پوپٽن جي هجرت اڄڪلهه انٽرنيشنل ميڊيا تي به ڇانيل آهي۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    تمام خوبصورت آهي هي نظارو پوپٽن جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسانجي علائقن ۾ پکي هجرت ڪري ايندا آهن ء ولرن جي صورت ۾ اڏام ڪندا آهن ته هنن جو نظارو تمام خوبصورت لڳندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهترين
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    سبحان الله ۔۔۔ سڀ تعريفون ان پروردگار جون جنهن هي عجيب جهان خلقيو آهي ۔۔۔

    انسانن سميت دنيا جا ڪئي جانور، پکي ۽ جيت هزارن ميلن جو مسافتون طع ڪري رزق جي تلاش ۾، موسم جي گهٽ واڌائن ۽ ماحول جي تنگي سبب لڏ پلاڻ ڪن ٿا ۔۔۔ آفريڪا جا هاٿي، آمريڪا جا پوپٽ ۽ ٿر جا مارون ماڻهون پڻ پاڻي جي اڻاٽ سبب پنهنجي وجود جي بقا لئه لڏ پلاڻ ڪندا آهن ۔۔۔

    رنگي جا عجيب رنگ آهن ۔۔۔ ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن

    تمام سهڻو ونڊ

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    تمام بهترين ونڊ آهي اوهان جي ادا سليمان لاجواب جاني
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پوپٽن جي ميڪسيڪو ڏانهن اڏام

    مهرباني سائين

    روزمرهه جي زندگيء ۾ ۽ خاص ڪري سامهون ايندڙ مضمونن تي لکڻ تي دل چوندي آهي پر وقت جي گهٽ هجڻ سبب ممڪن ڪونه ٿو بڻائي سگهجي۔ ڪجهه ڏينهن کان انٽرنيشنل ميڊيا تي به ميڪسيڪو جي پوپٽن جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون۔ تنهنڪري سوچيم ته سڀني سان اها ڄاڻ ونڊ ڪجي۔

    سچ ته اوهان مٿي صحيح لکيو آهي ۔۔۔ سائين نثار ابڙو ئي اسان جي لاء مشعل راهه آهن ۔ انهن جي قلم مان نڪتل جملن کي راهه بڻائي اسان به سندس نقش قدم تي هلڻ جي جستجو ۾ هوندا آهيون۔

    مهرباني حوصلا افزائي ڪرڻ جي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو