واه گوگل پلس نهن ۾

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
هاڻي ته نهن ۾ به گوگل پلس اچي ويو آهي۔
Google%252B%2Bnail%2B%2521%2521%2521.png
 
عبدالحڪيم جوکئي جي شاعري سر سسئي

پنهل ڌاران سَرتيون، سُک نه سَنڀران هِــت
جواني ۾ ”جوکيو“چئي، پرت پرين جي تِت
هُـوت منهنجو هــت، رهيو آهـيــم روح ۾
بيت 2
آريءَ عـشق ٻــروچ رِيءَ هُئا جَـتَ جـاهل
سيج سمهاري سرتين، ڪيو تن ڪاهـل
پري نيائون پنهل کي سُڃي ڪري سـائل
پيرين ڇني پايل، وينـدس پنڌ پنهون ڏي
بيت 3
وينــدس پنڌ پنهون ڏي، سرتي سهي سُـورَ
جبل جاڳي ڏونگر ڏوري، ملڻ ڪاڻ مجبور
پُنهل سندا پُورَ ، ماريو وجهن معذور کي
بيت 4
ڏيرن وِجهي ڏاڻ، کَنيائون پنهون پاڻ
نڪاڪَل ڪيچين جي، نڪو ساٿ سُڄاڻ
اديون آئون اَڄاڻ، ووڙيان واٽ وندر جي
 
Back
Top