غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
حضرت لقمان جي ڏاهپ جي آزمائش،هڪ بهترين آکاڻي جنهن جي اندروني رمز مان واقف ٿي ماڻهو محبت جي مٺاس کي سمجهي سگهي ٿو
حضرت لقمان ( جيڪو پوء لقمان حڪيم جي نالي سان مشهور ٿيو) سو دراصل هڪڙي يهودي شاهوڪار جو زر خريد شيدي غلام هو۔هو ننڍي عمر ۾ ئي نيڪدل غلام هوندو هو ۽ رات ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ ۾ چست رهندو هو، تنهن ڪري پنهنجي مالڪ کي ڏاڍو وڻندو هو۔سندس مالڪ سڀ ڪنهن ڪم ڪار ۾ کائنس صلاح پڇندو هو ۽ کيس پنهنجي پٽن وانگر ڀائيندو هو ڇاڪاڻ جو حضرت لقمان پنهنجي ذاتي صفتن جي ڪري ۽ نفساني خواهشن جي غلاميءَ کان بلڪل آزاد هئڻ ڪري املھ ماڻڪ هو ۔حضرت لقمان جو آقا هن جي لڇڻن ۽ فضليت ڪري اهڙو ته خوش هو ،جو هن کي آزاد ڪري ٿي ڇڏيائين، پر حضرت لقمان جي مرضي هئي ته آءُ گمنامي ۾ رهان تنهن ڪري غلام ٿي رهڻ پسند ٿي ڪيائين۔آقا جو ايڏو راز حضرت لقمان تي ٿي ويو جو جڏهن سندس طعام ايندو هو،تڏهن حضرت لقمان کي سڏي پاڻ سان گڏ ماني کارائيندو هو۔هڪڙي ڏينهن آقا کي ڪو گدرو سوکڙيءَ طور ڪٿان مليو۔گدرو گڏجي کائڻ لاء حضرت لقمان کي سڏايائين۔جڏهن حضرت لقمان آيو تڏهن آقا ڇري سان پهريائين گدري جي ڦار وڍي حضرت لقمان کي ڏني،جا هن ڪرچ ڪرچ ڪري کائي ڇڏي۔آقا ٻئي ڦار ڏنس،اها به کائي ويو۔ ايئن هڪ ٻئي پٺيان سترهن ڦارون حضرت لقمان کي ڏنائين۔اهي سترهن حضرت لقمان کائي ويو۔باقي وڃي رهي هڪڙي ڦار۔آقا دل ۾ سوچو ته گدرو اهڙو ڪو لذيذ آهي، جو لقمان انڪار ڪرڻ کانسواء خوشيءَ سان سترهن ڦارون کائي ويو آهي،تنهن ڪري باقي رهيل ڦار آءّ به کائي ڏسان۔ايئن سوچي آقا ان ڦار مان هڪ ڳترو وات ۾ وڌو ته ڪوڙاڻ جي سختي کان وات ٻرڻ لڳس،زبان ڦلهار جي پيس، حضرت لقمان ڏي نهاري چوڻ لڳو ته:""'اي پيارا پٽ لقمان! تون هيءُ زهر جهڙو گدرو ڪيئن منهن گهنجائڻ کانسواءِ کائي وئين؟ ايڏو تحمل ۽ صبر! توکي پنهنجو ساه ڪڙو آهي ڇا! آءّ ڦار پٺيان ڦار ڏيندو ويس ته تو وري کائڻ کان انڪار ڪرڻ لاءِ ڪو عذر ۽ بهانو به نه ڪيو ! حضرت لقمان جواب ڏنو ته
نصحيت: محبت ۾ ڪوڙاڻ به مٺاڻ آهي۔
از محبت تلخها شيرين شود
وز محبت مسها زرين شود
""" محبت جي چاشني سان ڪڙي ۾ ڪڙيون شِون به مٺيون لڳنديون آهن ۽ محبت جي اڪير سان ٽامو به سون ٿي پوندو آهي"""
محبت جا ڪنڊا به گل ٿي لڳندا آهن،محبت ۾ سرڪو به شراب کان وڌيڪ سواد ڏيندو آهي۔محبت جي ڦاسي به تخت نظر ايندي آهي ۽ محبت ۾ بار به بخت نظر ايندو آهي۔محبت ۾ قيد باغيچو،ديو حور،نار نور،ڏک سک،نيش نوش ۽ بيماري صحت نظر اچي ٿي۔محبت ۾ مئل جيئرو ٿيو پوي ۽ بادشاه محٻت ۾ غلام بنجيو پوي۔اها محبت به دانائيءَ جو نتيجو آهي،ڇاڪاڻ جو عقل مان ئي عشق پيدا ٿيندو آهي،بيوقوفيءَ مان عشق ڪين پيدا ٿيندو؟ سوچڻ جي ڳاله آهي۔
از،مثنوي رومي۔
تاليف:-مولانا جلال الدين رومي رحه۔

"""مهنجا مهربان آقا ! تنهنجي هٿان مون اهڙيون عمديون ۽ عجيب عجيب شيون کاڌيون آهن ،جو انهن جي احسان جي بار کان آءّ ڪنڌ کڻي نه ٿو سگهان۔ اڄ تنهنجي هٿان زهر جهڙي شيءِ مون کي ملي ۽ آءّ ان جي کائڻ کان انڪار ڪريان يا عذر بهانو ڪريان سا ڳالھ مون پنهنجي لاء شرم جهڙي سمجهي۔ساري ڄمار تنهنجي هٿان مٺيون شيون کائي هڪڙي ڀيري تنهنجي هٿان ڪڙِِِي شيءِ کائڻ کان انڪار ڪريان سا ڳاله محبت جي خلاف ڄاتم۔"""