عبدالحڪيم جوکئي جي شاعري سر سسئي پنهل ڌاران سَرتيون، سُک نه سَنڀران هِــت جواني ۾ ”جوکيو“چئي، پرت پرين جي تِت هُـوت منهنجو هــت، رهيو آهـيــم روح ۾ بيت 2 آريءَ عـشق ٻــروچ رِيءَ هُئا جَـتَ جـاهل سيج سمهاري سرتين، ڪيو تن ڪاهـل پري نيائون پنهل کي سُڃي ڪري سـائل پيرين ڇني پايل، وينـدس پنڌ پنهون ڏي بيت 3 وينــدس پنڌ پنهون ڏي، سرتي سهي سُـورَ جبل جاڳي ڏونگر ڏوري، ملڻ ڪاڻ مجبور پُنهل سندا پُورَ ، ماريو وجهن معذور کي بيت 4 ڏيرن وِجهي ڏاڻ، کَنيائون پنهون پاڻ نڪاڪَل ڪيچين جي، نڪو ساٿ سُڄاڻ اديون آئون اَڄاڻ، ووڙيان واٽ وندر جي