ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو, ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو. سڀ کان آھي, نرالو سڀ کان آھي نرالو. اسان جو "سيد" پيارو اسان جو سيد پيارو. "عاشق سولنگي"
جواب: ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو, ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو. واه ڙي ادا عاشق، سيد جا عاشق ۔۔۔ سيد سنڌ جو عاشق ته تون سيد جو ۔۔۔ ڳالهه مڙوئي هڪڙي ۔۔۔ سيد جا نعرا هڻندڙ به ڪي ڏاها ته ڪي حب الوطن ته ڪي وري ڪي مطلب پرست ۔۔۔ الله پناه ۾ رکي انهن کان جيڪي سنڌ جي فڪر تي پنهنجا دڪان کولي ويٺا قوم کي تباهه ڪن ۔۔۔ اهڙن کي تنهنجا ئي لفظ ڏجن ته غدار سنڌ آهن اهي ماڻهون جيڪي پاڻ کي جي ايمسٽ سڏائي قوم جي تعليم ۽ انجي نظام کي تباهه پيا ڪن ۔۔۔ چميون قبول ڪندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو, ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو. سيد ڪير سڏائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين جي ايم سيد ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي نه وري ڪڏهن هن جو ضمير وڪاڻو۔ اهائي ئي خاصيت کيس سنڌ جي سڀني سياستدانن کان نرالو ڪري ٿي بيهاري۔ سنڌ جو عاشق سيد ۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ درستگي ڪرڻ چاهيندس ته اوهان مٿي لفظ نارو لکيو آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو نعرو لکيو ۽ پڙهيو وڃي ۔۔۔۔
جواب: ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو, ڪو ھڻي ڪنھن جو نارو. بيشڪ سيد سڀني کان ھو نرالو۔۔۔۔۔۔۔محترم غلطي جي نشاندھي ڪرڻ جي مھرباني۔۔۔۔۔۔بلڪل لفظ نعرو ئي آھي پر ڪجھ سورتخطي ڪچي ھجڻ جي ڪري اھڙيون وڏيون وڏيون غلطيون ٿيون ونڃن۔