انڊيا جا غريب ۽ اسان جا امير۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انڊيا جي مرڪزي ڪابيان ”نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بل“ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت ملڪ جي 63 سيڪڙو غريب آبادي کي چانور، اٽو، گيهه ۽ ٻيون ضرورت جون شيون سستيون ملنديون۔۔ هن منصوبي تي انڊيا جي حڪومت 2 کرب 76 ارب روپين جي سبسڊي ڏني آهي جنهن تحت هاڻي اتان جو غريب عوام چانور 3 روپيه في ڪلو، اٽو 2 روپيه في ڪلو، گهه 5 روپيه في ڪلو ۽ ٻيون ذرعي شيون هڪ روپيه في ڪلو خريد ڪري سگهندو۔۔

    [​IMG]

    واضح رهي ته انڊيا حڪومت اڳ ئي پنهنجي ساڍن 6 ڪروڙ غريب عوام کي 15 روپيه ڪلو ڪڻڪ ۽ 5 روپيه ڪلو چانور ڏيندي رهي آهي ۔۔۔ ان حساب سان حڪومت خوراڪ جي هن پروجيڪٽ تي لڳ ڀڳ ساڍن 9 کربن جي سبسڊي ڏئي رهي آهي۔۔

    هوڏانهن انڊيا پنهنجي عوام لاءِ ڇا سوچي رهي آهي ۔۔ ۽ هيڏانهن پاڪستان جي حڪومت عوام جي مٿان هڪ دفعو وري مهانگائي جو طوفان آڻي رهي آهي ۔۔ مٿين خبر جي تصديق لاءِ ۽ حڪومتِ پاڪستان جي موجوده مهانگائي بابت ڪامران خان جي پروگرام جي هڪ وڊيو حاضر آهي ۔۔۔ توهان ڏسو ۽ پاڻ ئي سوچيو ته آخر هتان جي عوام سان ايترو ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي۔۔۔

    مهرباني فرمائي وڊيو کي 2 منٽن تائين هلائي پوءِ خبر ڏسندا۔۔

    هي خبر اسان جي حڪومت جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي نه آهي جو سندن بنيادي نعرو ئي ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان آهي۔۔ پر هنن کي ڇاهي۔۔ هنن ته غريب عوام کان سڀ شيون کسي ڇڏيون آهن۔۔ پنهنجي پيئڻ لاءِ پاڻي به ٻاهرين ملڪ مان گهرائي رهيا آهن۔۔ ٻيو ته ٺهيو پر ڪنهن جيڪڏهن نڇ به اچي ٿي ته اهو سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪ اعلاج ڪرائي اچي ٿو۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انڊيا جا غريب ۽ اسان جا امير۔۔۔۔

    ڀلا هڪ سوال ته اوهان دوستن کي پاڪستان مان ڀلائيءَ جي ڪا اميد نظر اچي ٿي ڇا ۔۔۔۔ جي اچي ٿي ته سمجهايو ۔۔۔؟؟؟ ممڪن پنهنجي نظر ڪمزور هجي ۔۔۔!!!

    ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾، ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن ۔۔۔ ظالمن جو ظلم ايترو ته گهڻو آهي جو وات ٿڪجي پوندو، لفظ کٽي ويندا پر قصا ڪون ۔۔۔ انڪري بابا سائين پنهنجي ماٺ ڀلي ۔۔۔ وات تي هٿ ته ۔۔۔۔۔؟ باقي سمجهي ويندا

    رب ڀلو ڪري ۔۔ دعا ڪريو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: انڊيا جا غريب ۽ اسان جا امير۔۔۔۔

    پاڪستان مُلڪ ۾ امير ڏينھون ڏينھن امير ۽ غريب ڏينھون ڏينھن غريب۔۔۔۔۔ھن مُلڪ ۾ غريب جي ڪابه اھميت نه آھي ۽ امير جي روز عيد آھي۔۔۔۔سو دوست اسان ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جا پيروڪار آھيون۔۔۔۔۔۔۔۔پر ڪٿي اسان جي ڪابه را اسان جي سنڌي دوست کي متان نه وڻي ان لا اسان چُپ بھتر آھيون۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڊيا جا غريب ۽ اسان جا امير۔۔۔۔

    ڇا چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو ملڪ غلط نظريي تحت قائم ٿئي ته اتي فيصلا به غلط ٿيندا آهن پاڪستان جي قيام کان ٿيل غلطيون سڌرڻ بجاء ڏينهنون ڏينهن خراب ٿينديون رهيون۔ وري جڏهن مارشلا لڳي ۽ جمهوريت رهي ئي ڪانه ، جي رهي ته لولي لنگڙي ؟ اهڙي حالتن ۾ ادارن جو نه ٺهڻ ۽ ماڻهن سان خاص ڪري ننڍن صوبن سان ڪيل زيادتين حالتون اڃان بگيڙيون آهن۔

    ٻيو وڏو سبب هتي جو طبقاتي نظام پڻ آهي۔ هت هڪ طبقو گهڻو امير آهي جيڪو روز وڌيڪ امير پيو ٿئي ۽ ٻيو وڌيڪ غريب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عوام ڏانهن ڪنهن جي به نظر ناهي ، سڀ پنهنجي ڪرسي ۽ پنهنجي دولت لاء پيا ڪن۔ اهڙي حالتن ۾ اميد ته نظر ڪانه ٿي اچي پر پوء به جي ڪو انقلاب اچي ته ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: انڊيا جا غريب ۽ اسان جا امير۔۔۔۔

    حيرت آهي ته هندستان جهڙي پاڙيسري ملڪ ۾ عوام لاء ايترون مراعتون ڏنيو پيون وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسانکي پنهجي حڪومت مان ڪا ڀلائيء جي اميد رکڻ نه گهرجي
    هتان جي حڪومت لولي لنگڙي ، انڌي ٻوڙي ء گونگي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سو ان جي اڳيان رباب وڄائڻ مان ڪجهه به نه ورندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو