حافظ محمد بخش خاصخيلي جو وڇوڙو ۔۔۔ مجيب سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2011۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    حافظ محمد بخش خاصخيلي جو وڇوڙو
    مجيب سنڌي

    موت هڪ اٽل حقيقت آهي ، خدا پاران مٽيءِ سان کيڏندي مٽيءِ جو ٺهيل انسان مٽيءِ سان ئي مٽيءِ ٿي وڃي ٿو، حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي جو سج به لهي ويو ۽ حافظ اسان کان ائين وڇڙي ويو جو ڪا خبر ئي نه پئي ، اسان جي ثقافت کاتي جي بي حسي سبب ڪيترا ئي ڏينهن حافظ ڳلي جي ڪينسر جي ڪري اسپتال ۾ داخل رهيو ، پر ڪنهن سندس سار ڪان لڌي ته حافظ جيڪو لطيف جو پارکو هيو ، جنهن کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو هر بيت ياد رکندڙ حافظ ڏيڍ سال بيماري سان جنگ ڪندي نيٺ هارائي ويٺو ۽ اسان کان موڪلائي ويو ، حافظ محمد بخش خاصخيلي جي جي وڃڙڻ واري خبر سينئر صحافي عبداش پنهور فون ڪري ٻڌائي ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي ، عبداش ٻڌايو ته حافظ اسان کان وڃڙي ويو آهي ، سندس جنازي نماز 3 بجي ادا ڪئي ويندي شريڪ ٿجو اسان سڄي سنگت تيار ٿي حافظ جي جنازي ۾ نوان جتوئي وڃي شرڪت ڪئي ، سندس جنازي مهل توڙي جنازي کان پوءِ ايندڙ هر ماڻهو جي اک آلي هئي ، هر چاهيندڙ اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو ،
    حافظ محمد بخش خاصخيلي دوڙ ۾ ۽ دوڙ ڀرسان سنڌي ٻولي ، سنڌي الفابيٽ جي باني حاجي ابوالحسن سنڌي ڏاهري جي مزار تي 10 ذوالحج جي رات جو ٿيندڙ پروگرام شريڪ ٿيندو هيو ، ان موقعي تي حافظ جي چوڌاري سندس چاهيندڙن جو گهيرو هوندو هيو ، ۽ هر ماڻهو حافظ کي فرمائش ڪندو هو ته پنهنجي شاعري
    ظالم توسان پاڻي ٿيندو
    پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو
    حافظ اهو ئي نظم ريتيءَ کان ڪراچي تائين ٿيل امن لانگ مارچ جي قافلي ۾ ٻڌايو ٿي ته سڄي سنڌ ڄڻ هن سان گڏ نظر پئي آئي ، سنڌ جو هي صوفي فڪر ۽ صوفي عزم واري فڪري قافلي جو راهي هو ، حافظ ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجو ذاتي ڪم ڪڏهن به نه چوندو هو ، اها سندس وڏي خوبي هئي ، سنڌ جي جهر جهنگ کان مزار قائد تائين هن جا شعر سنڌ جي آواز ۾ پڙلاءُ بڻجي اڏامندا رهيا ، قائداعظم جي مزار تي سندس شڪوه اسان ڪيئن وساريون جڏهن هن شڪوه ڪندي چيو ته
    قائد اعظم کول زبان
    ڪهڙو ٺاهيئي پاڪستان
    پنهنجي ڪڙڪيدار آواز ۾ ٻڌايو ۽ حافظ جڏهن اهو نظم پڙهندو هو ته هر ٻڍو توڙي جون جوش ۾ اچي ويندو هو ، ان ئي نظم لکڻ ۽ پروگرامن ۾ پڙهڻ جي ڪري آمر ضياءَ جي دور ۾ حافظ کي جيل ۾ پڻ قيد ڪيو ويو هو ، پر حافظ مڙڻ وارو ته هو ئي ڪونه ، جيل ڪاٽي اچڻ کان پوءِ به حافظ اڃا وڌيڪ جنون ۾
    اچي اهو نظم پيش ڪندو رهيو،
    ڊسمبر جي رات جو وڇڙي ويندڙ حافظ پنهنجي ڪردار ۽ تخليقن ۾ اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندو،25
    ڊسمبر جو مهينو اسان کان پنهنجا اديب شاعر محقق کسيندڙ مهينو ثابت ٿيو آهي ، ڪيترائي ڏاها اسان کان ڊسمبر ۾ ئي وڇڙيا آهن ،
    حافظ محمد بخش سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هو سنڌين جا سور سليندي سليندي رات ڪري ڇڏيندو هو ، هن جي ڪچهري ۾ جيڪو ويٺو اهو ويٺو ئي رهندو ، ڪنهن کي به ڪچهري اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ڪونه چوندي ، اسان جي سنگت جيڪا اڪثر حافظ سان وڏي چاھ سان ملندي هئي ، انهن ۾ خاص عبداش پنهور ، شاھ محمد بروهي ، بولان خان مري ، خادم حسين پنهور ، سيد خان محمد شاھ ، سيد طارق شاھ ، شمشاد علي سيال ، حاجي اعظم ڏاهري ۽ آئون پاڻ جڏهن به حافظ محمد بخش خاصخيلي سان خاص ڪري رات جو ڪچهري ۾ ويٺاسين ته صبح جي آذان تائين حافظ جي ڪچهري مان ڪير به دوست اٿندو ڪونه هيو ، سندس ڪچهري ۾ جيڪو مزو هو ۽ جيڪا ڪچهري هئي سا حافظ جي وڃڙي وڃڻ کان بعد هاڻي ناهي رهي ، هر دوست پنهنجي منهن بس ڪڏهن ڪڏهن ئي ملڻ ٿيندو آهي ، پر نه حافظ ناهي ته اها ڪچهري به ناهي ٿيندي ، حافظ محمد بخش خاصخيلي هر سال حاجي ابوالحسن سنڌي ڏاهري جي مزار تي ابوالحسن سنڌي جي ياد ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ شرڪت ڪندو رهيو ، حاجي ابوالحسن سنڌي سٿ نالي تنظيم جو حافظ سرپرست پڻ رهيو،

    آهي ڪو سمجهائي ماڻهو
    ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو
    حافظ محمد بخش خاصخيلي پنهنجي شاعري اڪثر گنگائي به ٻڌائيندو هو ، سندس شاعري ۾ سنڌ جي ماروئڙن ، غريبن جو درد ۽ آمريت ۽ وڏيرپ واري نظام کان بغاوت جهلڪندي نظر ايندي هئي ، سندس شاعري ۾ بغاوت ڀريا لفظ ڪڏهن به سنڌ دشمنن کي ڪونه وڻيا ، ان قومي شاعري پيش ڪرڻ لکڻ جي ڪري ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حافظ کي اديب دوست چوندا هئا ته پروگرام ۾ جيڪڏهن بغاوتي ، قومي گيت پيش نه ڪرين ها ته توکي به سرڪاري چيڪ ملي ها ، هڪ دفعي ته حافظ کان مائيڪ هٿن مان کسيندي اهو چيو ويو ته تون باغي آهين ، تو پنهنجو چيڪ وڃائي ڇڏيو ، حيف هجئي يار،
    پر حافظ جي ڌرتي سان محبت هئي ۽ هو اهڙن چند پئيسن وارن چيڪن کي هميشه ٺڪرائيندو رهيو ۽ سدائين ڪنڌ اوچو ڪري هليو ، سندس شاعري ۽ شاھ جو مڪمل رسالو کيس پوري طرح ياد هيا ، شاھ سائين جي شاعري ته تحت الفظ به پيش ڪئي اٿس ، سندس هر ڳالھ هر لکڻي ، هر شعر هر سٽ ، هر لفظ ۽ هر اکر هن سنڌ وٽ امانت آهن ، سندس هر تخليق هميشه زنده رهندي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حافظ محمد بخش خاصخيلي جو وڇوڙو ۔۔۔ مجيب سنڌي

    سائين مجيب سنڌي صاحب جون مهربانيون جنهن اسان سان معلوماتي ليک ونڊ ڪيو۔

    مرحوم حافظ محمد بخش خاصخيلي صاحب جي ادبي ۽ شاعرانه سوچ کي تمام گهٽ ماڻهن تائين پهچايو ويو آهي۔ سچ ته اهان جي هي ڪاوش به قابل قدر آهي۔ مون اڳ به ڊسمبر جي مهيني ۽ وڇوڙي جي مهيني طور هڪ ليک ونڊ ڪيو هو۔ حافظ محمد بخش خاصخيلي به ان ئي ليک جي ڪڙي آهي۔
     
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: حافظ محمد بخش خاصخيلي جو وڇوڙو ۔۔۔ مجيب سنڌي

    سائين محمد سليمان وساڻ صاحب مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو