غزل ۔ حافظ محمد بخش خاصخيلي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل ۔ حافظ محمد بخش خاصخيلي

اسان مان اسان جون بهارون ويون کسجي
زبانون ويون ڪٽجي پڪارون ويون کسجي

ٽُٽو سا ز د ل جو نه آ و ا ز نڪري
۽ تن جي تنبوري کان تارون ويون کسجي

جهر وڪا جُهر ي پيا ا ڱڻ ٿيا نه آ جا
ڪندي پنڌ وچ تي ڄمارون ويون کسجي

ڪنهن بي وسي کان پنهل ويو پري آ
جو سسئي سڃي کان مُهارون ويون کسجي

اِنهي ماجرا جون ڏيون ميارون ڪنهن کي
ڏکايل کان مهڻا ميارون ويون کسجي

اِ نهي ما مَ ما ر ي و ڌ و آ هي حا فظُ
جو حافظ کان در گهر ديوارون ويون کسجي
 
Back
Top