[JUSTIFY]اميد ڪريان ٿو ته توهان سڀ دوست خيريت سان هوندا، ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ مان هڪ تحرير موڪلي هئي جنهن جي ذريعي اسين پنهنجي ونڊوز کي انسٽاليشن جي وقت Genuine Key لڳائي ۽ پنهنجي ونڊوز کي Genuine ڪرڻ جي سکيا ڏني، پر اتي سوال اهو پيو اٿي ته انسٽال ٿيل ونڊوز کي ڪيئن Genuine ڪيو وڃي ؟ اسان جا ڪافي دوست اهڙا آهن جيڪي پنهنجي ونڊوز کي ٻيهر انسٽال ڪرڻ جي بدران ان کي Genuine ڪرڻ ٿا چاهن، ان لاءِ مان هڪ سافٽويئر توهان سان شيئر پيو ڪيان جنهن جي ذريعي اسين پنهنجي ونڊوز جي Key بدلائي سگهون ٿا۔ ونڊوز ڪي چينجر ڊائونلوڊ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو سافٽويئر جو کي ايڪسٽريڪٽ ڪرڻ کان پوءِ ان کي اوپڻ ڪريو، اوپن ڪرڻ کانپوءِ توهان جي اسڪرين تي هيٺ ڏنل تصوير جيان اچي ويندو، New Product Key ۾ هيٺ ڏنل Key پيسٽ ڪريو، THMPV-77D6F-94376-8HGKG-VRDRQ پيسٽ ڪرڻ کانپوءِ Change Key تي ڪلڪ ڪريو، پروسيس پورو ٿي وڃي ته Quit ڪري ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو۔ 3 اٽيچمينٽ ڏسو نوٽ:- ان عمل دوران ڪنهن به دوست جي ونڊوز ۾ اگر وائرس هوندو ته ان جي ونڊوز ڪرپٽ ٿي ويندي۔[/JUSTIFY] دعائن ۾ ياد
در اصل ڪافي عرصي کان سوچيندو رهيو هوس ته ادا عامر جن جي هي ٽِرڪ استعمال ڪريان، پر اوهان جي آخري وارننگ ته: نوٽ:- ان عمل دوران ڪنهن به دوست جي ونڊوز ۾ اگر وائرس هوندو ته ان جي ونڊوز ڪرپٽ ٿي ويندي۔ جي ڪري هر دفعي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏيندو هوس، پر اڄ جڏهن جينين ونڊو جي آپشن گهڻو تنگ ڪيو ته اوهان هي ٽرڪ استعمال ڪرڻ تي سوچيم، ۽ بسم الله ڪري ڏني، اوهان جي سڀني حڪمن جي بجا آوري ڪندي ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪيم ۽ ڏاڍو خوش ٿيس ته جهنجهٽ مان جان ڇٽي، پر حيرانگي تڏهن ٿي جڏهن ساڳيو جينين ونڊو جو آپشن وري اسڪرين تي وات ڦاڙي ويٺو۔ ان مان ثابت ٿيو ته منهنجي ڪمپيوٽر ۾ وائرس به نه آهي، ۽ اوهان جي ٽِرڪ غلط ثابت ٿي۔ ڏسون ته ادا عامر جن يا سائين جادوگر صاحب متان ڪنهن غريب تي ترس کائي ڪا واٽ ڏين۔ لک لائق۔۔۔۔