• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪيا N8 موبائيل ڪيمرا ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين فلم رليز۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
موبائيل فون ڪيمرا جي ذريعي تيار ڪيل دنا جي پهرين فلم آمريڪا ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي وئي آهي۔۔۔ Olive نالي هي فلم ايراني هدايتڪار هومين خليل بڻائي آهي ۔۔۔ جنهن کي مووي ڪيمرا بجاءِ 14 ميگا پڪسل جي موبائيل نوڪيا اين8 جي ڪيمرا سان فلمايو ويو آهي۔۔

nokia_n8.jpg

هن منفرد فلم جي تياري تي لڳ ڀڳ 5 لک ڊالر کان به گهٽ لاڳت آئي آهي جيڪا هالي ووڊ جي فلمن ۾ تمام گهٽ سيڙپڪاري سمجهي وڃي پئي۔۔۔

فلم جي هدايتڪار جي گفتگو ۔۔ فلم جي سين ڀرڻ جا منظر ۽ فلم جو ٽيلر هن وڊيو ذريعي ڏسي سگهجي ٿو۔۔


جڏهن ته نوڪيا جي اين8 موبائيل جي باري ۾ مڪمل معلومات لاءِ حاضر آهي هي وڊيو۔۔۔

 
جواب: نوڪيا N8 موبائيل ڪيمرا ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين فلم رليز۔۔۔۔

سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔

هونء ته مان به N8 استعمال ڪندو آهيان جنهن جو رزلٽ زبردست آهي۔ پر هن ۾ هڪ خرابي آهي جو رات جي وقت وڊيورڪارڊ ڪرڻ لاء ليڊ فليش ڪم نه ٿي ڪري۔ جڏهن ته آء فون ۾ اها سهولت موجود آهي۔
 
جواب: نوڪيا N8 موبائيل ڪيمرا ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين فلم رليز۔۔۔۔

واه ادا واه مطلب ته دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي
 
جواب: نوڪيا N8 موبائيل ڪيمرا ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين فلم رليز۔۔۔۔

وڏي ڳالهه آهي ، موبائيل ڪيمرا جي وڊيو به ايتري ڪم جي آهي
 
جواب: نوڪيا N8 موبائيل ڪيمرا ذريعي تيار ڪيل دنيا جي پهرين فلم رليز۔۔۔۔

واه تمام گهڻي نوڪيا موبائيل سٺي آهي جو فلمون ٿيون تيار ٿين۔
 
Back
Top