دوستو ٿيندو ائين آهي جو فيس بوڪ تي دوست هوندا آهن ڪافي ۔۔ جيڪو پنهنجي وال تي ڪمينٽس سان گڏو گڏ خوبصورت تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندا رهندا آهن۔۔ تصويرن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ڏسي وٺبو آهي پر نيوز فيڊ ۾ موجود وڊيوز کي ڏسڻ ”وقت وڃائڻ“ برابر هوندو آهي۔۔۔ ان جي وجه اها ته وڊيو پنهنجي بفرنگ سان گڏو گڏ پاڻ کي به ساڻ رکيو ويٺي هوندي آهي۔۔ ان ڪري دوستن جي نيوز فيڊ اسٽريمنگ تيسين ڏسي نه سگهبي آهي جيسين وڊيو کي ڏسي وٺجي يا وري وڊيو تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Stop Download Video تي ڪلڪ وڊيو کي هلڻ کان روڪي نه ڇڏجي۔۔۔ پر جيڪڏهن مان توهان کي اهڙو ڏس ڏيان ته توهان اهي دلچسپ وڊيوز به ڏسندا رهو ۽ گڏو گڏ دوستن جي نيوز فيڊ اسٽريمنگ به ڏسندا هلو ته ”توهان کي ڪيئن لڳندو۔۔۔“ جي ها هاڻي اهو ممڪن آهي پر شرط آهي ته توهان وٽ هجي گوگل ڪروم برائوزر۔۔۔ ڇو ته مان توهان کي ٻڌائي رهيو آهي گوگل ڪروم جو هڪ بهترين ايڪسٽينشن جنهن جو نالو آهي۔۔۔ Facebook Video Player هن ايڪسٽينشن کي گوگل ڪروم ۾ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان فيس بوڪ نيوز فيڊ تي ويهندي ڪا به وڊيو ڏسڻ لاءِ جيئن ئي پلي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندو ۔۔ اها وڊيو مني اسڪرين طور فيس بوڪ ٽڪر مٿان اچي ويندي۔۔۔ جنهن کان پوءِ نه صرف توهان وڊيو پر فيس بوڪ اسٽريمنگ هڪ ئي وقت ۾ ڏسي سگهندو۔۔۔ ۽ جيڪڏهن وڊيو تي ڪمينٽس ڪرڻ چاهيو ته اها سهولت به موجود۔۔۔ يقينن هن عمل سان کوڙ سارا اهي دوست جيڪي مون وانگي فيس بوڪ تي گهٽ ويهندا آهن تڪڙو تڪڙو دوستن جا نيوز فيڊس ۽ گڏ دلچسپ وڊيوز کي ڏسي پنهنجو قيمتي وقت بچائي ”سنڌ سلامت“ فورم کي ڏيندا۔۔۔ فيس بوڪ وڊيو پليئر ايڪسٽينشن انسٽال ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: فيس بوڪ تي وڊيو هاڻي نيوز فيڊ سان گڏو گڏ۔۔۔ سائين پياري ٽپ آهي ليڪن وائرس کان بچڻ لاء ڪو سولو ڏس ٻڌايو۔
جواب: فيس بوڪ تي وڊيو هاڻي نيوز فيڊ سان گڏو گڏ۔۔۔ گوگل ڪروم آسمان تان تارا لاهي اچي ته به اسان کي نه ٿو وڻي۔ اهو ڪم ڪبو پر جڏنهن فائر فاڪس تي ايندو! باقي شيئرنگ لاجواب آهي۔ اسان انهي ڪم لاءِ فيس بوڪ جو ٻيو پيج کولي ٻئي ڪم ڪري وٺندا آهيون۔
جواب: فيس بوڪ تي وڊيو هاڻي نيوز فيڊ سان گڏو گڏ۔۔۔ پاڻ گوگل ڪروم جا چاهيندڙ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين شيئرنگ ۔۔۔ هاڻي ڪم سولا ٿي ويندا۔