سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي سلام ڀـــونءِ مٿــي ڀٽ، ڀٽ تــــي ڀٽ ڌڻـــــي، آس وندا سڪ مـان، چـون ٻئي هٿ کڻي، ملي من ڪڻي، لطف مان لطيف جي. (اڪرم ٻورڙائي) امام بخش جوڻيجو ڪوٽڙي، ڄام شورسنڌ
جواب: تعارف حسينن جي شهر جامشوري جي سائين امام بخش جوڻيجو کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڀلي يار آيا ڀلائي اوهان جي، اسان واٽ ويٺي چتائي اوهان جي، ڏسي ڪاج قومي اچي اج اوهان، عزت آهي ويتر وڌائي اسان جي۔
جواب: تعارف سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي امام بخش جوڻيجي صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ڀٽائيءَ جي لطف مان لطف ڪڻي پنندڙ هن دوست کي عرض آهي ته اميدن تي جهان قائم آهي ۽ بقول لطيف سڳوري جي ته ؛ تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان، ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو۔ دوست! جدوجهد جو جهان آهي، انڪري اسين به سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اميد ته اوهان به اسانجي هن حب الوطنيءَ واري عمل جا ساٿي ٿي پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ اوهانکي هن فورم تي سنڌ ۽ سنڌيت ۽ علمي ڄاڻ جا ڪيترائي واهڙ وهندي نظر ايندا، اميد ته اوهان جي تاس تار ٿيندي، اميد ڪريون ٿا ته اوهين به پنهنجي علم مان ۽ کوج مان سنڌ سلامت جي اوطاق تي ونڊ ڪندا رهندا ته جيئن ساٿ چڙهي لڪئين ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف ادا امام بخش جوڻيجو صاحب اسلام عليڪم۔توهان کي اسان هن محبتي ۽ معلومات سان ڀريل اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔هي فورم سڀني دوستن جو آهي ۽ هت سٺين ۽ معلوماتي ليکن کي تمام گهڻو ساهرايو ويندا آهي۔ان جو اندازو اوهان کي تمام جلدي ٿي ويندو جڏهن توهان جي سٺن ليکن تي محترم ميمبرس جا ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيندا۔توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: تعارف ايندي چون آء ويندي چون ويهه ڇڏي سارو ڏيهه اڱڻ اچجي انهن جي۔ ڪوٽڙي جي دوست محترم امام بخش جوڻيجو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف اد امام بخش توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو [/CENTER][/IMG]