• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريموٽ ڪنٽرول سافٽويئر

ابو زين

سينيئر رڪن
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ!

سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿي ڪيئن آهن...... اميد ته پنهنجي پنهنجي خرچ تي ٺيڪ ئي هوندا.....:D

دوستو اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪا هٿ چراند ڪندا آهيون، جنهن ڪري ڪمپيوٽر ۾ ڪجهه اهڙا ايرر اچي ويندا آهن، جيڪي اسان لاءِ اڻ ڄاتل هوندا آهن. پوءِ اسان پريشان ٿيندا آهيون ته هاڻي ڇا ڪجي ۽ آخر ۾ مجبورا ونڊوز کي ٻيهر انسٽال ڪرڻو پوندو آهي. ونڊوز انسٽال ڪرڻ ڪري اسان جا ڪافي قيمتي سافٽويئر جيڪي اڳ ۾ انسٽال ٿيل هوندا آهن، ضايع ٿي ويندا آهن......

پر دوستو، جڏهن منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪو ايرر ايندو آهي ته آئون پنهنجي ڪمپيوٽر کي فارميٽ ناهيان ڪندو، بس صرف ’ادي جادوگر‘ کي انهيءَ ايرر جي باري ۾ ٻڌائيندو آهيان ۽ هو منهنجي ڪمپيوٽر مان ايرر ختم ڪري ڇڏيندو آهي.... پر ڇا ڪجي سائين جادوگر صاحب ته تمام پري آهي، هو منهنجي ڪمپيوٽر جو ايرر ڪيئن ختم ڪندو آهي....؟؟؟

حيران ٿي ويوَ نه..... ڪا ڳالهه ناهي.... هي دور ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي.... بس ڪرڻو اهو آهي ته هيٺيون سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو، پوءِ انهيءَ کي انسٽال ڪريو ۽ پنهنجي ڪنهن دوست کي به اهو سافٽويئر موڪليو ۽ انهيءَ کي به انسٽال ڪرڻ لاءِ چئو.... (دوست اهو جيڪو جادوگر وانگي ڪمپيوٽر جو ڄاڻو هجي، باقي هروڀرو علي علي جهڙي موڳي مٽر کي اهو سافٽويئر نه ڏجو، ڪٿي اڳيون نور به نه چٽ ٿي وڃي.....) :D

هاڻي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان جي ڪمپيوٽر جي آئي ڊي ۽ پاسورڊ ظاهر ٿيندو. اهو پاس ورڊ ۽ آئي ڊي پنهنجي دوست کي موڪليو..... توهان جو دوست توهان جي آئي ڊي ۽ پاس ورڊ ايڊ ڪندو..... بس پوءِ ته توهان جو دوست توهان جو ڪمپيوٽر ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو بالڪل ائين ئي ڄڻ ته هو پنهنجو ڪمپيوٽر هلائي رهيو آهي.... ۽ توهان ڏسندا رهندا ته هو ڪهڙي ڇيڙ خاني ٿو ڪري توهان جي ڪمپيوٽر سان....
آهي نه حيرت انگيز سافٽويئر....... سافٽويئر جو نالو آهي Team Viewer ۔۔۔۔۔۔ ته پوءِ دير ڇاجي...؟ هيٺين لنڪ تان سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ مون کي به پنهنجين دعائن ۾ ياد رکو.....

Team Viewer


 
واه سائين واه
اصل ان سافٽ ويئر جي ته مون کي به ڏاڍي ڳولا هئي ادا
توهان ته اصل مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو پر ادا اهو آهي ته فري وارو نه :D باقي ٽرائل يا ڪريڪ مان پاڻ ڄاڻو ئي ڪو نه sadayeen gud

lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sindhsalamatsaathsal
 
واه سائين واه
اصل ان سافٽ ويئر جي ته مون کي به ڏاڍي ڳولا هئي ادا
توهان ته اصل مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو پر ادا اهو آهي ته فري وارو نه :D باقي ٽرائل يا ڪريڪ مان پاڻ ڄاڻو ئي ڪو نه sadayeen gud

lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sindhsalamatsaathsal

سائين بالڪل فري آهي….
اڄ ڪلهه مفت جي شين تي هير ڪئي اٿو…. خير ته آهي….:D





اڙي سائين ڇا ته شيرنگ آهي وا وا ٿي وئي

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: ريموٽ ڪنٽرول سافٽويئر

dcg8sp.jpg

هڪ لنڪ مون وٽ به آهي هي وٺو لنڪ
 
جواب: ريموٽ ڪنٽرول سافٽويئر

ها سائين عبدالوحيد اوهان جي ڏنل لنڪ تي فائيل موجود نه آهي۔ اگر ممڪن ٿئي ته ان کي درست ڪري ڇڏيندا۔
 
Back
Top