• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
rm718y.jpg


سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ ادا صغير فيسبوڪ تي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريء جي ترقي لاء سدائين متحرڪ رهندو آهي۔ نوجوان شاعر لاء دعائون آهن ته پاڻ سدائين خوش هجن ۽ زندگيء جون انيڪ بهارون مسڪرائيندي گذارين۔

 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محترم سائين سليمان وساڻ لک ٿورا.....محترم ضغير جتوئي پنھنجي ديس کان ڏور ھوندي به اسان کي تمام ويجھو لڳندو آھي سائين جن ٻولي ۽ قوم جي خدمت ۾ ھيئر تائين مصروف آھن.....محترم کي اسان پاران به جنم ڏينھن جون واڌايون.
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب اوهان جا لک لائق جو اوهان اسانکي پنهنجي محبتن ۽ دعائن ۾ ياد رکيو۔ ماڻهون جنم ڏينهن يا مطلب زندگي جي سال وڌڻ تي خوشي ڪندا آهن پر منهنجي سوچ انهن جي برعڪس هوندي آهي ڇوته اهو سال زندگي جي اگر وڌيو آهي ته کُٽو به آهي، اسان جي زندگي جيئن جيئن وڌندي وڃي پئي تيئن تيئن اسان جون خواهشون وڌنديون پيون وڃن ۽ انهن خواهشن کي پورو ڪرڻ لا اسانجا ڏوهه به وڌندا پيا وڃن۔۔۔۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته هميشه پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ حق سچ جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔ آمين
جيئن جيئن هي زندگي
وڏي ٿيندي پئي وڃي
تيئن تيئن موت جي
ويجهو ٿيندي پئي وڃي
( صغير جتوئي)
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا صغير جتوئي صاحب اسلام عليڪم۔ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته زندگي جي نئين سال شروع ٿيڻ سان زندگي مان هڪ سال گهٽ جي ٿو۔پر نئون سال سٺو گذري ۽ الله پاڪ نيڪ عملن ۽ ٻين معاملن ۾ ڪاميابيون عطا فرمائي ان لاء سڄڻ ۽ ساٿي نيڪ خواهشات ۽ دعائن سان گڏ مبارڪون ڏيندا آهن۔اسان به توهان کي دل جي گهرائين سان دعا ٿا ڏيون ته اوهان جي زندگي جو نئون سال الله سائين تمام گهڻين خوشين سان ڀري ڇڏي۔ڏک کي توهان کان پرتي رکي ۽ هر اهو نامڪمل ڪم جيڪو پوئين سال ۾ نه ڪري سگهيو هن سال مڪمل ٿئي۔هميشه خوش رهو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا حسن جتوئي فروم دادو حال مقيم جده سعودي عرب منهنجا مڪي پاڪ ۾ ڪيئي سالن تائين پاڙيسڙي رهيا آهيون، ۽ ڪافي يادون به تمام بهترين آهن مڪي پاڪ ۾ گڏ رهڻ جون، ڌڻي اوهان کي هميشه خوش سلامت رکي۔۔۔۔
طاهر سنڌي ڪراچي
 
جواب: سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست صغير جتوئي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

مانواري ميمبر صغير جتوئي کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين کيس وڏي ڄمار ڏئي آمين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top