جائز تنقيد برداشت ڪيون ٿا، حڪمرانن جا نوڪر ناهيون: سپريم ڪورٽ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد لائق راهو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2011۔

  1. محمد لائق راهو

    محمد لائق راهو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    ٽريول ايجنٽ
    ماڳ:
    ڪراچي
    جائز تنقيد برداشت ڪيون ٿا، حڪمرانن جا نوڪر ناهيون،صدر جواب داخل ناهي ڪرايو،الزام کان انڪار نه ڪرڻ الزام قبول ڪرڻ هوندو آهي: سپريم ڪورٽ

    سپريم ڪورٽ ميمو ڪيس ۾ پٽيشن ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت ڌرين کان 3 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ميمو ڪيس تي عدالتي ڪارروائي دوران بابر اعواڻ طرفان ڳالهائڻ جو نوٽيس وٺندي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، اهو ڇا حڪومتي موقف آهي يا نه آهي، جيڪڏهن نه آهي ته لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، عدالت چيو آهي ته جائز تنقيد برداشت ڪيون ٿا پر حڪمرانن جا نوڪر نه آهيون، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف سميت 8 درخواستگذارن جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سرعام سرڪاري وسيلن تي عدالتي فيصلن جي توهين ڪئي پئي وڃي، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، 3 نومبر جو فيصلو سڀني جي سامهون آهي، اتان ئي عدالت ڄمي پئي هئي ۽ فيصلو ڪيو ته آئينده ڪنهن به غير آئيني قدم جي تصديق نه ڪئي ويندي، اسان ادارن جو تحفظ چاهيون ٿا، اڄ فوج جو سپهه سالار اسان جي نوٽيس تي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائي ٿو، وزيرن فيصلن جي سڌي توهين ڪئي آهي، ڇا توهان اميد ڪيو ٿا ته اسان سڀ ڪجهه هضم ڪري وٺنداسين، خدا ۽ عوام جي حمايت سان هتي ويٺا آهيون، جسٽس جواد ايس خواجا بابر اعواڻ طرفان عدالتي فيصلي تي توهين بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت، علديه، پارليامينٽ ۽ اسان عوام جا پگهاردار ۽ ملازم آهيون، آئين علديه جي تحفظ لاءِ آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، اسان مقدس ناهيون، اسان تي تنقيد هئڻ گهرجي ۽ جائز تنقيد کي برداشت ڪيون ٿا پر اسان حڪمرانن جا نوڪر نه آهيون، چيف جسٽس چيو ته اسان پنهنجي فيصلن ۾ حسين حقاني کي قابل عزت لکيو آهي، انهي تي حسين حقاني جي وڪيل عاصمه جهانگير اٿي بيهي چيو ته توهان ان کي ٻڌڻ بنا سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو، اها ڪهڙي عزت آهي. انهي تي چيف جسٽس چيو ته اسان سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل نه ڪيو، صرف ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي پابندي وڌي، توهان ٻنهي کي خبر پئجي ويندي ته ان تي پابندي ڇو لڳائي، عاصمه جهانگير چيو ته پتو ڪڏهن پوندو، هاڻي ٻڌايو چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان کي بابر اعواڻ جي وڊيو ريڪارڊنگ ڏيکاريون ٿا، ڇا توهان نه ڏٺي آهي ڇا؟ اٽارني جنرل چيو ته مون خبرن ۾ صرف هڪ شارٽ ڪلپ ڏٺي، چيف جسٽس چيو ته وفاق جو انهي تي ڪهڙو موقف آهي، اسان کي ٻڌايو، اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم سان رابطو نه ٿي رهيو آهي، اهو سفر ۾ آهي، ان سان رابطو ٿيو ته وفاق جي موقف کان آگاهه ڪندس، چيف چسٽس چيو ته جيڪڏهن وفاق جو موقف اهو ناهي ته پوءِ هيستائين ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي، سرڪاري وسيلن تي عدالت خلاف گند اوڳاچيو پيو وڃي، جڏهن ته قانون واري وزير مولا بخش چانڊيو به عدالتي فيصلي جي تذليل ڪئي، انهي جو بيان به عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي، عدالت ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ سينيٽر خواجه آصف شمس الحسن کي ملڪ گهرائڻ جي حوالي سان پنهنجي درخواست جو ذڪر ڪيو ته چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کي ڇو 2 مئي جي سانحي ۾ الجهائڻ چاهيو ٿا، اسان واضح ڪيو آهي ته ايبٽ آباد واقعي سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، اسان ميمو معاملي کي ڏسي رهيا آهيون. هلو خميس تي انهي معاملي کي به ڏسي وٺنداسين، درخواستگذار طارق اسد پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته ميمو صرف هڪ فرد جي ڳالهه ناهي، پر انهي ۾ کوڙ سارا ماڻهو ملوث آهن، منصور اعجاز کان ان بابت پڇيو وڃي، ڊي جي آءِ ايس آءِ به پنهنجي بيان ۾ درخواست ڪئي آهي ته منصور اعجاز کي گهرايو وڃي، جتي تصدق حسين جيلاني کيس چيو ته هو ڪيس جي حد تائين محدود آهن، عدالت ۾ سياست بازي کان پاسو ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته آرمي چيف جي بيان جون سموريون شقون اهم آهن، پر شق نمبر هڪ وڌيڪ اهم آهي، پهرين ڊسمبر کانپوءِ کوڙ ساريون ڳالهيون سامهون اچي ويون، معاملي جي تصديق ٿيڻ کپي ته ماڻهن کي خبر پوي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي، هڪ موقعي تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته صدر انهي ڪيس ۾ مک آهي، ان طرفان جواب نه آيو آهي نه الزامن جو انڪار ٿيو، انڪار نه ڪرڻ جو مطلب الزام قبول ڪرڻ هوندو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته ميمو جو پيرا هڪ، ڇهه ۽ آخري ملائي پڙهون ته تاثر ملي ٿو ته ملڪي خودمختياري تي سوديبازي ڪئي پئي وڃي، جسٽس شاعر الله جان چيو ته درخواستگذار ٻڌائي ته ميمو آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل جي ٽڪراءُ ۾ آهي، ميمو ۾ لفظ ”اسان“ ڳڻتي جوڳو آهي، طارق اسد چيو ته ميمو آئين جي آرٽيڪل 8 جي خلاف ورزي آهي، عدالت جيڪڏهن سمجهي ته بليڪ بيري جو رڪارڊ طلب ڪري سگهي ٿي، نواز شريف جي وڪيل رشيد اي رضوي چيو ته ڪيس ۾ سڀ کان اهم جواب وفاق جو آهي، حسين حقاني کانپوءِ ڪنهن به تفصيلي جواب نه ڏنو، حسين حقاني جي وڪيل عاصمه جهانگير عدالت کان وقت طلب ڪندي چيو ته سندس ڌيءَ جي شادي آهي، انهي لاءِ ايندڙ عدالتي ٻڌڻي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي 22 ڊسمبر تي ٿيندي، هڪ ٻئي درخواستگذار سينيٽر ظفر الله عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته انهي سڄي معاملي ۾ آئين جي ڪيترن ئي شقن جي خلاف ورزي آهي، اهو معاملو آرٽيڪل 5، آرٽيڪل 8 ۽ آرٽيڪل 42 جي خلاف ورزي آهي، ميمو ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ٽيم نيو ڪليئر پلانٽس ۽ دهشتگردن جي حوالگي قومي سلامتي سان لاڳاپيل آهي، پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته درخواستون ٻڌڻ جوڳيون آهن يا نه پورو معاملو سالميت ۽ خودمختياري جي حوالي سان انتهائي اهم آهي انهي ڪري ان کي هنگامي بنيادن تي ٻڌو وڃي ڇو ته عوام پردي پويان لڪيل حقيقتون ڄاڻڻ چاهي ٿو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جائز تنقيد برداشت ڪيون ٿا، حڪمرانن جا نوڪر ناهيون: سپريم ڪورٽ

    هاڻي ڳالهه اها آهي ته تنقيد ته ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔

    جڏهن هڪڙا ڪيس سالن کان المارين ۾ بند هجن ۽ ٻيا ڪيس راتو رات اڪلائي فيصلا ڪيا وڃن ته پوء تنقيد ٿيندي۔ شهباز شريف جو اسٽي آرڊر ته ٽن سالن کان پيو هلي باقي ميمو ڪيس جي گهڻي جلدي آهي۔

    جڏهن فيصلن ۾ انصاف نه هوندو ته تنقيد به ٿيندي۔ اصغر خان جو ڪيس ته سالن کان پيل آهي ۔۔۔۔ ڇا اها ملڪي سلامتي تي داء ناهي؟ جنهن ۾ آء ايس آء سياسي ماڻهن ۾ پئسا ورهايا ؟؟؟ پوء ڇو اهو ڪيس جلدي نه ٿو اڪلايو وڃي ؟؟؟

    بس ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر ۔ مان حڪومت جي ڪا سپورٽ ڪونه پيو ڪيان هنن به هنن فيصلن تي سستي ڪئي آهي يا عملدرآمد ناهي ڪيو پر عدالت به گهٽ ناهي ڪئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو