
نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
شاگرد تنظيمن جو اولين مقصد
زرار پيرزادو
اڄ ڪلهه سنڌي اخبارن اندر اهو به بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي مجموعي طور خراب صورتحال جو ذميوار ڪير آهي، يونيورسٽي انتظاميا يا شاگرد تنظيمون؟!
انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته پهرين ذميوار اها ڌر ئي هوندي آهي جيڪا ”صاحب اختيار“ هجي. ان حساب سان سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي بنيادي ڊيوٽي آهي ته اها يونيورسٽيءَ جو تدريسي توڙي انتظامي ماحول درست رکي ۽ ان کي متاثر ٿيڻ نه ڏئي.
جڏهن ته شاگرد تنظيمن کي اهو سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميا فرشتو بڻيل هجي، سڀ ٺيڪ هجي ۽ سڀ معاملا درست انداز م هلائيندي هجي ها ته پوءِ اداري اندر شاگرد سياست جو ڪهڙو جواز هجي ها!
شاگرد سياست جي وجود جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اها شاگردن توڙي شاگرد تنظيمن جي بنيادي حقن جو محافظ بڻجي ۽ شاگردن جي مفادن خلاف ٿيندڙ انتظامي فيصلن کي روڪڻ جي جدوجهد ڪري.
سو يونيورسٽي انتظاميا يقينن شاگردن ۽شاگرد تنظيمن لاءِ مسئلا پيدا ڪندي هوندي جنهن جي رد عمل ۾ شاگرد تنظيمون پريشر گروپ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون، جيڪو کين ڪرڻ به گهرجي.
سو ڪنهن کي اهو اعتراض ناهي ته شاگرد تنظيمون پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڇو ٿيون ڪن پر بنيادي اعتراض سندن طريقيڪار تي هوندو آهي.
انتظاميا شاگرد دشمن عمل ڪري ٿي سا ڳالهه ته يقينن مذمت جوڳي آهي پر جڏهن شاگرد تنظيمون به شاگردن جي مفادن خلاف ڪم ڪن ته ان عمل کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟
شاگرد تنظيمن جي جدوجهد يا احتجاج جو اولين مقصد تعليم ۾ رخنو وجهڻ نه پر رخني کي ختم ڪرڻ هئڻ گهرجي. تدريسي عمل تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گهرجي.
اهڙو احتجاج ڪرڻ گهرجي جنهن سان شاگردن جا مسئلا حل ٿين پر اسان جون شاگرد تنظيمون اهڙا احتجاج ڪنديون آهن جو انتظاميا جو پنهنجو وهنوار ته پيو هلندو آهي پرجيڪڏهن ڪو عمل رڪبو آهي ته اهو تعليم جو ئي هوندو آهي.
انتظاميا خلاف شاگرد تنظيمن جي احتجاج سان جيڪڏهن انتظامي وهنوار متاثر نٿو ٿئي الٽو ڪلاس بيهي وڃن ٿا ۽ امتحان ملتوي ٿي وڃن ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته شاگرد تنظيمن کي پنهنجي جدوجهد ۽ طريقيڪار جو نئين سري سان جائزو وٺڻو پوندو ۽ احتجاج جو پرامن، تخليقي توڙي تعميري طريقو استعمال ڪرڻو پوندو.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته موجوده شاگرد تنظيمن جي جدوجهد ۽ احتجاج جو طريقو اهڙو آهي جو اهي جنهن ٽاريءَ تي ويٺل آهن تنهن کي پاڻ ئي ڪهاڙي سان ڪٽيندا رهن ٿا.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان