ملڪه ترنم نورجهان : موسيقيء جي دنيا جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ملڪه ترنم نورجهان : موسيقيء جي دنيا جو وڏو نالو
    محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]مائي الهه وسائي 21 سيپٽمبر 1929 ع ۾ قصور ۾ پيدا ٿي۔ ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ ڪونه هيو ته هي ننڍري ڇوڪري مائي الهه وسائي اڳتي هلي دنيا جي اهڙي ڳائڻي ٿيندي جنهن کي دنيا ملڪه ترنم جي نالي سان سڃاڻندي۔ 1935 ۾ پنڊي دي ڪڙي نالي فلم سان شروعات ڪندڙ الهه وسائي اڳتي هلي نورجهان جي نالي سان مشهور ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هندستان جي مشهور ڳائڻي بڻجي وئي۔

    سندس پهريون ڳايل گانو هو ” مجهه سي پهلي سي محبت ميري مهبوب نه مانگ“۔ هوء ڳائڻ سان گڏ فلمن ۾ هيروئن طور به ڪم ڪندي رهي۔ سندس مقبوليت ايتري گهڻي هئي جو پاڪستاني فلمن جي ڪاميابيء جو دارومدار سندس آواز تي ٿيڻ لڳ۔ هن 10 هزار کان مٿي عزل، گيت ۽ فلمي گانا ڳايا۔ هن اردو، هندي، سرائڪي، پنجابي ۽ سنڌي زبان ۾ ڳايو۔ ريڊيو ۽ ٽي وي تي ته کيس گهني شهرت ملي پر سندس سڃاڻ فلمي گانا ئي بڻيا۔ هوء پاڪستان جي پهرين عورت فلمي ڊائريڪٽر پڻ هئي۔ 1957ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو۔ 1966 ۾ کيس تمغه امتياز پڻ ڏنو ويو۔

    ملڪه ترنم نورجهان سنڌي فلمن لاء پڻ پلي بيڪ سنگر طور ڳايو ان وقت سنڌي فلمن جو اوج هو ۽ رونا ليلى ، ناهيد اختر جهڙيون ڳائڻيون به ان وقت سنڌي فلمن لاء پنهنجا گيت رڪارڊ ڪرائينديون هيون۔ 1970ع ۾ هن سنڌي فلم گهونگهٽ لاهه ڪنوار ۾ گيت ڳايا جيڪي گهڻو مشهر ۽ مقبول ٿيا۔ هن فلم ڌرتي ۽ آڪاش لاء پڻ گيت رڪارڊ ڪرايا جيڪا 1978ع ۾ ٺهي جنهن جي موسيقي غلام علي ترتيب ڏني هئي۔

    ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000ع تي 74 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.[/JUSTIFY]















     

هن صفحي کي مشهور ڪريو