جوڳين ( راجستان ۽ ٿر) جا ثقافتي رنگ

نثارابڙو

نائب منتظم
جوڳي من جا نه ميرا سڪ جو ساز وڄائن

راجستان يا ٿر ۾ رهندڙ جوڳي هڪ اهڙو قبيلو آهي جو پوري هند ۽ سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۔۔۔ سندن رهڻي ڪهڻي، ۽ لاڏائو طبيعت سبب هو هند ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ گهمندا وتن ۽ ڪاري نانگ (ڪاريهر) کي پڪڙڻ انهن کي پالڻ ۽ انهن جي ذريعي پنهنجو گذر سفر ڪرڻ سندن خاص مشغلو آهي ۔۔۔

جوڳين جون عبادتون رياضتون ۽ ڏک ڏولاوا، جهنگ جهر جهاڳڻ ۽ هڪ مخصوص ثقافتي لباس پائي هلڻ واري ماجري کي سنڌ جي گهوٽ شاه لطيف اهڙن ته لفظن ۾ ڳايو آهي جو رونءَ رونءَ ڪانڊارجيو وڃي ۔۔۔ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ کين ڪا اهميت يا سندن ثقافت کي ڪا خاص اهميت ناهي ملي پر هند جي راجستان واري علائقي ۾ رهندڙ هن ساڳئي قبيلي کي تمام گهڻي مڃتا مليل آهي، سندن راڳ ۽ ناچ کي ثقافتي ميلن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ کين ڪيترائي انعام اڪرام ڏئي سندن همٿ افزائي ڪئي ويندي آهي ۔۔۔

جــوڳيئـــڙا جهـــان ۾، نــوري ۽ نـــاري،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري۔

سندن قبيلائي، ثقافت، اٿڻي ويهڻي ۽ راڳ ۽ ناچ هيٺ ڏنل وڊيو ۾ واضح ٿيل آهي، پاڻ ڏسو ۽ داد ڏڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪريو۔

 
جواب: جوڳين ( راجستان ۽ ٿر) جا ثقافتي رنگ

سائين نثار ابڙو صاحب لک ٿورا

اوهان جوڳين جي ثقافت ۽ سندن رهني ڪهني بابت خوبصورت ليک ونڊ ڪيو آهي ، خاص ڪري وڊيو ته ساراهه لائق آهي۔ پي ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين جي مختلف ڊرامن ۾ به جوڳين جي رهڻي ڪهڻي کي ڏيکاريو ويو آهي۔
 
جواب: جوڳين ( راجستان ۽ ٿر) جا ثقافتي رنگ

جوڳي هر علائقي ۾ رهن ٿا پر ٿر جا جوڳي پروفيشنل آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام معلوماتي ونڊ ڪيو اٿو
 
Back
Top