عظيم
سينيئر رڪن
اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش کي جوتا هڻندڙ عراقي صحافي منتظر الزيدي کي آزاد ڪيو ويو آهي، جتي عراقي قوم ان جو شاندار استقبال ڪيو آهي، سڌ سماءَ جي ذريعن موجب منتظر الزيدي جيڪو سومر ڏينهن آزاد ٿيڻو هو، ان کي هڪ ڏينهن بعد ڪالهه آزاد ڪيو ويو آهي، منتظر الزيدي کي 9 مهينن بعد آزاد ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي هر طرف جشن وارو ماحول هو، جڏهن ته هن جا ويجها مائٽ، دوست ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو ان جي گهر گڏ ٿي ويا هئا،منتظر الزيدي جي گهر ان جا وڏا پوسٽر لڳايا ويا هئا ۽ ان جي گهر کي مڪمل طور سجايو ويو هو ۽ جشن جهڙو ماحول هو، رمضان شريف باوجود عراقي قوم جي هيرو جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته منتظر الزيدي آزادي بعد عراقي جيل عملدارن تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، هن مطالبو ڪيو ته کانئس معافي ورتي وڃي ۽ جن اهلڪارن مٿس تشدد ڪيو، انهن جا نالا هو بعد ۾ ظاهر ڪندو، ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو ته آزاد ٿيو ويو آهي پر سندس ملڪ اڃا به غلام آهي.
روزاني ڪاوش تان ورتل
sindhsalamatsaathsal
روزاني ڪاوش تان ورتل
sindhsalamatsaathsal