• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
rhiurd.jpg


سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ، نثرنويس ۽ براڊڪاسٽنگ جي شعبي جي مشهور شخصيت
محترم مختيار ملڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

...............................

مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئترڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا.

پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا :

ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو

اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو

پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔​


غزل

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين
صحرائن ۾ چور ٿياسين

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
اسان به اڄ منصور ٿياسين

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون
ايڏو اڄ مجبور ٿياسين

jbl9lKUjr7vIC0.jpg


jbtnHTMGtBUz13.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
تمام بهترين براڊڪاسٽر ڪنهن وقت ۾ هن جي ميزباني وارا پروگرام خيرپور ريڊيو اسٽيشن تان شوق سان ٻڌندو هوس. ڳالهائڻ جو تمام سٺوفن رکندڙپياريون پياريون ۽ مٺيون بهترين ڳالهيون ڪندڙ۽ آواز به ڏاڍو پيارويقينن” هڪ سٺي براڊڪاسٽر۾ جيڪي شيون هجڻ کپن اهي سڀ هن ۾ آهن.

اسان جي طرفان محترم مختيار ملڪ صاحب کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون.
 
Back
Top