پرديس سان پريت

'سنڌي ادب' فورم ۾ علي رضا جوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2011۔

  1. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    پرديسي سان پريت
    علي رضا جوکيو
    هو ڪيترائي سال لاهي اچي ڌرتي تي اُسيو. هن جي اچڻ جي خبر هوا وانگي پکڙجي وئي، هر اک هن کي ڏسڻ لاءِ آتي هئي هر اک هن کي ڏسڻ لاءِ ڦڙڪڻ لڳي هر ماڻهو هن سان ملڻ لاءِ مانڌو هو. هر ڪنهن جي دلي تمنا هئي ته هن سان ملي حال احوال وٺون ۽ سُور سليون اها ادا انهن ماڻهن جي هن سان ملڻ هن کي ڏسڻ ۾ انهن جي ڪابه لوڀ ڪا به لالچ نه هئي ته هن پرديسي جي پريت هن محبتي ماڻهو جي محبت هئي چاهت هئي نيڙت ۽ نوڙت هئي،ان جي پوکيل پوک هئي جيڪا انهن دوستن يارن ڳوٺ وارن پاڙيسرين کي هن طرف ڪشش ٿي ڪيو ته هن جي اچڻ سان هنن جي لاءِ ٻارڻ ٻاري ڇڏيو پرديسي جا پير رکڻ سان ئي سورن جي سيڄ وڇائنجي وئي. وڏا وڏا وات ڦاڙي پنهنجو فرمائشون سُڪل مڇي وانگي سنگر ۾ پوئي سڪائڻ جي لاءِ سڀي آڻي آتڻ ۾ رکيو. آيل پرديسي کي پريت وسري وئي ميل ميلاپ وسري ويو هو مونجهائنجي ويو ته ڇا ڪريان! هڪ آئون هزار ڪم ۽ غم ڇا ڪريان! مون وٽ اهي پير ئي نه رهيا آهن جيڪي آئون ڇپر ۾ ڇِنا اهي سُور سهڻ جي سهپ نه رهي آهي جيڪي سسئيءَ سٺا. اسان انهن ماڻهن ۾ رهي آهيون جن وٽ ٻيو ڪجهه به نه آهي پر انهن وٽ وقت جو قدر آهي انهن وٽ اها محبت ته نه آهي جيڪا منهنجي ماروئڙن وٽ آهي پر انهن وٽ هي هيڏيون درد ڪٿائون نه آهن هُتي ته هر ڪو پنهنجي پاسي واري روڊ تي لائن ۾ ٿو هلي پر هتي ته هر موقعي جي تلاش ۾ آهي ڪل ئي ڪانهه ٿي پوي ته ڪٿان کان اندر آيو آهي ۽ ڇو ڇا جي لاءِ آيو آهي ۽ ٻئي کي اذيتون ڏيڻ ۾ ڪهڙو ٿو سُرور ۽ سڪون اچي. هي مسئلن کي وڌائڻ ۾ ڪيڏا نه ماهر آهن مسئلن جي پوک پوکڻ ۾ ڪيڏا نه تيز آهي اگر هي پنهنجي پاڻ کي ترقي ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ تيز هجن ته ٻين ملڪن کان به هي سنڌ تمام اڳتي هجي. اسان پرديسي نه پر ديسي هجون. هي وٺڻ وارا نه پر ڏيڻ وارا هجن ايئن ئي هن کي ڏينهن، هفتا، مهينا گذري ويا جڏهن به ملڻ ٿيو هن جي سُڪل اکين مان آب ته نه وهي، ڳٽن ۽ ڳلن تان ڳڙيا پر دل ئي دل محسوس ٿي ڪيو ته پرديسي جي دل چڪنا چور آهي ۽ لبن تان اهي لفظ چُر فر ڪندي پنهنجي ڪنن جي پڙدن تان ٻڌڻ ۾ ٿي آيا اسان جي نصيب ۾ ڪٿي آهي سُکن جي سيڄ. هاڻي واپسي جو وکر ٿا وٺون وڃي ڳڻتين سان ڳُنڌڻ ڪندا سين. هن جي زبان مان نڪتل لفظ هينئان ڏاري، اندر چيري ٿي وڌا ۽ دل ئي دل ۾ ڏاڊا ارمان ،اُدما ٿي ابري نروار ٿيا ته هي ڪهڙي مخلوق آهي، هي ڪهڙي قوم آهي، هي ڪهڙي ديس جا پرسرار آهن. هنن جي دل ۾ ٿوري به رحم وارا نگ نه آهن اسان ٿوري دير لاءِويهي ويچاريون ته ڪنهن به قوم ۾ اهڙا من کي موهيندڙ ماڻهو تمام ٿورا ۽ آڻ لڀ هوندا آهن جيڪي ٻئين ڪاڻ جيئڻ جا جتن جوٽي جئيندا آهن . جن کي پرديس ۾ پنهنجا سور ته محسوس ئي نه ٿيندا آهن پر پنهنجن مارون ماڻهن جي لاءِ راتان ڏينهان پيا ڪڙندا ۽ کامندا آهن ۽ لڪ لڪ ۾ اکين مان رت جا ڳوڙا ڳاڙيندا رهندا آهن . هن پرديس جي پنهنجن لاءِ پريت ڏسو هو پرديس ۾ رهي ڪري هو پنهنجي مارون ماڻهن جي خدمت خلق ڪندو پيو اچي جتي هن کي ڪنهن سماجي اين جي او جي ڪنهن پروگرام جي ڪابه داعوت مليندي آهي ته هو هن ۾ وقت جي ڪمي جي باوجود حاضر ٿيندو آهي ۽ اتي هن کي جيڪي T.A.D.A ملندو آهي هو وري ديس ۾ ڪنهن رجسٽر NGOS کي اوماڻي ڏيندو آهي ڏسو ته پيسو ڪنهن کي پيارو نه آهي پر هو هن کي پاڻ خرچ نه ڪندو آهي ۽ هو موڪلي ۽ هن ۾ پنهنجي پارا به مدد ڪندو رهندو آهي اهو پيسو وري علائقي جي سماجي ڪمن لاءِ خرچ ٿيندو آهي .اهڙا سماجي سوچ جا مالڪ ٿورا ئي هوندا آهن اسان انهن لاءِ ڌڻي در دعا ئي ڪري سگهو ٿا يا رحيم يا ملڪ توئي انهن پرديسين جو محافظ آهين تون ئي انهن کي محفوظ رکجا
    جيڪا ٿوري به ڪرت ڪري ان کي ان پرديسي سان پيار مان لاڏ سان نينهن سان، محبت ۽ اخلاق سان هن کي سنڌ جو سير ڪرائين. هن کي لطيف جي نگري گهمائين هن کي مڪلي ۽ موئيندان ڏيکارين، هن کي عبدالله شاهه غازي جي مزار جي زيارت ڪرائن، هن سان محفلون مچائين، هن کان حال وٺن ۽ حال ڏين. هن جون تڪليفون، سور پاڻ سلي هن جي دل جو بار هلڪو ڪن ۽ موجن ۾ هن کان موڪلائين هي وڃي ڪري پرديسين کي سنڌ وارن جا سلام ڏي هنن سان گهاريل گهڙيون وڃي سڻائي. ايئن نه ٿئي جو هو هميشه هميشه جي لاءِ هن ڌرتي کي وساري وئي رهي ظاهر آهي اهڙي عملن سان ڇا ٿيندو هونءَ به چوڻي آهي ته جهڙي نيت تهڙي مراد جهڙي ڪندا تهڙي ڀريندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو